شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار مظهر ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
225160_2013724420969_1179567033_32535809_6163541_n.jpg


سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي محترم مظهر ابڙو صاحب جن کي جنم ڏينهن جون واڌايون۔ مظهر ابڙي جو تعارف پيش ڪجي ٿو :


نالو: مظهر ابڙو
والد جو نالو: منظور حسين ابڙو
جنم ۽ هنڌ: 25 اپريل 1971ع ڪولاب جيئل، خيرپور.
برج: ثور
تعليم: ايم.اي سنڌي ادب، ايم.اي اڪنامڪس.
پيشاوراڻي تعليم: ايم.ايڊ.
تعليمي ادارا: پرائمري اسڪول ڪولاب جيئل، مڊل اسڪول ڪولاب جيئل، هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو، ”ڪام پري هين سِو“ هاءِ اسڪول خيرپور، ”پاڪستان“ ڊگري ڪاليج خيرپور، ”شاه عبداللطيف“ يونيورسٽي خيرپور.

پيشو: تعليم ۽ تدريس. ادب ۾ طبع آزمائي: ناول، ڪهاڻيون، ڪالم ۽ شاعري.

شايع ٿيل ڪتاب:

٭ ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا (ڪهاڻيون)
٭ خوابَ ـ کوٽا سڪا (ڪهاڻيون)
٭ جيون ـ اُجاڙ رستا (ناول)
٭ سرد خاني ۾ رکيل خوابَ (ڪهاڻيون)
٭ درد جي آس پاس (شاعري)
٭ خوابن جو سفر (ناول/ ڪٿا)

جلد شايع ٿيندڙ ڪتاب:

٭ زرد خوابن جو درد (ناول)
٭ مظهر ابڙو جون ڪهاڻيون ( چونڊ ڪهاڻين جو ڳٽڪو )
٭ درد جي آرپار (ناول)
٭ سنڌ ـ راڻي! توکي سلام ( محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان لکيل ڪالمن جو مجموعو.)
٭ منهنجي ڌرتي، منهنجا مارُو (سماجي موضوعن تي ڪالم)

ماڻيل ايوارڊ ۽ اعزاز:

٭ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح قومي صدارتي ايوارڊ پاران : پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد
٭ شاه عبداللطيف ڀٽائي رح ايوارڊ پاران : ”ماهوار نئين زندگي“ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، حيدرآباد
٭ بهترين ڪهاڻيڪار ”نسيم کرل ايوارڊ“ پاران : سنڌي ادبي سنگت، ضلعو خيرپور ٭ بهترين ڪهاڻيڪار ”اياز قادري ايوارڊ“ پاران : سنڌي ادبي سنگت، ڪولاب جيئل
٭ بهترين ناول نگار ايوارڊ. پاران : ”ماهوار سوجهرو“ ڪراچي
٭ بهترين ڪهاڻيڪار طور مڃتا شيلڊ. پاران : سنڌي ادبي سنگت، خيرپور


66524781.jpg


37342_106259556092563_100001255579244_43140_4755208_n.jpg

 
جواب: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار مظهر ابڙو کي جنم ڏينهن جون واڌايون

مولا! سڀني شاعرن جو خير۔۔۔
 
Back
Top