وڏيري نازو جي وڏيرڪي زندگي جو روپ سنڌ اندر هميشه وڏيرا مرد ئي رهيا آهن ۽ انهن وڏيرن جا ڪرتوت به ڪنهن کان ڳجها نه آهن ۽ اهي سنڌ جا روايتي وڏيرا جيتوڻيڪ رجعت پسند مشهور رهيا آهن، جيڪي تعليم جهڙي روشني کان ڇرڪيل رهن ٿا ۽ ماڻهن ۾ جهالت ۾ رهڻ کي پسند ڪندا هئا آهن، ۽ انهن جو خاص نشان غريب ماڻهون ۽ عورت رهيو آهي ، پر هت مان سنڌ جي شهر قاضي احمد جي هڪ عورت جو ذڪر ڪندس ،جنهن جو ڪردار به هڪ عجيب ڪردار آهي جنهن جو نالو ته مختيار آهي مگر ناز ۽ ڪوڏ سان پلجڻ جي ڪري مٿس نالو نازو وڏيري پئجي ويو آهي پوء اچو ته ان عورت وڏيري جي ڪهاڻي ڏسون
جواب: وڏيري نازو جي وڏيرڪي زندگي جو روپ ادا سليمان اوهان جي مهرباني جو توهان وڊيوز نه هلڻ جو اطلاع ڏنو، ادا هاڻ وڊيوز کي درست ڪيو ويو آهي توهان وڏي شوق سان اهي وڊيوز ڏسي سگهو ٿا، مهرباني۔