لاڙڪاڻي شهر جو تصويري منظر نامون

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ manzr طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2011۔

  1. manzr

    manzr
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 اپريل 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    السلام عليڪم دوستو

    ڪجهه وقت پهريان مون پنهنجي رڪنيت سنڌ سلامت تي حاصل ڪئي هئي۔ ڪافي مصروفيتن جي ڪري سنڌ سلامت کي وقت نه ڏئي سگهيس۔۔۔ اڄ سنڌ سلامت تي پنهنجو مختصر تعارف به هن تحرير سان ڪرايان ٿو۔

    منهنجو نالو منظر علي جلباڻي آهي مان لاڙڪاڻي جي شهر سان تعلق رکان ٿو۔۔۔ منهنجي تعليم ايم اي انٽرنيشنل ريليشن ۾ ٿيل آهي۔ منهنجي طبيعت ۾ عاجزي ۽ انڪساري هميشه رهي آهي۔

    اڄ جيڪا ويڊيو سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪرايان ٿو۔ اميد ته اوهان انهي کي ڏسي ڪري لاڙڪاڻي جي دلچسپ ۽ من موهيندڙ شهر کان واقفيت حاصل ڪندا۔۔۔

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لاڙڪاڻي شهر جو تصويري منظر نامون

    محترم دوست منظر علي جلباڻي صاحب سڀ کان پهريان ته اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار

    اوهان جهڙي قابل دوستن کي نيٽ جي دنيا ۾ ڏسسي گهني خوشي ٿيندي آهي۔ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو يا وري هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو جهڙيون چوڻيون ته گهڻو مشهور آهن ۽ اڄ اوهان پنهنجي پهرين ئي شيئرنگ ۾ سنڌ جي هڪ اهم شهر لاڙڪاڻي جي تصويري تاريخ ونڊ ڪري قرب ڪري ڇڏيا آهن۔

    دوست اوهان جيء آيا ڀلي آيا ۽ اوهان جي اچڻ سان اسان جا حوصلا اڃان وڌي ويا آهن۔ انشاء الله اوهان جي ساٿ سان اوهان ۽ اسان جو هي گڏيل فورم انشاء الله ٻوليء جي خدمت ۾ پيش پيش هوندو۔ اوهان کي هڪڙوعرض ته اوهان هت ڪلڪ ڪري تعارف واري سيڪشن ۾ پنهنجو تفصيلي تعارف ڏيو جيئن دوستن اوهان کان واقف ٿي سگهن۔

    هڪ دفعو وري اوهان کي ڀليڪار
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لاڙڪاڻي شهر جو تصويري منظر نامون

    يار ڳوٺائي۔ اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ ۔۔۔ اوهان شروع شروع ۾ آيا هيا، پر پوءِ وري اهڙو گم ٿيا جو اڄ وري اچي دل خوش ڪري ڇڏي اٿوَ ۔۔۔ مونکي لاڙڪاڻي ڏانهن آئي ڪافي سال ٿي ويا اهن ۽ هي تازي وڊيو ڏيکاري اصل پرديس ۾ ئي لاڙڪاڻو گهمائي وڏا وڙ ڪيا اٿوَ ۔۔۔ لاڙڪاڻي ۾ مڇي ۽ گوشت مارڪيٽ جي ڀر ۾ رهندڙ جلباڻين، جن جون ماضيءَ ۾ بسون به هيون (جلباڻي ٽرانسپورٽ) سان ته اسانجون دوستيون هيون، پر وقت جي ڦيٿي سالن جون جدائيون وجهي ڇڏيون آهن ۔۔۔

    ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سپرين،
    ڳاهي ڳاهه فرق جي، ڪيا ڌارئو ن ڌار،
    نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندو ڪنهن سان۔

    رب اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: لاڙڪاڻي شهر جو تصويري منظر نامون

    محترم دوست منظر علي جلباڻي صاحب سڀ کان پهريان ته اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار
    دوست لاڙڪاڻي شهر جو خوبصورت منظر پيش ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو