اسلام

'ڪهاڻيون' فورم ۾ اياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2011۔

  1. اياز علي رند

    اياز علي رند
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 اپريل 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    شاهپورچاڪر
    ”سر! اسلام ڇا آهي!؟ منهنجو مطلب آهي ته اسان وٽ مختلف خيال آهن حنفي، مالڪي، شافعي، حنبلي ۽ وري شيعه، سني يا اڃا اڳتي اچو ته ديوبندي، بريلوي، اهلحديث وغيره قصو الائجي اڃا به اڳتي آهي مذهب ۾ ايترا مختلف خيال يا ايترا فرقا اسلام کان سواءِ شايد ئي ڪنهن ٻئي مذهب ۾ هجن!!؟؟ اسان ڪٿي بيٺا آهيون سر!! ۽ اسلام ڪٿي بيٺو آهي...اسلام ڇا آهي ؟ ان جي ڪهڙي آئيڊيالاجي آهي.!؟ اسان ڪيئن ڪنهن غير مسلم کي ڊفائن ڪيون ته اسلام ڇاهي؟ اسان ته خد منجهيل آهيون...وائڙا ٿي پيا آهيون ...مون جهڙي عام مسلمان لاءِ ته اسلام کي سمجهڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي ...! ان تي عمل ڪيئن ڪريان...! ڏاڍي مشڪل صورتحال بڻجي وئي آهي...“
    جميل پروفيسر چشتي جي پهچڻ شرط ئي بيهي رهيو ۽ بنا بريڪ ڳالهائيندو رهيو نه ڪو فل اسٽاپ آيو ۽ نه ئي وري ڪا ڪاما....
    ”همممم...!!! ايترو وڏو سوال.!!؟؟؟؟“ پروفيسر کن پل لاءِ پوريون اکيون کوليندي جميل ڏانهن ڏٺو ۽ هڪ ٿڌو ۽ دگهو ساه ڀرڻ کان پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. ”اسلام فقط بهترين اخلاق جو درس ڏيئي ٿو، حسن معاشرت سيکاري ٿو، عدل ۽ انصاف تي ٻڌل ۽ انسانيت جي اعلى قدرن تي مشتمل هڪ معاشرو... ۽ بس. اهو ئي هن جو مقصد آهي ۽ اها ئي هن جي آئيڊيالاجي آهي. “
    ڪلاس ۾ ڪجھ گھڙين لاءِ خاموشي ڇانيل رهي ۽ پوءِ پروفيسر صاحب وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ”قرآن شريف جي صورت ۾ جيڪا اسان وٽ ٿيوري آهي...نظريو آهي اهو ڪافي آهي دنيا ۾ انصاف ۽ عدل تي ٻڌل هڪ پرامن معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ. جتي انسانيت هجي، بهترين اخلاق هجن، حسن معاشرت هجي، قرب هجي، محبت ئي محبت هجي. ۽ ان جو عملي نمونو حضورﷺ جي زندگي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي. پاڻﷺ جي پوري زندگي ڀري پئي آهي حسن معاشرت سان...بهترين اخلاق سان...انسانيت سان...محبتن سان. هن وٽ نفرت لاءِ ڪا جاءِ ڪانه هئي. هو رحمت اللعالمين آهن ۽ انهن جو اخلاق رڳو مسلمانن تائين محدود نه هيو، مسجد نبوي ۾ رڳو مسلمان پنهنجا مسئلا کڻي ڪونه ايندا هئا، اها پوڙهي عورت جيڪا پاڻﷺ تي گند اڇلائيندي هئي ان سان ڪهڙو معاملو رکيو هيائون يا طائف جي ماڻهن جو سلوڪ ۽ ان جي جواب ۾ پاڻﷺ ڪهڙو سبق سيکاريو اسان کي....وهشي جنهن حضرت همزه کي شهيد ڪيو يا هندان جنهن ان کي شهيد ڪرايو ان سان ڇا معاملو ٿيو... فتح مڪه جهڙو عظيم مثال ڇا ٿو سيکاري.!؟؟؟ اهڙا کوڙ مثال آهن.. حضورﷺ جن جي زندگي ڀري پئي آهي اهڙن مثالن سان.
    اسلام ۾ عبادتن جو اصل مقصد به فقط سٺي ڪردار کي پيدا ڪرڻ ئي آهي. نماز ڇاهي.!؟ جن ماڻهن تي الله سائين پنهنجو نعمتون نازل ڪيون انهن جهڙو عمل ڪرڻ جي توفيق گهرون ٿا ۽ جن تي غضب ٿيو اهڙن ماڻهن جهڙا ڪم ڪرڻ کان بچڻ لاءِ دعا گهرون ٿا يا نه...!؟ ۽ پوءِ جيڪي قرآن پاڪ مان صورتون يا آيتون تلاوت ڪريون ٿا تن ۾ ڇاهي...ته زندگي ڪيئن گزارجي، پاڙيسرين سان ڪهڙو سلوڪ ڪجي، ماءُ پيءُ سان رويو ڪهڙو رکجي، غريبن سان ڪيئن هلجي وغيره يا وري ماضي جي اهڙن قصن جو مثال جنهن مان سبق ملي ٿو ته ڪيئن اسان ڌرتي تي فساد ڦهلائيندڙن وانگر ٿيڻ بجاءِ امن قائم ڪريون ۽ پاڻ ۾ انسانيت پيدا ڪريون....ڪيئن اسان جا اخلاق بلند ٿين ...ڪيئن هڪ پرامن ۽ محبت ڀريو معاشرو قائم ٿئي .
    ڏينهن ۾ پنج ڀيرا ۽ هر ڀيري الائجي ڪيترا دفعا اسان اهو ورجائڻ ۾ ئي ته مشغول هوندا آهيون يا نه..!؟ ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو تراويح ڇا جي لاءِ پڙهبي آهي؟ ته جيئن وري هڪ دفعو اهي ڳالهيون جيڪي رهجي ويون هجن دهرائجي وڃن وري انهن حڪمن ۽ نصيحتن کي ورجائجي. اها الڳ ڳالهه آهي ته اسان عبادتن کي رڳو رسمن ۽ رواجن وارو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي هڪ فارملٽي سمجهي ورتو آهي ۽ بس.! پر ان ۾ اسان جو ڪهڙو قصور اسان عام مسلمانن کي ته ڇا هتي ته اڪثر پيش امامن ۽ حافظن کي عربي ڪونه ٿي اچي، اسان کي خبر ئي نه پوندي آهي ته ڇا پيو پڙهجي ڇا پيو ورجائجي....۽ جڏهن سمجھ ۾ ئي ڪونه آيو ته پوءِ عمل وري ڪٿان ٿيندو.!؟؟
    ان کان علاوه نمازن جو باجمائت پڙهڻ ڇو ضروري آهي، جمع نماز ته ڪنهن عام مسجد ۾ به نه بلڪه جامع مسجد ۾... پوءِ سال ۾ هڪ ڀيرو حج جو هڪ وڏو اجتماع ڇاجي لاءِ آهي.!؟؟ الله سائين گهرن ۾ ڪونهي... اسان جي شهرن ۾، اسان جي ملڪن ڪونهي ؟ پوءِ ان سان ملڻ لاءِ ايترو پري وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي وقت سيڙهائي، خرچ ڪري... ڇو !؟؟ ڇا لاءِ..!!؟؟
    صرف ۽ صرف ماڻهن جو ميل جول قائم رکڻ لاءِ ، هڪ ٻئي سان حال اورڻ لاءِ، ڏک سک ونڊڻ لاءِ، هڪ ٻئي جي مدد جو موقعو پيدا ڪرڻ لاءِ، محبتون وڌائڻ لاءِ انهن کي قائم رکڻ لاءِ.....
    پر اسان لاءِ عبادتون هڪ فارملٽي آهن، فرض آهن ان ڪري مجبوري ٿي پيون آهن باقي اسان جا ماڻهن سان معاملات الڳ شي ٿي پيا آهن اسان جا رويا اسان جا اخلاق اسان جا ڪاروبار اسان جا تعلقات الڳ شي آهن الڳ حيثيت ۾ آهن ۽ عبادتون الڳ آهن..!!
    صحابه جڏهن تبليغ خاطر ٻين علائقن ۾ ويندا هئا ته ڇا پنهنجي ڏيڍ انچ جي الڳ مسجد جوڙي ويهي رهندا هئا..!؟؟ غير مسلمن سان نه ملندا هئا نه کائيندا پيئندا هئا.!؟ ۽ ڇا رڳو در کڙڪائي انهن کي اسلام جي دعوت ڏيندا هئا ۽ هو چوندا هئا بسم الله پڙهايو ڪلمو..!!!!؟؟
    نه ايئن ناهي،!!! هو رهندا هئا انهن سان.... انهن سان معاملات ڪندا هئا، ڪاروبار ڪندا هئا، ايندا ويندا هئا، کائيندا پيئندا هئا ۽ انهي ئي ميل جول ۽ رهڻي ڪهڻي دوران اسلامي تعليم موجب سندن اعلى ڪردار، بهترين اخلاق سان کين متاثر ڪندا هئا ۽ هو اسلام قبول ڪندا هئا. ان ڪري ئي ته الله جا ولي نماز پڙهڻ بجاءِ نماز قائم ڪرڻ تي زور ڏيندا آهن ۽ قرآن پاڪ ۾ پڻ نماز قائم ڪرڻ جو حڪم آهي...“
    ”نماز ڪيئن قائم ڪجي..!! ڇا نماز پڙهڻ ۽ قائم ڪرڻ ۾ فرق آهي سر ...!!؟“ نائيله پڇيو.
    ”ها بلڪل فرق آهي ... اسان مان اڪثر ته نماز پڙهڻ جو حق ادا ڪرڻ تي به نه سوچيندا آهن... نماز قائم ڪرڻ جو معاملو ته بعد جو آهي... نماز ڇا آهي ؟؟؟ مومنن جو معراج آهي يا نه.!؟ نماز ايئن پڙهجي جو اوهان جو رب اوهان جي سامهون هجي، اوهان کي نظر اچي...ايئن آهي يا ڪونهي. اهو آهي نماز جو پڙهڻ ۽ جڏهن هر ساعت، هر گهڙي، اٿندي ويهندي، هر معاملي ۾،هر ساه ۾ اوهان جو رب اوهان سان گڏ هجي.... جو دم غافل سو دم ڪافر ٿي پئي ته نماز قائم ٿي پوندي آهي. الله جا دوست الله جا ولي ان جو گر ڄاڻن ٿا نمازن ۾ معراج به ڪرائين ٿا ۽ نماز قائم ڪرڻ جو گر به ڏين ٿا. انهن سان تعلق قائم ڪجي ته نماز قائم ٿي ويندي آهي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسلام

    دين جي سهي سمجهاڻي تي لکيل هڪ مختصر پر جامع ڪهاڻي لکي اوهان هڪ ته ديني فرض نڀايو آهي ۽ ٻيو وري سنڌي ادب ۾ هڪ سبق آموز ڪهاڻي جو واڌارو ڪيو آهي ۔۔۔

    پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن،
    جر ڪجر جن اکين ۾ سي ڪئين پرين پسن ۔۔۔

    اسانجي حالت مٿي ڏنل بيت جهڙي آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا
     
  3. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: اسلام

    سائين اياز صاحب، سهڻي، بهترين ۽ معلوماتي ڪهاڻي ونڊڻ تي اوهان جي مهرباني، ادا اسلام زندگي جو هڪ جامع نظام آهي جيڪو فطرتي، عقلي ۽ منطقي دين آهي۔ اسان جي مشڪل هي آهي ته اسان اسلام جي روح ۽ اصلي بنيادي مسئلن، اسلامي تعليمات ۽ اخلاقيات کي ڇڏي ڪري ننڍڙن معمولي مسئلن تي اختلاف جو شڪار ٿي ويا آهيون۔ جيڪڏهن اسان مان هر هڪ مشترڪ ۽ متفق ڳالهين کي وٺي ته مشڪل حل ٿي ويندي۔ باقي انهن اجتماعي عبادتن جو فلسفو اوهان بالڪل صحيح بيان ڪيو آهي۔ مهرباني۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسلام

    ادا اياز مهرباني

    تمام سٺي ۽ سبق آموز نصيحت سان ڀرپور ڪهاڻي ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔ ڪاش اسان اسلام جي صحيح روح ۽ اسلام لاء ڪيل قربانين ۽ جدوجهد تي ويهي سوچيون ۽ ٻيهر اسلام جي ارتقا کي پڙهون ته يقينن اسان نالي جا مسلامان ٿيڻ بدران عملي طور عمل ڪري اسلام جو صحيح رخ پيش ڪري سگهون ٿا۔
     
  5. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: اسلام

    مان ته اهيو ئي جواب لکان ها پر سائين تسنيمي صاحب شايد اڳ وٺي ويا
    ادا تمام بهترين جاري رکجو
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اسلام

    سائين اسان فطرتي مسلمان شايد ناهيون ٿيا اسان يا عادتن مسلمان آهيون يا موروثي مسلمان آهيون جنهن کي دين چئبو آهي شايد اسان ان جي ڪنهن هڪ جُهت کان واقف ناهيون هي دين عالمگير دين هو پر مسلمانن جي فرقه بندي و موروثيت دنيا جي اڳيان حقيقت آڻڻ ۾ رُڪاوٽ آهي ۔هي دين جنهن لاءِ علمه اقبال چيو هو ته مون اسلام مغرب ۾ ڏٺڏ بغير مسلمان جي ۽ مشرق ۾ مون مسلمان ڏٺو بغير اسلام جي ۔بس آخر ۾ علامه اقبال جو هي شعر چوندس
    حقيقت خرافات ۾ کو گئي يه امت روايات ۾ کو گئي
    بجهي عشق ڪي آگ اندهير هي مسلمان نهين خاڪ ڪا ڍير هي ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو