• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

علم اسان جي ميراث سا سنڀاري نه سگهياسين

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن

علم اسان جي ميراث سا سنڀاري نه سگهياسين



علم اسان جي ميراث سا سنڀاري نه سگهياسين
جتان ايندو آهي انقلاب سو ٻوٽو ٻاري نه سگهيا سين

هميشه محڪومي ۽ غلامي رندي مقدر اسان جو
جي جهالت کي پنهنجي قوم، مان اکاڙي نه سگهياسين ۔

اسڪول ڪالج ۽ يونيورستيون تباه حال آهن
نه بچندو ڪجه جي ڪاپي ڪلچر لتاڙي نه سگهيا سين

هر ميدان ۾ هر اداري ۾ وٺڻي آهي پنهنجي نمائدگي
ڇا چونداسين جي دُشمن کي پڇاڙي نه سگهياسين

ڏوهي رهندا سين ڏاڏل قيامت ۾ قوم جا اسان
مري وينداسنين جي ٻار پنهنجي کي نه پاڙهي سگهياسين



 
جواب: علم اسان جي ميراث سا سنڀاري نه سگهياسين

ادا ڏاڏل اوهان ته اسان جي معاشري جي ڏکيل رڳ تي هٿ رکي ڇڏيو آهي، الله اسان کي سڌي واٽ جلد ڏيکاري ، آمين۔
 
جواب: علم اسان جي ميراث سا سنڀاري نه سگهياسين

اسڪول ڪالج ۽ يونيورستيون تباه حال آهن
نه بچندو ڪجه جي ڪاپي ڪلچر لتاڙي نه سگهيا سين
ادا ڏاڏل سچ ٿا چئو انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي
تمام بهترين ونڊ
 
جواب: علم اسان جي ميراث سا سنڀاري نه سگهياسين

سائين هي اسان جي معاشري جي عڪاسي ئي ته آهي ۔صرف دعائن سان شايد هاڻي ڪم نه ٿيندو اسان تباهي جي ان مقام جا مسافر آهيون جتان شايد واپسي محال نه پر انتهائي مشڪل آهي ۔
وسلام
 
جواب: علم اسان جي ميراث سا سنڀاري نه سگهياسين

سائين ڏاڏل اوهان هڪ اهڙي نڪتي جي طرف اسان دوستن جي راهنمائي ڪئي آهي
جنهن کان انڪار ڪرڻ جي اسان نه ٿا سوچي سگهون ان سان گڏوگڏ جيستائين اسان وڏيرا ازم جو خاتمو نه ڪنداسين ان وقت تائين قوم جو سڌارو ناممڪن لڳي ٿو
 
جواب: علم اسان جي ميراث سا سنڀاري نه سگهياسين

سائين بلڪل اوهان سچ فرمايو جواد عسڪري صاحب
 
Back
Top