جي ايم سيد جو فڪر ۽ اڄوڪي سنڌ تحرير: عبدالخالق جوڻيجو (17 جنوري 2011 تي لکيل مضمون جي تسلسل ۾) [JUSTIFY]مٿي ذڪر ڪيل مضمون ۾ مون لکيو هئو ته ”جي.ايم سيد بلاشبه هڪ متنازعه شخص هئو ۽ بلاشبه دنيا جا وڏا ماڻهو، غيرمعمولي ماڻهو متنازعه ٿيندا آهن. اهي ان ڪري متنازعه هوندا آهن ته اهي نوان ۽ مختلف خيال پيش ڪندا آهن، اهڙا خيال جيڪي ان وقت جي مروج روايتن، معيارن ۽ تصورن جي خلاف هوندا آهن.“ جي.ايم سيد ڪجهه خيال ۽ ڪجهه ڳالهيون پاڪستاني رياست بابت ۽ ان جي مستقبل بابت پيش ڪيون ۽ ڪجهه ڳالهيون ۽ ڪجهه خيال هن سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي سماج ۽ انهن جي مستبل بابت پيش ڪيا. ان ڪري هو نه رڳو پاڪستان ۾ متنازعه رهيو پر سنڌ ۾ پڻ. پاڪستان جي حوالي سان سندس سوچن، خيالن ۽ ڪوششن جو اڄوڪين حالتن جي روشنيءَ ۾ مختصر جائزو اسان گذريل مضمون ۾ وٺي چڪا آهيون، اڄ سنڌي سماج جي حوالي سان گفتگو ڪنداسين. ڪي ماڻهو چئي سگهن ٿا ته جي.ايم سيد سنڌ سان ته محبت ڪندو هئو پوءِ سنڌ ۾ ڇو متنازعه هئو. ته نفرت جي.ايم سيد پاڪستان ۽ پاڪستان وارن سان به ڪو نه ڪندو هئو، بلڪه ڪنهن سان به ڪو نه ڪندو هئو. هو ته صوفي منش، انسانذات ۽ انسانيت سان محبت ڪندو هئو. محبت ۽ نفرت جي ان مونجهاري کي سندس ئي زباني سمجهڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون. نظربنديءَ وارن ڏينهن دوران هڪ دفعي سائينءَ ٻڌايو ته سندس نياڻي ڊاڪٽر درشهوار سندس ڪتاب ’ديار دل داستانِ محبت‘ پڙهڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن صبح سان ئي سندس ڪمري ۾ آئي ۽ اچڻ سان سوال ڪيائين ته ”توهان هن ڪتاب ۾ محبت جو داستان بيان ڪيو آهي پر توهان پنهنجي سياسي زندگيءَ ۾ مختلف موقعن تي ’پاڪستان جي حڪمرانن‘ يا ’پنجابي مهاجر مستقل مفاد‘ کان نفرت جو اظهار ڪندا رهندا آهيو، اهو ڪيئن؟ سائين پنهنجي پياري ڌيءُ کي جيڪو جواب ڏنو سو سندس زباني هيءُ هئو، ”انسان کي پنهنجو سمورو جسم ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين هڪ جيترو پيارو هوندو آهي. پر جيڪڏهن هٿ جي هڪڙي آڱر ۾ زخم ٿي پوي ۽ اهو ناسور جي شڪل اختيار ڪري وڃي ته پوءِ ان کي ماڻهو ڪٽرائڻ بهتر سمجهندو آهي. ان جو مطلب اهو نه هوندو آهي ته ڪو ان آڱر کان ماڻهو کي نفرت هوندي آهي بلڪه سڄو جسم جنهن سان کيس محبت هوندي آهي ان جي تحفظ خاطر هو ان ڪني آڱر کي وڍرائڻ بهتر سمجهندو آهي. آءٌ انساني سماج کي پنهنجي جسم وانگر سمجهان ٿو ۽ انسانذات سان محبت ڪريان ٿو، پوءِ ان جي خاطر جيڪي ضروري هجي ٿو سو چوان ۽ ڪيان ٿو.“ جي.ايم سيد جي سنڌ سان محبت ڪو جذباتي يا وقتي عمل نه هئو پر ان جون پاڙون تاريخي شعور تي بيٺل هيون. هن سنڌ جي تاريخ جو به گهرو مطالعو ڪيو هئو ته عالمي تاريخ ۽ ان ۾ قومن جي عروج ۽ زوال، لاهن ۽ چاڙهن تي به هن جي نظر هئي. ان پسمنظر ۾ سندس چوڻ هئو ته سنڌي قوم جي بقا، نجات ۽ ترقيءَ تي اهي عالمگير اصول لاڳو ٿين ٿا جيڪي دنيا جي ٻي ڪنهن به قوم تي لاڳو ٿيا آهن يا ٿي سگهن ٿا، اهي اصول جن جو ادراڪ رکندڙ ۽ خبردار رهندڙ قومن انساني تاريخ ۾ عروج حاصل ڪيو جڏهن ته انهن (اصولن) کي نظرانداز ڪندڙ يا انهن کان لاپرواه رهندڙ قومن کي زوال جو منهن ڏسڻو پيو. چيو ويندو آهي ته قومن جو حال قومن جي ماضيءَ کي مستقبل سان ڳنڍڻ جو ذريعو هوندو آهي. جي.ايم سيد شاندار ماضيءَ واري سنڌ جو مستقبل روشن ڏسڻ ٿي چاهيو ان ڪري هن سنڌ جي حال کي فطرت جي عالمگير اصولن تحت بهتر ڪرڻ جي جستجو ۾ سڄي زندگي گذاري. جي.ايم سيد قومن جي مستقبل جي باري ۾ ’بهترين جي بقا‘ (survival of the fittest) جي اصول ۾ يقين رکندو هئو يعني ته هيءَ دنيا مقابلي جو ميدان آهي، ان ۾ رڳو اها قوم زنده رهي سگهندي جنهن ۾ اهليت ۽ صلاحيتن جي پرک تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ان کي مشڪل ۽ ناموافق حالتن جي ڪڙي آزمائش مان گذرڻو ٿو پوي ۽ ان اهليت ۽ صلاحيت جي نوعيت ۽ درجي جي صحيح خبر تڏهن پوندي جڏهن ان جو تنقيدي جائزو ورتو ويندو. ان ڪري ئي ڪنهن ڏاهي چيو ته ”غير تنقيدي رويو موت جي نشاني آهي.“ جيئن ته جي.ايم سيد سنڌين کي دنيا جي زنده قومن جي قطار ۾ روشن مستقبل واري باوقار قوم جي صورت ۾ ڏسڻ پئي گهريو ان ڪري هن سنڌي قوم جي حال جو تنقيدي جائزو ورتو ۽ پيش ڪيو. هن سنڌي قوم جي فطري، تاريخي ۽ تهذيبي خوبين، خاصيتن ۽ قوتن (Strength) جي تفصيلي ۽ ڀرپور اپٽار به ڪئي ته ان جي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي به ڀليءَ ڀت اجاگر ڪيو، جتي هن سنڌي سماج جي مثبت پاسن جي تعريف ڪئي اتي ان جي منفي رخن جي مذمت به ڪئي. اها ئي وجهه هئي جي.ايم سيد جي سنڌ ۾ متنازعه ٿيڻ جي. ۽ اهي سنڌ ۾ متنازعه ٿيڻ واريون ڳالهيون هن سنڌ سان محبت جي جذبي تحت ئي ڪيون. هن چاهيو پئي ته سنڌ، آزاد، خودمختيار ۽ خوشحال هجي، هن جو مقصد هئو ته سنڌي سماج صحتمند، طاقتور ۽ ترقي پذير هجي. هن سنڌي سماج کي جامد ٿيڻ کان بچائڻ پئي چاهيو ڇاڪاڻ ته هن کي انساني سماج جي تاريخ جو علم اهو احساس ڏياريو هو ته رڳو هڪ متحرڪ، چٽاڀيٽي ڪندڙ ۽ تبديليون قبول ڪندڙ سماج ئي صحتمند رهي ۽ طاقتور ٿي سگهي ٿو ۽ هن اهو به ڄاتو ٿي ته صرف اهو سماج، اها قوم ٻاهرين حملن ۽ يلغارن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪري سگهي ٿي جيڪا اندروني طور مضبوط هجي. هن جي ڪوشش رهي ته سنڌي سماج جي مثبت ڳالهين کي وڌيڪ اجاگر ۽ اثرائتو ڪري ان کي وڌيڪ خوبصورت بڻائجي پر سڳائي وقت هن ان لاءِ به جاکوڙيو ته سنڌي سماج جي منفي پاسن کي ختم يا درست ڪري ان جي مسقتبل کي خطرن کان محفوظ بڻائجي. ٻين لفظن ۾ ته هن پنهنجي محبوب وطن جي مستقبل جي اهڙي تصوير بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا هر طرح مڪمل ۽ ٻِين مهذب ۽ ترقي يافته قومن سان سونهن ۾ همسري ڪندڙ هجي. چوڻي آهي ته ”توهانجو سچو دوست اهو آهي جيڪو توهانجي منهن تي اُها ڳالهه نه چوي جيڪا توهان کي سٺي لڳي پر اها ڳالهه چوي جيڪا توهان جي لاءِ سٺي هجي.“ جي.ايم سيد جيئن ته سنڌي ۽ سنڌين جو سچو دوست هئو تنهن ڪري هن اهي ڳالهيون چيون ۽ اهي عمل ڪيا جيڪي سنڌي قوم جي مستقبل جي لاءِ سٺا ۽ صحيح هئا پوءِ ڀلي اُهي ڳالهيون ڪيڏيون به ڪڙيون هجن ۽ اُهي عمل (ماڻهن لاءِ) وقتي طور ڪيترا به تڪيلف ڏيندڙ ڇو نه هجن، بلڪل ائين جيئن اسان پنهنجي ڪنهن پياري ماڻهو يا گهر ڀاتيءَ جي بيماريءَ جي صورت ۾ ان کي زهر جهڙيون ڪڙيون دوائون به پياريندا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي انتهائي تڪليف ڏيندڙ آپريشن به ڪرائيندا آهن. اهو سڀ ان لاءِ هوندو آهيته اسان ان فرد سان محبت ڪندا آهيون ۽ ان کي صحتمند ڏسڻ چاهيندا آهيون. جي.ايم سيد ائين ڪو نه ڪيو ته سنڌي ماڻهن کي پنهنجو ’معتقد‘ بنائڻ لاءِ انهن کي رڳو اهي ڳالهيون ٻڌائي جيڪي وقتي طور وڻندڙ لڳن (جيئن ڦال ڪڍڻ وارا ڪندا آهن) هن واه واه ڪرائڻ لاءِ سچيون ۽ ڪوڙيون ڪهاڻيون ڪو نه ٻڌايون جيئن ٻين ڪجهه ليڊرن ڪيو جو انهن ماڻهن کي ڏينهن جا خواب ڏيکاريا ۽ هر ماڻهوءَ جي منهن تي ان جي مرضيءَ واري ڳالهه ڪئي، غريبن کي چيائون ته طاقت جا مالڪ توهان آهيو پر عملي طرح طاقت جا سڀ وسيلا ۽ ذريعا (پهرين کان به وڌيڪ) سماج ۽ مملڪت تي قابض ڌرين جي هٿ ۾ ڏنا، ترقي پسندن کي خوش ڪرڻ لاءِ سوشلزم جي ڳالهه ڪئي ته ٻي طرف اسلام پسندن کي راضي رکڻ خاطر ملڪ ۾ مذهبي قانون لاڳو ڪيا ۽ سنڌين جا ووٽ وٺڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي تعريف ڪئي جڏهن ته سنڌيءَ ٻوليءَ جي دشمنن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ مٿان اردوءَ کي مڙهيو. ٻيو ته ٺهيو پر هن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڦرجندڙ قوم سنڌي ۽ ڦريندڙ قوم پنجاب جي هڪ ئي وقت وڪالت ڪئي. جي.ايم سيد هڪڙيون ڳالهيون اهي ڪيون جيڪي عام سنڌي ماڻهو لاءِ هيون، هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ هيون جيڪو سنڌ جي نجات، سنڌي سماج جي ترقي ۽ سنڌي ماڻهن جي اجتماعي بهتريءَ ۾ دلچسپي رکندڙ هئو، پر ٻيون وري اهڙيون چيائين جيڪي خاص طور سندس ساٿين ۽ حآمين لاءِ هيون. يا جيڪي ڳالهيون سڀني سنڌ دوست ماڻهن لاءِ هيون انهن لاءِ به سندس چوڻ هوندو هئو ته سندس ساٿين ۽ حمايتن کي انهن بابت عملي مثال جو مظاهرو ڪرڻ کپي. سڀ کان پهرئين ڳالهه ته جي.ايم سيد جو رويو زندگيءَ ڏانهن ۽ سماج ڏانهن سائنسي هئو. هن وٽ هر ڳالهه جو بنياد عقيدي تي نه پر عقل تي هوندو هئو. هو هر شئي کي، هر عمل کي ۽ هر واقعي کي عقل ۽ دليل جي بنياد تي پرکيندو هئو. ۽ پوءِ جنهن شئي کي صحيح سمجهندو هئو ان کي صحيح ۽ غلط کي غلط چوڻ ۾ ڪنهن به قيمت تي ۽ ڪنهن به صورت ۾ رک رکاءُ نه ڪندو هئو ۽ ان جي هر نتيجي لاءِ تيار هر قيمت ادا ڪرڻ تي آمدهه هوندو هئو. ان ڏس ۾ هِن وڏي کان وڏن ۽ پراڻن کان پراڻن نظرين کي به تنقيد جي ڇاڻيءَ مان ڇاڻيو ۽ ماڻهن وٽ مقدس حيثيت حاصل ڪري ويل ڳاليهن کي به چئلينج ڪيو. ان لاءِ هڪ مثال سندس ڪتاب ”جيئن ڏٺو مون“ آهي. يا ماڻهن ۾ آفاقي حيثيت حاصل ڪري ويل محمد علي جناح کي جڏهن غلط سمجهيائين ته ان کي ۽ ان جي نظريي کي چئلينج ڪرڻ ۾ هڪ لمحي جي به دير نه لڳايائين. سيد سنڌي ماڻهن کي ڪي به اهڙا رويا اختيار ڪرڻ جي تعليم ۽ تربيت ڏني ۽ انهن مان اهڙي عمل جي توقع رکندو هئو. اڄ صورتحال اها آهي ته ٻِيا ته ڇڏيو ڪيترا سندس حامي ۽ پوئلڳ اهڙا آهن جن عقل کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي. ۽ بدترين قسم جي عقيدي پرستي جو شڪار آهن. ايتري تائين جو خود جي.ايم سيد سان سندن رويو عقل جي بجاءِ عقيدي تي ٻڌل آهي. انهن وٽ هر ڳالهه جو جواب اهو آهي ته جي.ايم سيد فرمايو ۽ انهن جي نزديڪ فڪر جي.ايم سيد ۾ آهي. باقي فڪر جي.ايم سيد کي انهن ڪيترو پڙهيو ۽ سمجهيو آهي انهن جي خبر سندن اهڙن جملن مان ئي پئجي ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته سيد جي فڪر جو بنياد ئي عقيدي پرستي جي مخالفت تي آهي. سيد چيو ته پيغمبر به غلطيون ڪري سگهن ٿا هي همراهه چون ته جي.ايم سيد غلطيون نه ٿو ڪري سگهي. سيد چيو ته انسان خطا جو گهر آهي ۽ اهوبه اقرار ڪيو ته مون غلطيون ڪيون آهن پر هنن وٽ جي.ايم سيد کي غلط چوڻ ڪفر آهي. جي.ايم سيد وٽ عقل ۽ دليل جي ايتري اهميت هئي جو هن پنهنجي زندگيءَ جي شايد سڀ کان اهم ڪتاب جو نالو ئي رکيو سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ؟. سنڌ جو ڪلچر بيشڪ شاندار ۽ شاهوڪار آهي. پر جيئن ڪو به فرد ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کان پاڪ نه آهي تيئن دنيا جي ڪا به قوم اهڙي ناهي جنهن جي ڪلچر ۾ رڳو مثبت ۽ سٺيون ڳالهيون هجن، ڪا به ڪسائي، ڪا به خرابي ۽ ڪا به منفي شئي نه هجي. يا ائين به آهي ته ڪي شيون جيڪي هڪ وقت درست سٺيون هيون اهي وقت گذرڻ سان سماج لاءِ غلط ۽ نقصانڪار بڻجيو وڃن. جي.ايم سيد عقل ۽ دليل جي بيناد تي سنڌي ڪلچر جي ڇنڊڇاڻ ڪندي ان جي منفي ۽ مثبت پاسن کي ۽ سٺين ۽ خراب ڳالهين کي چٽو ۽ الڳ ڪري رکيو. پنهنجي ڪتاب سنڌي ڪلچر ۾ هن هڪ زنده ڪلچر کي وهندڙ درياءَ سان ڀيٽ ڏني جيڪو هر وقت متحرڪ آهي، جيڪو اڳتي ئي وڌندو ٿو رهي، جيڪو پنهنجي سفر دوران پنهنجي ڪل مان ڪيترا جزا، ڪيترا حصا پوئتي ڇڏيندو ٿو وڃي ۽ وري ڪيترن ٻين درياهن، ندين نالن ۽ برسات جو پاڻي ۽ ان پاڻيءَ سان گڏ تازي مٽي ۽ ٻي غذائيت (Nutrients) کڻندو پاڻکي صحتمند بڻائيندو، جلا بخشيندو ٿو وڃي. ان جي ڀيٽ ۾ اڄ پنهنجي ڪلچر بابت اسانجو عمومي رويو مختلف آهي. ان ۾ ٻه خاص نڪتا آهن، هڪ ته اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جو ڪلچر بهترين ۽ مڪمل آهي ۽ ٻيو ته ان کي اسان ساڪت ۽ جامد ڪري بيهاري ڇڏيو آهي. نه اسان پاڻ ان ۾ ڪا نواڻ پيدا ڪريون ٿا ۽ نه ٻين قومن ۽ سماجن کان ڪجهه وٺڻ چاهيون ٿا. ڪيترين مدي خارج رسمن ۽ سماجي براين کي اسان سنڌي ڪلچر جي نالي ۾ تحفظ ٿا ڏيون. عورتن سان ناروا سلوڪ، قتل جي بدلي قتل، قبائليت ۽ جاگيرداراڻا رويا، انهن سڀني منفي ۽ سنڌي سماج لاءِ هاڃيڪار شين کي سنڌ جي تهذيب جو نالو ڏنو ٿو وڃي. ۽ وڌيڪ افسوس ته ان معاملي ۾ به ڪيترا پاڻکي سيد جا ’سچا ۽ قريبي ساٿي‘ سڏائيندڙ ٻين کان اڳرا هوندا آهن. جي.ايم سيد سنڌ ۾ جنهن نيشنلزم جي ڳالهه ڪئي سو قومي تاريخي حقن تي ٻڌل. سيڪيلور، روشن خيال ۽ ائنٽي اسٽبلشمينٽ هئو. اڄ ڪيترا سنڌ جا سياسي ليڊر (انهن ۾ ڪيترا سيد جي ڪئمپ سان لاڳاپيل به شامل آهن ته ناليوارا ترقي پسند به)، صحافي. ليکڪ ۽ دانشور آهن جيڪي سنڌي قوم جي تاريخي حقن تي وقتي ۽ انفرادي يا گروهي مفادن کي ترجيح ڏين ٿا، انهن ماڻهن کي به سنڌ جي قومي تحريڪ جو حصو ٿا بڻائين جيڪي ملڪ ۾ مذهبي نظام نافذ ڪرڻ ٿا چاهين ۽ اسٽبلشمينٽ جي خوشنودي ۽ ان جي حامي مرڪزيت پسند، رجعت پسند ۽ قومن جي وجود جي انڪاري جماعتن جي حمايت سان سنڌ جا حق وٺڻ جي ڳالهه ٿا ڪن. جن پارٽين جو پروگرام ئي سنڌ جي ڦرلٽ ،، محڪومي ۽ مرڪز جي بالادستيءَ تي مشتمل آهي انهن جي ليڊرن کي سنڌ جي مدد لاءِ اپيلون ۽ منٿون ڪيون ٿيون وڃن، اهڙن ليڊرن کي انهن جي سنڌي نسل هجڻ جا واسطا وڌا ٿا وڃن. اهڙي طرح هڪ طرف اصولن ۽ آدرشن تي ٻڌل سنڌ جي قومي تحريڪ کي هڪ نسلي گروهه جي مفادن جي جنگ جي هيٺانهين درجي تي ڪيرايو پيو وڃي ته ٻئي طرف شڪست خوردگيءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. اهڙن روين لاءِ سولي سنڌيءَ ۾ چئجي ته ’ڀينگ به جهان خان ڪئي ۽ انصاف لاءِ به جهان خان وٽ‘ ۽ سياسي اصطلاح ۾ ائين چئبو ته ’اصول پرستيءَ کي ڇڏي موقعي پرستي اختيار ڪجي.