دنيا اچي ڪاٿي پهتي آهي، هاڻي ٽيڪنالاجي جو سهارو وٺڻ گهرجي [video=facebook;1983863034145]http://www.facebook.com/video/video.php?v=1983863034145&oid=156761964294&comments[/video]
جواب: ارينج ميرج ۽ ٽيڪنالاجي جو فائدو ۔۔۔۔ ڏاڍي ٿي همراه سان۔۔۔ پر جي ڇوڪري اهڙي نڪري ها ته پوءِ؟؟؟ ڇوڪري جي بار ۾ آخر واقفيت ڪم اچي وئي، شايد هو پاڻ به ان بار جي ميمبر هجي۔ ڇڏيو سڀني ڳالهين کي۔۔۔ ڪجهه به ٿي پوي، پر ڇوڪري هميشه مظلوم هوندي آهي!!!
جواب: ارينج ميرج ۽ ٽيڪنالاجي جو فائدو ۔۔۔۔ هائو يار مست، دنيا ته الائجي ڪٿان کان ڪٿي پهتي آهي؟ ۔۔۔ پر يار! اسانجا ڳوٺاڻا ۽ سنڌ جا ماڻهون اڃان سادا لڳا پيا آهن ۔۔۔ وڏن شهرن جون وڏيون ڳالهيون ۔۔۔ سٺي پيشڪش ۔۔۔ مولائي فقير رنجيت ڏي ته خئير آهي ؟
جواب: ارينج ميرج ۽ ٽيڪنالاجي جو فائدو ۔۔۔۔ يار مست واهه جو اشتهار ٺاهيو اٿن۔ خير ابا انهي ونڊوز به ڪمال ڪري ڇڏيو همراه جو ڪم ٺهندي ٺهندي ڊهي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ارينج ميرج ۽ ٽيڪنالاجي جو فائدو ۔۔۔۔ معنى هاڻ اوهان اڳنان لاءِ احتياط کان ڪم وٺندوء!! چلو!! اها به سٺي ڳالهه آهي۔۔۔
جواب: ارينج ميرج ۽ ٽيڪنالاجي جو فائدو ۔۔۔۔ ادا ڇوڪريءَ جي لکيل ميسج مطابق ته هن پنهنجي ڀاءُ کي ميسج ڪيو، پوءِ وري سندس ڀاءُ جي باري ۾ کيس ڪهڙي خبر ته هو ڪاٿي آهي، بار ۾ ته هو اتفاق سان موجود هو، اتفاق سان ڇوڪرو به اتي هو۔۔۔۔ بس مائڪروسافٽ وارن کي مزيدار ايڊورٽائزمنٽ ٺاهڻي هئي نه ته ارينج ميرج جي اهڙن رشتن ۾ ڇوڪري جا مائٽ ڇوڪري کي غنڊو هجڻ باوجود هيرو ڪري پيش ڪندا آهن، ڪنگال هجڻ باوجود لکپتي طور پيش ڪندا آهن، بدمعاش هجڻ باوجود شريف طور پيش ڪندا آهن۔۔ ڪجهه اهڙو ئي معاملو وري ڇوڪرين سان به هوندو آهي، برگر ٽائپ ماڊرن ٽائپ ڇوڪرين کي مشرقي ثقافت جو نمونو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي پوءِ اصل ۾ ڀلي هو ڪهڙو به ”نمونو“ رکندڙ هجي۔۔ دنيا ۾ سڀ ڪجهه هلي پيو۔۔۔
جواب: ارينج ميرج ۽ ٽيڪنالاجي جو فائدو ۔۔۔۔ سائين پپو عرف مولائي فقير الائي جي ڪاٿي گم آهي ۔۔ سنڌي ٽي وي جي چڪر ۾ ڪم ڪار ۾ لڳو پيو آهي،،، رابطو فلحال ته نه ٿيو آهي