[JUSTIFY]هڪ ڀيري آمريڪا ۾ هڪ عورت تي ڪتو حملو ڪري رهيو هو ته هڪ نوجوان اچي ان ڪتي کي لت هنئي ته ڪتو مري پيو۔۔۔ آمريڪي ٽي وي هڪ رپورٽ جاري ڪئي ته ”هڪ ڏيهي جانباز هڪ عورت کي خطرناڪ ڪتي کان بچايو۔۔“ نوجوان ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو: ”مان پرڏيهي آهيان۔۔۔“ ٽي وي وارن رپورٽ کي اپڊيٽ ڪندي چيو: ”هڪ پرڏيهي جانباز هڪ ڏيهي عورت کي خطرناڪ ڪتي کان بچايو۔۔“ نوجوان ٽي وي کي وڌيڪ انٽرويو ڏنو ته : ”دراصل مان پاڪستاني آهيان“ ٽي وي وارن هڪدم بريڪنگ نيوز هلائي جيڪا هن ريت هئي: ”هڪ پاڪستاني دهشتگرد، هڪ معصوم آمريڪي ڪتو ماري ڇڏيو۔۔۔“[/JUSTIFY]
جواب: پاڪستاني هجڻ جو فرق ادا آمريڪا اسان کي دهشتگرد چوي يا طالبان پر الآئي ڇو اسان وري به اسلام دشمن آمريڪا جا دوست مددگار ۽ پيروڪار آهيون
جواب: پاڪستاني هجڻ جو فرق جي مسلمان هئڻ دهشتگردي آهي ته پوءِ فخر سان چئون ٿا ته ها! اسان دهشتگرد آهيون۔ جي الله کي وحده لاشريڪ مڃڻ دهشتگردي آهي ته پوءِ فخر سان چئون ٿا ته ها! اسان دهشتگرد آهيون۔ جي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پيروي ڪرڻ دهشتگردي آهي ته پوءِ فخر سان چئون ٿا ته ها! اسان دهشتگرد آهيون۔ جي قرآن مجيد ۽ حبيب مصطفي جي حڪمن تي هلڻ دهشتگردي آهي ته پوءِ فخر سان چئون ٿا ته ها! اسان دهشتگرد آهيون۔
جواب: پاڪستاني هجڻ جو فرق ادي ان جو سبب اهو آهي جو پاڪستان جي حڪمرانن کي جيب خرچي آمريڪا مان ملي ٿي، ان ڪري هو آمريڪا جي پويان لُور لُور ڪندا ٿا وتن ، باقي اسان جي عوام ويچاري ته آمريڪا جي مخالف آهي، ان ڪري دهشتگرد آهي ته هتان جي عوام دهشتگرد آهي باقي هتان جا سڀ حڪمران آمريڪا جا پاليل آهن۔۔۔۔آمريڪا جي حمايت هاڻي عوام بلڪل به نه ٿي ڪري، حمايت ته اسان جي ملڪ جا اڳواڻ ٿا ڪن، جن جي لاءِ خطاب کان پهرين درٻاري مولوي ”اولي الامر“ واري آيت پڙهي پيش ڪندا آهن۔۔
جواب: پاڪستاني هجڻ جو فرق ادا اسان مسلمانن جي دهشت ته اونئين ئي الله تعالى ڪافرن جي دلين ۾ وجهي ڇڏي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي جو اسان پنهنجي اعمالن سان پاڻ کي آمريڪا جهڙي ملڪن جي قدمن ۾ ڪيرائي ويٺا آهيون۔۔