‘ جي.ايم سيد سنڌ جي ڦرلٽ، محڪوميت ۽ مظلوميت لاءِ ٻاهرين ڦورو ۽ قابض قوتن سان گڏ اندروني طور انهن جي ساٿاري، ايجنٽ ۽ وفادار ٽولن کي به ذميوار قرار ڏيندي انهن جي نشاندهي ڪئي. انهن ۾ پير، مير، وڏيرا، جاگيردار ۽ ملا شامل آهن. اڄ سنڌ جي حقن جي نالي ۾ انهن طبقن ۽ گروهن سان سازباز ڪئي پئي وڃي ۽ ڪٿي ته انهن کي قومي نجات اوري جدوجهد جو مهندار ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي ته ڪي همراهه وري انهن کي قومي تحريڪ جي قيادت ڪرڻ جون اپيلون ٿا ڪن. دنيا ۾ عوام دشمن ۽ ڦورو حڪمران هميشه بندوق جي طاقت تي ڀاڙيندا آهن جڏهن ته عوام دوست ۽ تبديلي پسند انقلابي ماڻهن جي جدوجهد جو سڀ کان وڏوهٿيار عقل، شعور ۽ ڏاهپ هوندا آهن. عقل، شعور ۽ ڏاهپ ۾ واڌارو ڄاڻ سان ايندو آهي ۽ ڄاڻ جو وڏو، طاقتور ۽ قابل اعتبار ذريعو ڪتاب هوندا آهن. جي.ايم سيد جو شمار نه رڳو سنڌ پر ننڍي کنڊ جي انهن چند ليڊرن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجي جدوجهد جو مکيه هٿيار ڪتاب ۽ قلم کي بڻايو. بلڪه پنهنجي زندگيءَ جو پهريون حصو جڏهن ’تجربا ڪري هٿ ساڙائي‘ سنڌ جي آزاديءَ جي پروگرام تي پهتو ۽ کيس اڪثر ڪري قيد ۽ نظربنديءَ ۾ گذارڻو پيو ته هن پنهنجي تقريبن سموري جدوجهد قلم ڪتاب جي ذريعي ڪئي. اڄ صورتحال اها آهي ته جي.ايم سيد جي نالي ۾ ڪتابن کي ساڙيو ٿو وڃي ۽ قلم کي بزدليءَ جي علامت جڏهن ته بندوق جو استعمال انقلابين وانگر طاقتور جي خلاف ڪرڻ جي بجاءِ جاگيردارن، قبائلي سردارن ۽ ڌاڙيلن وانگر غريب، ڪمزور ۽ مظلوم هم وطنن جي خلاف ڪيو پيو وڃي. جي.ايم سيد سنڌيءَ جي هڪڙي چوڻي اڪثر ورجائيندو رهندو هئو، ’ٻن تلوارن جاءِ ناهي هڪ مياڻ ۾‘. ۽ پوءِ ان جي وضاحت ائين ڪندو هئو ته اجتماعي قومي مفاد ۽ ذاتي مفاد گڏ نٿا هلي سگهن. قومي مفاد خاطر ذاتي مفاد قربان ڪرڻو پوندو ۽ جتي ذاتي فائدي کي اهميت ڏبي اجتماعي مفاد کي ڇيهو رسندو. اڄڪلهه سنڌ ۾ قوم جي ڀلي جي ’ڳالهه‘ ۽ ذاتي/گروهي فائدن لاءِ ’ڪوششون‘ گڏوگڏ ٿيون هلن بلڪه ڪجهه رب جا سنواريا اهڙا به آهن جيڪي چون ٿا ته جيسين پاڻکي نه ٺاهبو ته قوم کي ڪيئن ٺاهي سگهبو‘ ۽ اهو ته ’جڏهن اسان پاڻ خوشحال ٿينداسين ته پوءِ ئي صحيح طرح سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪري سگهنداسين‘. افسوس اهو آهي ته اهڙن ماڻهن ۾ رڳو وڏيرا ۽ بيوروڪريٽ ئي نه پر اديب، دانشور، سماجي ڪارڪن ۽ ’سيد جي پوئلڳ‘ سميت سياسي اڳوان به شامل آهن. ڳالهه ايسيتائين وڃي پهتي آهي ته اسان ڄاڻون ٿا ته فلاڻو يا فلاڻو ماڻهو ڪوڙ، ٺڳي، ڌوڪيبازي، ڪرپشن، قبضي گيري ۽ وطن فروشيءَ ذريعي غريب مان امير ٿي ويو آهي، تڏهن به چئون ٿا ته ”ماشاءَالله الله سائينءَ نوازيو اٿس“. ان ڏس ۾ هڪڙي دلچسپ ڳالهه: 1970ع جي ڏهاڪي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي هڪڙي جلسي کي خطاب ڪندي سيد چيو ته ”مستقبل قريب ۾ توهان تي اهم ذميواريون اچڻ واريون آهن، توهان کي پاڻکي انهن لاءِ تيار ڪريو.“ ته ان جو ڪافي دوستن اهو مطلب ورتو ته جلدي اسان کي حڪومت ۾ حصو ملڻ وارو آهي. جيئن شروع ۾ ذڪر ٿيل آهي ته هي مضمون 17 جنوريءَ واري مضمون جو تسلسل آهي. ان مضمون ۾ ڪجهه مثالن سان اهو ڏيکاريو ويو ته جي.ايم سيد پاڪستان جي رياست لاءِ پاڪستان جي حڪمرانن لاءِ ڇا چيو هو ۽ حڪمرانن طرفان انهن تي عمل نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان جي ڪهڙي صورتحال آهي. اڄ سنڌ، سنڌي سماج ۽ پنهنجي حامين جي حوالي سان سيد جي سوچن ۽ خيالن تي مختصر نظر وڌيسين. انهن ٻنهي کي ڳنڍڻ لاءِ به سيد جو ئي هڪڙو جملو مناسب ٿيندو. هو اڪثر چوندو هئو خاص ڪري پنهنجي حامين کي ته ”پاڪستان جو ٻيڙو هن ملڪ جا حڪمران پاڻ ٻوڙيندا توهان پاڻ ۾ اهليت ۽ صلاحيت پيدا ڪريو ته جيئن سنڌ کي سنڀالڻ جي لائق ٿي سگهو.“ اهليت ۽ صلاحيت جي ڏس ۾ سندس سڀ کان وڌيڪ زور ”عمل صالح، بلند اخلاق ۽ ڪردار جي صفائي“ تي هوندو هئو. 28 اپريل 1991ع تي ڪراچيءَ جي تاج محل هوٽل ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ته ايتري تائين چيائين ته ”قومن جي زندگيءَ لاءِ اخلاق بنيادي ڳالهه هوندو آهي... ۽ جيسيتائين توهان پاڻ ۾ بلند اخلاق پيدا نه ڪندا تيسيتائين سنڌ آزاد ڪو نه ٿيندي.“ هاڻي ڏسون ته بحيثيت سنڌيءَ جي عمومي طور ۽ بحيثيت سندس حامين جي خصوصي طور اسان سيد جي ٻڌايل ڳالهين تي ڪيترو عمل ٿا ڪريون ۽ پوءِ غور ڪريون ته اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون. پاڪستان جي حڪمرانن سان جي.ايم سيد جي ڪا خدا ڪارڻ دشمني ڪا نه هئي. انهن جي باري ۾ جيڪي ڪجهه چيائين ان جو ڪارڻ انهن (حڪمرانن) جا اعمال ۽ افعال هئا. جيئن ته هو فطرت جي بهترين بقا (survival of the fittest) واري اصول ۾ يقين رکندڙ هئو تنهن ڪري پاڪستاني حڪمرانن جي ڪردار جي تجزيي ۽ تجربي کانپوءِ هن اهي نتيجا اخذ ڪيا جن کي اڄ جي حالتن درست ثابت ڪيو آهي. سنڌ ڪو باقي دنيا کان الڳ خطو ڪونهي، نه ڪو سنڌي ماڻهو ڪا خاص مخلوق آهن. فطرت جا قانون جهڙا ٻين ماڻهن تي لاڳو ٿين ٿا تهڙا ئي اسان سنڌين تي به. پاڪستاني رياست جو حشر جيڪڏهن اڄ خراب آهي ۽ ان جي صبحاڻي بابت ڪي وڌيڪ خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته اهو ان ڪري آهي ته ڪالهه انهن جو ڪردار صحيح نه هئو. هاڻي جيڪڏهن اڄ اسانجو ڪردار صحيح نه هوندو ته اسان جو صبحاڻو يا مستقبل به سٺو نه هوندو. سيد جي هلايل هلچل سان لاڳاپيل ڪجهه همراهه پاڪستاني رياست جي موجوده صورتحال کي ڏسي جهمريون ٿا هڻن ته واه واه، اجهو سنڌ آزاد ٿي. اهي يا ته فطرت جي قانون کان اڻواقف آهن، يا سيد جي سوچ کان اڻڄاڻ يا وري ڄاڻي واڻِ حقيقتن کي (خاص ڪري پنهنجي ڪارڪنن کان) لڪائين ٿا، اهي سيد جي مٿي ذڪر ڪيل جملي جو رڳو پهريون اڌ ٿا ٻڌائين ته ”هن ملڪ جو ٻيڙو هن ملڪ جا حڪمران پاڻ ٻوڙيندا.“ سنڌين ۽ خاص ڪري ڪارڪنن جي اهليت، صلاحيت ۽ ڪردار بابت ان ئي جملي جي ٻئي حصي کي اهي کائي ٿا وڃن. اهو واضح هجڻ کپي ته پاڪستان جو گهاٽو ۽ سنڌ جو فائدو ٻه جدا شيون آهن ۽ پاڪستان جي تخريب خود بخود سنڌ جي تعمير تي منتج نه ٿيندي. سنڌ جي مستقبل جو دارو مدار ان تي آهي ته حال ۾ اسان جو ڪردار ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙو ڪردار ادا ٿا ڪريون. سائين جي.ايم سيد وٽ ته ’جنت ۽ دوزخ‘ جو تصور به اهو ئي هوندو هئو ته ”جيڪي حال ۾ سٺا عمل ڪندا انهن جو مستقبل سٺو ٿيندو.“[/JUSTIFY]
جواب: جي.ايم سيد جو فڪر ۽ اڄوڪي سنڌ سائين سهڻا وساڻ! سائين محترم عبدالخالق جوڻيجي صاحب جو ڪارائتو ۽ وقتائتو مضمون ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ سنڌ جو هر اديب ۽ ليکڪ پنهنجي سچائي سان ڪيترائي گس ٻڌائن ٿا پر اسانجا دوست جيڪي پاڻکي سنڌ دوست ۽ انقلابي چورائن ٿا انهن جي اڪثريت گونگي، ٻوڙي ۽ غير سنجيده عملن سبب سنڌيت واري مقصد کان ڏور ٿيندا وڃن ٿا ۔۔۔ جنهن سبب هو عام سنڌي جي همدردي يا حمايت کان وانجهيل آهن ۔۔۔ انقلابي تٍحريڪون هوائي قلعن ۾ نه بلڪ پنهنجي عوام جي حصار ۾ هونديون آهن ۽ انهن جي ڀلي لا انهن جي حمايت سان اڳتي وڌنديون آهن ۔۔۔ سائين جوڻيجو صاحب سائين جي ايم سيد جي هن مشهور قول کي ورجائيندي ياد ڏياريو آهي جنهن ۾ محترم سائين جي ايم سيد چيو هو ته پاڪستان غير فطري ملڪ آهي ۽ جنهن انڌي نظرئي تي هلي رهيو آهي ته هڪ ڏينهن ضرور ٽٽندو پر ان ٽٽڻ محل سنڌي ڪيترا سگهارا ۽ ان ٽٽڻ مان فائدي وٺڻ جي قابل هوندا اهو هڪ اهم سوال آهي، ۽ ان لا سنڌين کي تيار هجڻ کپي ۔۔۔ ائين نه ٿئي ته پاڪستان ته ٽٽي به وڃي پر سنڌين کي بجا فائدي جي وڌيڪ گهاٽو پوي ۔۔۔؟ اڄ اسين به سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا ڏيندي کيس سلام ڪريون ٿا ۽ ڌڻي در دعاڳو آهيان ته سنڌي کي جي ايم سيد جهڙا ڏاها ۽ سگهارا انسان عطا ڪندو رهي ۔۔۔ آمين