عرس پريو
سينيئر رڪن
فراق هاليپوٽو
منهنجي دل جي لاءِ تنهنجو سينو ڪافي آهي
۽ تنهنجي آزاديءَ لاءِ منهنجا پرَ (کنڀ)
تنهنجي روح ۾ جيڪو به سمهي رهيو هو
مون مان اٿي جنت ۾ هليو ويندو
تون هر ڏينهن جي شروعات آهين
تون گلن تي ڪرندڙ ماڪ جيان جلوه گر ٿئين ٿي
تون پنهنجي غير موجودگيءَ ۾
افق کي بي معنيٰ ڪريو ڇڏين
تون هڪ لهر جيان هميشه متحرڪ رهين ٿي
مون چيو هو
تون هوا ۾ صنوبر جي وڻن
۽ ٻيڙين جي ونجهن جيان ڳائين ٿي
تون انهن جيان قداور ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ آهين
تون سمنڊ جي ڊگهي سفر جي اداسي آهين
تون پراڻن رستن جيان
پنهنجون ويجهيون شيون سهيڙي وٺين ٿي
تنهنجو وجود پراڻين يادن سان ڀريل آهي
آئون جاڳيس ته ان وقت تائين
سڀ پکي اڏري چڪا هئا
جيڪي ڪڏهن تنهنجي روح ۾ سمهندا رهندا هئا
منهنجي دل جي لاءِ تنهنجو سينو ڪافي آهي
۽ تنهنجي آزاديءَ لاءِ منهنجا پرَ (کنڀ)
تنهنجي روح ۾ جيڪو به سمهي رهيو هو
مون مان اٿي جنت ۾ هليو ويندو
تون هر ڏينهن جي شروعات آهين
تون گلن تي ڪرندڙ ماڪ جيان جلوه گر ٿئين ٿي
تون پنهنجي غير موجودگيءَ ۾
افق کي بي معنيٰ ڪريو ڇڏين
تون هڪ لهر جيان هميشه متحرڪ رهين ٿي
مون چيو هو
تون هوا ۾ صنوبر جي وڻن
۽ ٻيڙين جي ونجهن جيان ڳائين ٿي
تون انهن جيان قداور ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ آهين
تون سمنڊ جي ڊگهي سفر جي اداسي آهين
تون پراڻن رستن جيان
پنهنجون ويجهيون شيون سهيڙي وٺين ٿي
تنهنجو وجود پراڻين يادن سان ڀريل آهي
آئون جاڳيس ته ان وقت تائين
سڀ پکي اڏري چڪا هئا
جيڪي ڪڏهن تنهنجي روح ۾ سمهندا رهندا هئا