ڪجهه نئين نسل جي باري ۾!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    وينگس

    [JUSTIFY]دنيا جي جهول ۾ ڪڏهن به نئون دور ناهي آيو، جيڪي به دور اسان جي جهول ۾ آيا آهن اهي پراڻي دورن جي ڪُکُ مان پيدا ٿيل آهن. انهن سڀني ۾فرق ا هو ئي آهي ته نئون دور گذريل دورن جي عملن کي مسلسل ورجهائڻ جي انهن ۾نواڻ پيدا ڪئي، جيڪي دور نواڻ پيدا نه ٿا ڪري سگهن اهي پنهنجي موت کي پاڻ سڏ ڏين ٿا.
    پاڪستان جي هلندڙ حالتن کي ڏسندي هي چوندا رهيا آهيون ته پاڪستان ڪڏهن به تاريخ مان سبق ناهي سکيو ۽ هر نئين دور کي پاڪستان جي اهم حڪمران طبقي ماضي جي حڪمت عملين ۽ روين سان هلايو آهي، ڪنهن سچ چيو آهي ته تاريخ پاڻ کي ورجائيندي آهي هلندڙ دور جيڪڏهن ماضي کان هٽي ڪري ڪم نه ٿو ڪري انهن جو حالتون اوهڙيون رهندڙ آهن جيڪي گذريل ماضي ۾ رهندڙ هونديون آهن، درحقيقت تاريخ پاڻ کي ورجائي ته ٿي پر حالتون ساڳيون رهن ٿيون.
    معاشرو پنهنجي دور کي پراڻي دور کان نئين دور جي رنگ ۾ ڪيئن رنگي سگهجي ٿو؟ ان جي ذميواري معاشري جي عوام تي آهي، دور جوڙيندڙ ماضي ناهي هوندو دور کي ٺاهيندڙ عوام آهي، ان جي ڪلهن تي ذميواريون عائد ٿين ٿيون ته پنهنجن ذميوارين سان ڪهڙي نموني نڀاءُ ڪن ٿا؟
    سنڌ جي حالتن کي ڏسندي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ ماضي دور کان به پٺتي وڃي رهي آهي، سنڌ ماضي ۾ به ائين نه هئي جيئن اڄڪلهه سنڌ آهي. انهي تي سنڌ جي سينئير صحافي ”جئه پرڪاش موراڻي رايو ڏيندي چيو ته ماضي ۾ اسان جو نسل پڙهندڙ هو ان کي تاريخ جي ڄاڻ هئي شين جي سمجهه هئي، ڇاڪاڻ جو اسان پنهنجن گهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ علم پرايو جن اسان جي نسلن جي بهتر نموني نشو نما ڪئي. جيڪڏهن توهان موجوده دور جي نسل تي نظر رکندوء ته ڪنهن حدتائين انهن جو به ڪو قصور ناهي ڇاڪاڻ جو مسئلو هي آهي ته اسان انهن جي ذهني اوثر ڪيئن ڪئي آهي؟ موجوده دور ۾ اسان پنهنجي نئين نسل کي ڪيئن علم ڏئي رهيا آهيون؟ اهي جيڪڏهن تاريخ يا تاريخي ڪردارن جي ڄاڻ نه ٿا رکن؟ ۽ غير پائيدار علم تي پنهنجي راءِ ڏين ٿا ته هي اسان لاءِ وڏو نقصان آهي.“
    جنهن جي جي راءِ ڪنهن حد تائين درست به آهي، ڇو جو هتي پهرين ذميواري اسان جي ادارن تي اچي ٿي اهي ادارا گهر کان وٺي تعليمي ادارا ۽ ساڃهه وندن جي پهرين ذميواري آهي ته اهي نوجوان جي ذهنن جي نشو نما ڪيئن ٿا ڪن؟ جيڪڏهن اسان پنهنجي نئين نسل جي درست نموني سان نشو نما نه ڪئي ته پوءِ اسان ماضي دور کان به بدتر دورن ۾ هونداسين، جيئن اسان هينئر آهيون ته اسان جو موجوده دور ماضي دور کان به ڪمزور دور آهي.
    ان ۾ ڪا گهٽتائي ڪانهي ته اسان جو هر نئون دور پراڻي دور جو نسل آهي، پر هاڻي هي اسان جي ذميواري آهي ته اسان ماضي جي دور مان بهترين شين جي چونڊ ڪري موجوده دور کي سگهارو ڪري بهترين دور ڪيئن ٿا بڻائي سگهون؟ جيڪڏهن اسان هلندڙ دور کي ماضي جي روايتي انداز سان رکيو ته پوءِ هلندڙ دور جي حالت معذور ٻارن جيان هوندي جن ۾ وڌيڪ زندگي گذارڻ جي گهٽ طاقت هوندي آهي ۽ انهن جي سڄي زندگي ٻين جي سهاري تي هلندي رهندي.
    ڇا اسان پنهنجي دور کي ٻين جي سهاري ڇڏي ڏينداسين يا وري ان کي ايترو سگهارو ڪيون ته جيئن ايندڙ نئون نسل به موجوده نسل جي پائيدار جوڙيل معاشري جي ڇانو ۾ ساهه کڻي سگهي. هي سڀ اسان تي آهي ته اسان پنهنجي موجوده دور کي ڪيئن کڻي رهيا آهيون. اسان جو ماضي ائين نه هو جيئن اسان جو حال آهي. انهي ڪري اسان کي هن دور جي درست نموني سنڀال ڪرڻ گهرجي جي اسان نه ڪيو ته پوءِ ايندڙ وقت لاءِ اسان ڇا ڇڏي رهيا آهيون، ڇا اسان ايٿوپيا ۽ ريڊ ايڊين جهڙي حالتن ۾ سنڌ کي ڌڪي سنڌ کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا؟
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو