سدائين سنڌين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندڙ سنڌي! اشتياق انصاري سنجها ڌاري، حيدرآباد شهر جي هڪ ڪلب ۾ جاگنگ بعد باغيچي ۾ ڪرسي تي ويهي پاڻي پي رهيو هيس ته ڀرسان ڪجهه کڙپيل سنڌي ڪامورا به ويٺا هئا. ڪي گنجا، ڪي هلڻ کان هلاڪ، ڪن جا پيٽ ڪراڙي هاٿي جيان گوڏن تائين لڙڪيل. هو پاڻ ۾ وڏي واڪي سنڌين تي لعنت ملامت ڪري رهيا هئا، ”سنڌي اڃا نه سڌرندا...سنڌين کي اڃا موچڙا لڳن....سنڌين ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن...“ وغيره وغيره. سنڌ جو رت چوسيندڙ ڄورن جا اهي گفتا ٻڌي منهنجو ته رت ٽهڪڻ لڳو. تازو مون غلام نبي مغل جو ناول ”وطن واويلا“ پڙهيو هو، جنهن ۾ هن اهڙن ست ڪئا کائي حج تي هلندڙ ڪامورن جي لاک لاٿي هئي. هاڻي به اهي سفارش ۽ پئسي جي ٻل تي سڻڀيون پوسٽون حاصل ڪري سنڌين تي تبري بازي ڪري رهيا هئا. هنن نادانن کي ايتري به خبر نه آهي ته سنڌ ڌرتي صدين کان وٺي ظلم، ڏاڍ ۽ عالمي دهشتگرديءَ جو شڪار رهي آهي. هزارين سال اڳ هت ماڪڙ جيان آرين جا ڪٽڪ اچي لٿا، جن هتان جي مقامي لوڪن جون منڍيون لڻي کين مليچ جهڙن لقبن سان نوازيو. دارا اعظم به پنهنجي سلطنت کي وسعت ڏيڻ لاءِ راتاها هنيا، سڪندر يوناني به مسڪينن جا ويڙها ڀڙپانگ ڪيا. ان کانسواءِ تاريخ جي هر دور ۾ سنڌ کي ڦريو، لٽيو ۽ ڪٺو ويو آهي. ڪڏهن ساسانين، پارٿينن، ارغونن، ترخانن، مغلن ته ڪڏهن افغانين مطلب ته صدين کان ڳجهن اسان جي وڏڙن جا بي ڪفن چچريل لاش کاڌا آهن. ورهاڱي بعد به سنڌي سڪون جي ننڊ نه ستا آهن، هر روز فوج ڪشي، مارشل لا، ڪوڙا ۽ مارون سندن مقدر رهيون آهن. سالن کان اهڙي انسانيت سوز جسماني ۽ ذهني تشدد ڪري ڪيترن مائرن کي ڳڀرن جا رت سان رڱيل لاش مليا آهن، ڪيترا نوجوان عضوا ٽوڙائي معذوري قبولي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن. بدقسمتي سان سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڀيٽا ڏيندڙن جو ڪو به نالو نشان نٿو ملي. هاڻي اچو سنڌ جي اهڙن گمنام هيرن کي ڳولي مڃتا ڏيون، اهڙن سورهين کي سلام پيش ڪريون، جن پنهنجيون زندگيون قربان ڪيون ۽ جن اذيت گاهن ۽ ٽارچر سيلن ۾ جوانيون ڏنيون. جن بيقصورن جي آهه بقا سان زندان جا در و ديوار لرزي ويندا هئا، جن جي نازڪ جسمن تي لڳندڙ ڦٽڪا ۽ سٽڪا سندن پٺاڙن ۽ ويهڪ جي جاءِ تان چمڙي لاهي ڇڏيندا هئا. مون کي تازو نوابشاهه جي ڪي ٽي اين جي نمائندي علي محمد شاهه لڪياري پنهنجي جيل جي ڊائري مهاڳ لکڻ لاءِ موڪلي هئي، جنهن جنرل ضياءَ جي قهاري دور ۾ پنهنجي جوڀن جون بهارون اهڙين اذيت گاهن ۾ گذاريون هيون. هو لکي ٿو ته، ”سياري جي رات، هڪدم مون کي اونڌو فرش تي ليٽايو ويو. ٻه فوجي ٽنگن تي، ٻه فوجي ٻانهن تي چڙهي بيٺا ۽ هڪ فوجي اچي ويهڪ جي جاءِ تي چمڙي جي ٺهيل ڦٽڪي سان وسڪارا لاتا. شروع ۾ پهرين ڌڪن سان ڏاڍو عذاب آيو، بهرحال ڌڪ هڻندا، پاڻي وجهندا ڪٽيندا رهيا. جڏهن ويهڪ جي جاءِ تان کل هنڌان هنڌان اڊڙي پئي ۽ ريش ڳڙندو وڃي پيرن جون کڙيون کنيو، مون ان رت سان آڱر ٻوڙي کولي جي ڀت تي ”جيئي سنڌ“ لکي ڇڏيو“. اها ته آهي هڪ ننڍڙي ڪارڪن جي سياسي سگهه ۽ دليري جي وارتا. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جا هي سنڌي ڪامورا، جيڪي اڌ کان وڌيڪ بجيٽ چٽ ٿا ڪري وڃن، اهي خوشامدي ٿوري مفاد لاءِ سنڌ جو سودو ته ڇا پر بانبڙا پائڻ لاءِ تيار آهن، انهن ناسمجهن سنڌ جي تاريخ پوري پڙهي ئي نه آهي. هو اڄ به اها تمنا ٿا ڪن ته، ”سنڌين کي اڃا موچڙا لڳن!“ هن زر جي پوڄارين کي اهو علم ئي نه آهي ته ڪيترا سورما، ڏاهر، دودو، دريا خان، مخدوم بلاول، شاهه عنايت، هوشو، روپلو، سورهيه بادشاهه، هيمو ڪالاڻي، ذوالفقار ڀٽو، بينظير ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، نذير عباسي ۽ ٻيا سوين سپوت غاصبن هٿان شهيد ڪرايا ويا. پنهنجو حق گهرڻ تي جي ايم سيد ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن، شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن ناقابل برداشت عقوبتون، اذيتون، ڪوڙا، ڦٽڪا، تشدد سٺا آهن، جن ۾ تازو ڪراچي ۾ قومپرست ڪارڪنن جو رت به شامل آهي. مان ته چوندو آهيان ته سنڌ جي تاريخ رڳو تشدد جي تاريخ آهي. شاباش آهي انهن جوڌن کي جيڪي باخبر هوندي به سنڌ جي عشق ۾ باهه سان کيڏن ٿا، جيئن بلوچ شاعر گل خان نصير چيو آهي: يه کڻهن هي راستا، جس په هم روان هين کوندتي هين بجليان، دشمن آسمان هين گونجتي هين زلزلي، مٽ رهي نشان هين ٽوٽي هين حوصلي، سخت امتحان هين اس پي وه جوان پڙي موت سي بهي جو لڙي اها حقيقت آهي ته هن اڀاڱي ڌرتي رڳو غلامي، جهالت، مفلسي جا ڀيانڪ منظر ڏٺا آهن. سنڌ مٿان ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جا ڪارا ڪڪر سدائين ڇانيل رهيا آهن. اهڙن سياهه دورن ۾ اسان جي سياسي ڪارڪنن جون جيل ۾ لکيل ڊائريون هڪ تاريخي ريڪارڊ آهن. اسان جي نسل جي جن گهوٽن مارشل لا جي موتمار دور ۾ مارون ڦٽڪا کاڌا، تاريخ ۾ اهڙن ڪونڌرن جو ذڪر غير ضروري سمجهيو ويو، جن نظرياتي دوستن پنهنجون جوانيون جيلن ۾ ڳاريون، انهن کي ڪو به ياد نٿو ڪري. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جو ڪو به شاعر ۽ اديب ٻه ٽي سٽون لکي ٿو ته ان جو ذڪر بار بار ڪيو وڃي ٿو. اسان جي قلم ڌڻين جو به فرض آهي ته اهڙن جانثار ڪارڪنن کي پنهنجي ڏات سان مان ڏيون. هونءَ به سنڌ جي تاريخ جو بنياد چند اوائلي ڪتابن تي پيل آهي، جيڪي عرصه دراز کان اسان جي ڪن تاريخدانن لاءِ آسماني صحيفي جي حيثيت رکن ٿا. اسان ننڍپڻ کان افسانوي حيثيت رکندڙ تاريخن ۾ صرف هڪ پهلو ئي پڙهيو آهي، اسان جون ڪافي اوائلي تاريخون ڄڻ درٻاري قصيد گوئي جون شاهڪار آهن، جن ۾ بادشاهن، اميرن ۽ سندن حوارين جا احوال ديومالائي انداز ۾ ملن ٿا، پر ڪٿي به سنڌ جي عام ماڻهو جو ذڪر نه آهي. ڪنهن به هنڌ تي اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته هن خوشحال سنڌ جو مڇي ماني وارو عوام پنهنجي ڌرتي، پنهنجا وسيلا ۽ پنهنجي ٻولي هوندي به ڇو سدائين پنهنجن ۽ پراون هٿان ڪٽبو لٽبو رهيو آهي. اوائلي وقت کان ڇو هتان جا حڪمران پنهنجو پٽڪو بچائڻ لاءِ سنڌ جي هيسيل ۽ هراسيل ماڻهن جو گرهه کسي ڪڏهن ايران، ته ڪڏهن افغانستان، دهلي ته هاڻي اسلام آباد ۽ لاهور جي درٻار ۾ ڏن طور ڏيندا رهيا آهن. اهڙن حڪمرانن جن هتان جي مسڪين ماڻهن تي ظلم ڪيا، هنن جي خون پسيني جي ڪمائي پنهنجي عيش آرام تي خرچ ڪئي، ساڳي وقت بزدلي جو مظاهرو ڪري پنهنجي سربخت لاءِ ٻاهرين درٻارن ۾ نذرانه پيش ڪيا، هاڻي انهن غاصبن جو تاريخ جي عدالت ۾ احتساب ٿيڻ کپي. ساڳي وقت ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف مهاڏو ڏيندڙ گمنام هيروز کي به صحيح مقام ملڻ کپي. تاريخ جي دز ۾ دفن ٿيل مظلوم ۽ بي نام ماڻهن کي وري جياريو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي تاريخ جي دليلن سان ڇنڊڇاڻ ٿئي. نوجوان مورخن کي جذبات کان پاسيرو ٿي سنڌ جي تاريخ جو نئين ۽ سائنسي بنيادن تي تجزيو ڪرڻ کپي. افسوس اهو آهي ته اسان جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به وساري ويٺا آهن ته اسان جي قوم ڪيتريون قربانيون ڏنيون آهن. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هاڻي ماڻهو روايتي انداز سان لکيل تاريخ گهٽ ٿا پڙهن. ان ڪري نئين نسل جي تاريخ سان دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي نامور سورمن ۽ سورمين جي باري ۾ ليڪچر ۽ سيمينار ڪرايا وڃن. سنڌي چينل انهن ناميارن بهادرن جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ڊراما نشر ڪن. اهڙي طرح تاريخ جي ڄاڻ ۽ اتساهه سان سنڌي ماڻهن مان مظلوميت جو احساس ختم ٿيندو ۽ قوم ۾ خود اعتمادي پيدا ٿيندي. (روزاني ڪاوش تان ورتل)
ادا سلطان، مهرباني جو ڀاءُ اشتياق انصاري جو قومي جذبي ۽ حقيقت تي مبني ليک پڙهايو، سائين اشتياق انصاريءَ کي شايد آءُ ننڍپڻ کان سڃاڻان، شايد هي اهو لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي وارو اشتياق انصاري آهي جو خانداني طور سنڌ ۽ سنڌي قوم سان پيار ڪندڙ آهي، سندس گهر ۾ اسين لطيف ٻارڙا سنگت جا پروگرام ڪرڻ ويندا هياسون ۽ بعد ۾ ته سندس دوستيون ۽ لڳ لاڳاپا اسانجا به هڪ ئي ٿي ويا هئا ... کيس سنڌ سان محبت واري ستي ڄائي ڄم کان پيل آهي ... انتهائي بردبار ۽ همٿ وارو شخص آهي ۽ ٻين کي همٿ ۽ بردباريءَ سيکارڻ جو ادارو آهي ... رب العالمين کيس خراب نظر کان بچائي ۽ کيس سچ لکڻ وارو قلم هميشه آلو رهي ... آمين