سائين جي ايم سيد جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    سنڌ جي تاريخ ۾ سائين جي ايم سيد کانسواء شايد ئي ڪنهن اهڙي شخصيت جنم ورتو هجي جنهن پنهنجي سموري عمر سنڌ کي ارپي ڇڏي هجي۔ عالم ، اديب ، ليکڪ ، تنقيد نگار، محقق ۽ مزاحمتي لکڻين کانسواء سنڌ جي علحدگيء جي تحريڪ لاء پاڻ ارپيندڙ سائين جي ايم سيد جي اڄ سورهين ورسي آهي۔ سنڌ سلامت جو سمورو سٿ هن موقعي تي سائين جي ايم سيد کي سلام پيش ٿو ڪري۔

    سندس زندگي ۾ ڪجهه غلط فيصلن وارو پهلو به شامل آهي پر انهي کان هٽي ڪري سائين جي زندگي جي ٻين رخن تي نظر وجهبي ته عظيم فڪري درسگاهه سميت ڪيتريون ئي بهترين واٽون نظر اچي وينديون، جن تي هلڻ ۽ عمل ڪرڻ سان سنڌ کي خوشحالي جي طرف وٺي وڃي سگهجي ٿو۔ سنڌ جي درسگاهه سن مان ماڻهن کي گهڻيون اميدون وابسته هيون پر سيد جي موت سان هيء تحريڪ به ماٺآر جو شڪار ٿي وئي۔ سائين 60 کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ هجڻ سان گڏ صوفي ازم جو وڏو عالم پڻ هو۔

    سائين جي شخصيت تي لکڻ لاء ان پائي جو ڪو اديب ئي لکي سگهي ٿو ڇو ته قلم مونسان ساٿ ڪونه ٿو ڏي ، سيد تي لکڻ سج سان اکيون ملائڻ جي برابر آهي۔ اهو سيد جنهن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌ سان پيار سمايل هو۔ سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ سنڌ سميت پوري دنيا لاءِ امن ۽ اخوت سمايل آهي ۽ سندس لکڻيون عالم کي جهيڙا جهٽا ڇڏي، قرب ۽ محبت سان رهڻ جو درس ڏين ٿيون. اسان کي اميد آهي ته سنڌ جو نوجوان نسل سائين جي ايم سيد جي فڪر تي عمل ڪندي سنڌ سميت پوري دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ جاکوڙ ڪندو!

    سائين جي ايم سيد جو هر ڪتاب فڪر سان ڀريل آهي پر هتي مان سندس ڪجهه قول ونڊ ڪري رهيو آهيان۔

    سائين جي ايم سيد جا قول

    قومون، عقيدن ۽ نظرين تي جنم ناهن وٺنديون، پر وطن، زبان، تهذيب، جاگرافي حدن ۽ اقتصادي بنيادن تي ٺهنديون آهن.

    بلاشڪ اهڙن ماڻهن کي اصل معاف نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي غلط ڪم ڪري پوءِ به پڇتائين ڪونه ٿا.

    ڪمزور، بزدل، بيوقوف ۽ غدار ۾ تميز هئڻ ضروري آهي.

    جيڪا ڳالهه زوري مڙهي ويندي آهي اها پائيدار نه هوندي آهي.

    جيسين اسان جي ڪارڪنن جو اخلاق درست نه ٿيندو تيسين هو ڪجهه به ڪري نه سگهندا.

    مون وٽ ته ڇا پر ڪنهن وٽ به ڪا ”نئين شيءِ“ ڪو نه آهي، اهي سڀ پراڻيون شڪليون آهن جن کي نئين نموني ۽ نئين انداز سان ورجايون ٿا.

    هر اها ڳالهه ڪريو جيڪا ڪري سگهو اوهان ”غلام“ آهيو. اوهان جو حڪومت تي ڪو به ”دٻاءَ“ يا ”اثر“ نه پوندو.

    اقتصاديات کي درست ڪرڻ سان ئي انصاف درست ٿيندو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 اپريل 2014
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين جي ايم سيد جي سورهين ورسيء تي کيس ڀيٽا

    جيترو ظلم سائين جي ايم سيد جي تحريڪ ۽ فلسفي سان پنهنجي سنڌين ڪيو آهي اهو ٻئي ڪنهن به نه ڪيو آهي، پاڻ سڄي عمر سنڌين کي سجاڳ ٿي هڪ ٿيڻ جي تلقين ڪندا رهيا، پر سندن پنهنجي تحريڪ ۾ ئي نام نهاد سنڌي اڳواڻ پنهنجي انا جي ڪري الڳ الڳ ٽوليون ٺاهيندا ويا ۽ آزاديءَ جي تحريڪ کي ڌڪ رسائيندا ويا۔۔ ڇا اهي ٽوليون هڪ ٿي سگهن ٿيون؟؟ منهنجي سوچ مطابق سندن شخصيت کي اصلي ڀيٽا اها ئي هوندي۔​
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سائين جي ايم سيد جي سورهين ورسيء تي کيس ڀيٽا

    ڌڻي اسان سڀن کي صحيح واٽ تي هلڻ جي توفيق ڏي۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سائين جي ايم سيد جي سورهين ورسيء تي کيس ڀيٽا

    محترم سائين سليمان، اوهانجون ڏنل ڀيٽائون اسانجي روح جي راحت ۔۔۔

    سنڌ جي سهڻي سڄڻ کي ڪيتريون ڀيٽائون ڏجن ۽ ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه جون ڀيٽائون ڏجن

    شفاف ۽ سچي شخصيت جون ڀيٽائون ۔۔۔ سنڌي ادب ۾ قيمتي ڪتابن جي وڌائڻ جون ڀيٽائون، سنڌين کي سياست ۽ رياست جي علم سيکارڻ جو ڀيٽائون، سنڌين جي مالڪي ڪرڻ جون ڀيٽائون يا وري فڪر ذريعي سنڌين کي سهي راهه ڏيکارڻ جو ڀيٽائون يا وري سنڌين کي هڪ قومي شعور پئدا ڪرڻ جون ڀيٽائون ۔۔۔ ڪهڙيون ڪهڙيون ڀيٽائون ڏجن؟؟؟؟

    هي سون جهڙو شخص هو ته سنڌ ڏانهن ميري اک کڙندڙ سئو دفعا سوچيندا هئا ته نه يار سنڌ جا مالڪ ويٺا آهن پر جڏهن کان هي شخص هليو ويو آهي تڏهن کان سنڌ دشمنن جي آڏو مٺائي جو دڪان آهي، جڏهن اچن ته رس گلا کائي پيٽ ڀرن ٿا ۔۔۔ سنڌين جو داد نه فرياد ۔۔۔

    هي محترم موجود هو ته سنڌين جي گڏ ٿيڻ جون اميدون جوان هيون، پر جڏهن کان ويو آهي ته سڀني جا منهن پنهنجا پنهنجا سڀني جو قعبو الڳ لڳ ۔۔۔

    ڌڻي در دعا آهي ته اسان سنڌين کي ڪو عقل اچي ته اسين پنهنجن پراون ۾ فرق ڪري سنڌ بچائي وٺون ۔۔۔ آمين

    اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هن مهان شخصيت کي پنهنجي وس آهر ڀيٽا ڏني ۽ سندس سهڻا قول ونڊ ڪيا ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا لاهي لاهبا ڪيترو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سائين جي ايم سيد جي سورهين ورسيء تي کيس ڀيٽا


    ادا وساڻ صاحب توهان هي جملا مون کي تمام گهڻا پسند آيا۔۔۔۔۔ سنڌ جي تاريخ ۾ سائين جي ايم سيد کانسواء شايد ئي ڪنهن اهڙي شخصيت جنم ورتو هجي جنهن پنهنجي سموري عمر سنڌ کي ارپي ڇڏي هجي۔ ادا اهيا سو سيڪڙو درست ڳالهه آهي ته سائين پنهنجا ڪيترائي ذاتي وڏا وڏا مفاد به سنڌ جي محبت جي ڪري ٺڪرائي ڇڏيا جنهن لاء کيس آفرون ڏنيون ويون هيون، ادا سيد صاحب سنڌ جو هڪ سچو عاشق هو پر مون کي ڪڏهن ڪڏهن اهيا ڳالهه چڀندي آهي ته سائين جي جدو جهد الائي ڇو ڪو رزلٽ ڏئي نه سگهي، منهنجي سوچ مطابق مان اهيو چوندس ته اگر ڪو ڪيڏو به ڇو نه وڏو عالم هجي مگر اگر اهو ڪو رزلٽ ڏئي نه سگهيو ته ان جي عالم هجڻ جو ڪو فائدو نه ٿيو، ادا منهنجي هي ڳالهه شايد ڪنهن کي ڏکي به لڳي مگر مان ڇا ڪيان منهنجو اندر مون کان ئي اهيو سوال ڪندو آهي سو ان لاء مون اهيا دل جي ڳالهه اوهان تائين پهچائي، ادا سيد صاحب تي تقريبن سال پهرين مون هڪ ونڊ ونڊ ڪئي هئي جنهن کي پڻ هت ونڊ ڪجي ٿو،
    عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون



     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو