بلڊ پريشر

'صحت سرير جي' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بلڊ پريشر= خاموش دشمن بيماري
    حڪيم نذير احمد شيخ

    انسان جيستائين جهان ۾ جيئرو ۽ حيات آهي تيستائين عمر جي مختلف حصي ۾ ڪنهن نه ڪنهن مرض سان هن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو بيمارين جا کوڙ قسم آهن. ڪي بيماريون بروقت صحيح علاج ڪرڻ سان جند ڇڏي وينديون آهن ڪي بيماريون جسم ۾ اندر ئي اندر پلجنديون ۽ پيچيده ٿينديون رهنديون آهن. بلڊ پريشر جو وڌيڪ رهڻ به هڪ اهڙي تڪليف ڏيندڙ ۽ پيچيده بيماري آهي، جيڪا اندر ئي اندر انسان کي خاموشيءَ سان اڏوهي وانگر کائيندي رهندي آهي. هن بيماري متعلق لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. تمام وڏو ۽ اهم موضوع آهي ۽ اڄ ڪلهه تمام تيزي سان هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري وڌي رهي آهي، جنهن جا ڪافي سبب آهن جيڪي اڳتي هلي لکندس. پڙهندڙڻ جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اهو لکڻ ضروري آهي ته معلوم ٿيڻ گهرجي ته بلڊ پريشر ڇا کي چئجي ٿو. انسان جي ڪهڙي عضوي سان هن جو تعلق آهي ۽ جسم ۾ رت ڪيئن گردش ڪري ٿو. بلڊ پريشر کي انگريزي ۾ Hypertension ۽ طبي زبان ۾ فشارالدم چئبو آهي. انسان جي دل پنهنجي حرڪت سان رت کي نالين ۾ داخل ڪري ٿي. دل جي ڌڙڪڻ جو عمل ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين مرحلي ۾ هي سُڪڙجي يعني بند ٿئي ٿو ۽ اُن عمل دوران اها رت کي هڪ طرف کان جسم کي داخل ڪري ٿي ۽ ٻئي طرف غير صاف خون يعني رت جي مقدار کي ڦڦڙن مان تازي آڪسيجن حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ڪري ٿو. اُن بعد ٿوري دير لاءِ آرام ڪري ٿي ٻين لفظن ۾ رت کي جسم ۽ ڦڦڙن طرف رواني ڪرڻ بعد هڪ مختصر وقت لاءِ پنهنجو پاڻ کي ڍِلو ڇڏي ٿي. دل جي سڪڙڻ واري حرڪت Pumping Action کي طبي زبان ۾ انقباض يعني Systolic چئبو آهي ۽ جڏهين پاڻ کي ڍلو ڇڏي ٿي ته اُن ڪيفيت کي Diastolic يعني انبساط چئبو آهي. دِل جي هر ڌڙڪن ۾ شريانين ۾ رت جو نئون مقدار داخل ٿئي ٿو ۽ نالين ۾ ڪجهه ويڪراڻ اچي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته اُنهن ۾ ويڪري ٿيڻ جي صلاحيت موجود قدرتي هوندي آهي، اُنهن شريانين ۾ ان صلاحيت جنهن کي Elastic چئبو آهي، جنهن سبب جسم جي آخري شريانين تائين نئين رت جي لهر ڦهلجي ويندي آهي. شريانين ۾ نئين رت جي لهر ڊوڙڻ کي محسوس ڪرڻ لاءِ ڪنهن مخصوص شريان تي هٿ رکو ته رت جي هلڻ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ان هلندڙ لهر کي نبض چئبو آهي. رت جڏهين شريانين ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ته اُن جي ڪنارن يا ديوارن تي دٻاءُ پوي ٿو ان دٻاءَ کي بلڊ پريشر چئبو آهي. جسم کي رت رواني ڪرڻ وقت دل هڪ لمحي لاءِ آرام ڪري ٿي ان ڪري نالين تي دٻاءُ ڌڙڪڻ ۽ آرام جي دوران مختلف هوندو آهي. رت جي هر نئين مقدار داخل هئڻ بعد ڌڙڪن جي طاقت سبب زيادهه دٻاءُ پوي ٿو ان سبب جيڪا ريڊنگ اچي اُن کي Systolic Pressure چئبو آهي ۽ اُن کي نوٽ ڪيو آهي جيڪو عام حالتن ۾ 120 يا 130 تائين پارو پهچندو آهي. رت جي گردش ۾ آرام واري ڪيفيت جي ريڊنگ الڳ هوندي آهي، عام حالتن ۾ هيٺ پريشر 80 رهندو آهي. هڪ عام ماڻهو جي جسم ۾ تقريباً 5 ليٽر جي قريب رت هوندو آهي. ان مقدار مان ڏيڍ ليٽر دل ۽ ڦڦڙن ۾ گردش ڪري ٿو. بقايا ساڍا ٽي ليٽر رت جسم ۾ گردش ڪري ٿو ۽ اُن جو 60 فيصد مقدار وريرن يعني ننڍين نالين ۾ هوندو آهي. جسم ۾ رت جو مقدار وڌي وڃي جيڪو بغير ڪنهن سبب جي رت جي بوتل لڳائڻ سان ٿيندو آهي ته نتيجي ۾ بلڊ پريشر وڌيل رهندو. اڄ ڪلهه گليوڪوز جي بوتل ۽ اُن ۾ طاقت جون سُيون ملائي لڳائڻ جو فيشن به آهي، جنهن مان مريض کان وڌيڪ معالج کي فائدو ٿئي ٿو. انتهائي ضروري هجي ۽ ڪو ٻيو حل نظر نه اچي ته ڀلي لڳرائجي. ٻي صورت ۾ا هڙي قسم جي بوتل لڳرائڻ پڻ BP وڌرائڻ جو سبب ٿئي ٿي. بلڊ پريشر جي بيماري کي خاموش قاتل ان ڪري لکيو ۽ چيو وڃي ٿو جو ان جي گهڻي مقدار ۾ وڌڻ سبب جسم جي ڪنهن به عضوي تي ڪنهن وقت به منفي اثر وجهي اُن کي هميشه لاءِ مفلوج ۽ بيڪار بنايو ڇڏي، فالج ۽ اڌ رنگ ٿيڻ جو بنيادي سبب بلڊ پريشر جو اچانڪ وڌڻ آهي. بيماري ڪوبه اطلاع ڏئي نه ايندي آهي. يا ته اندر پئي پلبي آهي خبر نه پوندي آهي يا اوچتو جسم جي ڪنهن به عضوي تي اثر ڇڏيندي آهي. بلڊ پريشر جا منفي اثر دل دماغ گردن، ڦڦڙن، اکين ٽنگن ٻانهن تي ٿين ٿا. خاص طور تي دل دماغ تي پوڻ جي صورت ۾ هارٽ اٽيڪ يا دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب موت واقع ٿي سگهي ٿو. پنهنجي سٺي صحت ۽ معذوري کان بچڻ لاءِ هن خاموش دشمن کي جيڪو بي قابو ٿيڻ جي صورت ۾ جملي لاءِ تيار هوندو آهي اُن کي تخريب ڪاري جو موقعو نه ڏجي. منهنجي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي مطالعي مطابق بلڊ پريشر جي بيماري ٿيڻ جو بنيادي سبب هن بيمارين متعلق معلومات ۽ آگاهي جي گهٽتائي ۽ بي خبري آهي. اڪثر ماڻهو مسلسل مٿي ۽ ڪنڌ جي سور ذهني بار ۽ کچالو کي ٿڪاوٽ سمجهي ڪابه سور گهٽ ڪرڻ واري گولي کائي وقت گذاريندا آهن اتفاق سان ڪنهن به سبب ڪڏهين هڪ دفعي بلڊ پريشر چيڪ ڪرائڻ سان جيڪڏهين ريڊنگ وڌيل هجي ته هڪدم پاڻ کي ان بيماري جو مريض نه سمجهڻ گهرجي بلڪه آرام ۽ پرهيز سان ڪنٽرول ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ ٽن کان پنجن ڏينهن تائين مسلسل صبح شام ڪنهن مُستند معالج جي اهڙي اوزار سان BP چيڪ ڪرائجي جيڪو پاري وارو اوزار هجي ته مسلسل وڌيڪ رهندو هجي ته علاج شروع ڪرڻ ۾ دير نه ڪجي. اُن سان گڏ لوڻ سڻڀ چڪنائي ۽ تريل ۽ بازاري شين کان ۽ هر قسم جي نشي وًٺڻ کان مڪمل پرهيز ڪجي. شگر بلڊ پريشر ۽ دل جي بيماري والدين کان اولاد کي ورثي ۾ ملندي آهي. ڪن حالتن ۾ مرض پيچيدي ٿيڻ يا هڪ گردي هئڻ جي صورت ۾ وڌيڪ احتياط ۽ علاج جي ضرورت پوندي آهي. بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۽ نارمل رکڻ لاءِ ڪن ماڻهن کي هڪ کان ٻن مختلف دوائن کائڻ جي ضرورت پوندي آهي. عام طور تي ته صرف Beta Blocker دوا جي گروپ سان ئي BP ڪنٽرول ۾ رهندو آهي، ليڪن دل جي تڪليف ۽ وڌيل ڪوليسٽرول ۽ زياده عرصي لاءِ ساڳئي گروپ جي دوا کائڻ سبب انسان جي قوتِ مدافعت تي اثر پوندو آهي ۽ ساڳئي دوا پهرئين جهڙو اثر نه ڪندي آهي، ان ڪري معالج کي علاج ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي آهي. بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪن مريضن کي پيشاب وڌائڻ واريون گوليون به کارائبيون آهن. جنهن بلڊ پريشر جي مريض کي جيڪا دوا هن جي طبيعت تي موافق اچي اها ئي استعمال ڪرڻ گهرجي، ڪوشش ڪري هلڪي پاور واري دوا سان معالج جي مشوري تحت علاج شروع ڪجي. اهوئي مشورو پنهنجي هڪ وهمي دوست کي ڏنم- طبيعت به ٺيڪ رهندي هيس ليڪن ذهن تي احساس برتري اهو سوار هوس ته ايتري گهٽ قيمت واري سستي گولي مون جهڙو دولتمند ماڻهو به کائي ۽ غريب به کائي اها ڳالهه منهنجي شان وٽان نه آهي، هڪ تمام وڏي ڊاڪٽر جي وڏي في ڀري وڏي پاور واريون دوائون شروع ڪيائين. طبيعت تي موافق نه آيون. منفي اثر ٿيو وڃي اسپتال داخل ٿيو. پڇڻ ويو مانس ته چيائين ته، حڪيم صاحب هاڻي توهان جي نصيحت سمجهه ۾ آئي آهي ته رضا تي راضي رهجي خوب کان خوب تر جي تلاش ۾ ڪڏهين جان جوکي ۾ پئجي ويندي آهي. مختصر ڳالهه ڪيم ته وڏو ڊاڪٽر صاحب نقدي ۽ گهٽ رقم واري دوا لکي پنهنجي گهٽتائي ڇو ڪري. بهرحال هن وقت بلڊ پريشر ۽ شگر جو مريض تيزي سان وڌي رهيو آهي. هڪ سروي مطابق هر چوٿون ماڻهو ٻنهي مان ڪنهن هڪ بيماري ۾ مبتلا آهي. بلڊ پريشر جي بيماريءَ جو جتي بنيادي سبب بدپرهيزي آهي اُتي هن بيماري جو تعلق انسان جي معاشي ۽ معاشرتي بدحالي روزِي رزق جي تنگي پريشاني فڪرات گهرو ۽ خانداني جهڳڙا، قرض، اولاد جي نافرماني، بيروزگاري، بيمارين جو ٿيڻ، طبيعت ۾ چِڙاچِڙاپن ۽ جوش جذبو اچڻ حساس طبيعت جو هئڻ. ملڪي حالت جو منفي اثر دماغ تي رکڻ اهي سڀ يا ڪنهن به هڪ ٻن سببن جي نتيجي ۾ بلڊ پريشر جي بيماري ٿئي ٿي. منهنجي هڪ حساس طبيعت جي دوست کي رب پاڪ سڀ ڪجهه نعمتن سان نوازيو آهي، ڪوبه فڪر پريشاني ۽ مسئلو نه اٿس، تڏهين به بلڊ پريشر صحيح علاج جي باوجود ڪنٽرول نه پئي ٿيو. مشورو ڪيائين ته حڪيم صاحب ڇا ڪريان چيو مانس ته ٻن شين جي قرباني ڏي، انهي ساڳئي علاج تي BP ڪنٽرول ٿيندو. هڪ ٽي وي ڏسڻ ڇڏي ڏي خاص طور تي خبرون نه ٻڌ، ٻيو اخبار پڙهڻ بند ڪر. حساس طبيعت سبب توهان جي ذهن تي وزن پوي ٿو، خطرناڪ خبرن ۽ لاشن ڏسڻ سان توهان جو BP وڌي ٿو. هفتي لاءِ اها قرباني ڏيڻ بعد دوست آيو چيائين ته هاڻي بلڪل نارمل آهيان، ڪا تڪليف نه اٿم، هتي هي حقيقت معلومات خاطر لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته بذات خود بلڊ پريشر جي بيماري ۽ اُن کي ڪنٽرول ۽ نارمل رکڻ لاءِ جيڪي به انگريزي دوائون کائجن ٿيون اُن جي نتيجي ۾ انسان جي اعصابي، جسماني ۽ جنسي ڪمزوري ٿيڻ لازمي ٿئي ٿي، جنهن سبب مادهه توليد گهٽ ۽ ڇڊو ٿئي ٿو. خواهش هوندي به عملي طرح ڪمزوري محسوس ٿئي ٿي. بيماري جي عرصي ۽ عمر جو به ان سان تعلق آهي. ماضي ۾ ڪيل ڪوتاهين غلطين کي به مدنظر رکجي. مايوسي فڪر ۽ ٽينشن کان جيترو ذهن آجو ۽ آزاد هوندو اوترو هر قسم جو علاج جلد اثر ڪندو. يوناني طريقي علاج ۾ جيڪي به نسخا BP کي ڪنٽرول ڪرڻ جا آهن اُنهن جو ڪن ماڻهن تي جلد ڪن تي دير سان اثر ٿئي ٿو ليڪن صرف ان طريقي علاج جي آسري تي بلڊ پريشر جي بيماري کي ڇڙواڳ ۽ آزاد نه ڇڏجي بلڪ انگريزي دوا جيڪا مستند معالج جي تجويز ٿيل هجي ۽ طبيعت تي موافق اچي ضرور باقاعدگي سان کائجي. اُن سان گڏ يوناني علاج معالج جي مشوري سان ڪرڻ ۾ سٺي موٽ ملڻ جي اميد رکجي. يوناني طريقي علاج جون گرم دوائون ڪشتا ۽ هاءِ پاور ڊوز واريون دوائون کائڻ کان پرهيز ڪجي. خاص طور تي وڏن اشتهارن ۽ دعويٰ ڪندڙن جون دوائون مريض کي گهٽ عطائي معالجن کي فائدو وڌيڪ پهچائين ٿيون. پنهنجي صحت ۽ تندرستي لاءِ سوچي سمجهي معلومات وٺي مطمئن ٿي صحيح معالج کان علاج ڪرائي نتيجي لاءِ ڀروسو رب پاڪ جي ذات تي رکجي. هر مرض ۽ بيمارين جي شفا رب پاڪ طرفان حڪم هوندو ته ضرور ملندي. اشتهاري دوائن مان عارضي ۽ وقتي جوش ۽ فائدو ملي ٿو، انجام نيٺ خراب حاصل ٿئي ٿو. انسان جي صحت قيمتي شيءِ آهي، ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ائڊريس لکيل موڪلي جواب عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد کان حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    رابطي لاءِ: 2634367- 2610633 (022) 9371907-0300


    (روزاني عبرت جي ٿورن سان)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مٺا سلطان، معلوماتي ۽ سٺو ليک آهي، خاص ڪري مون لئه جو تازو ڊاڪٽرن مونکي هاءِ بلڊ پريشر جي بيماريءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو آهي …

    علاج ۽ احتياط به ملي وڃنوَ ته ونڊ ڪجو

    نثار ابڙو
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا
    ويل ڊن
    توهان جي اهڙي تحرير جو انتظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو