ڪير توهان کان سوال ڪري ته توهان جو فيس بوڪ پروفائيل جي ايڊريس ڇا آهي۔۔۔ ؟ توهان هڪ دفعو سوچ ۾ پئجي ويندو جو توهان جو پروفائيل يو آر ايل ڪجهه هن طرح هوندو۔۔۔ http://www.facebook.com/profile.php?id=xxxxxxxxxxاهو يور آيل ايل ڪنهن کي ٻڌائڻ آسان هوندو نه وري ان کي ياد رکڻ ۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان جو پروفائيل يو آر ايل ڪجهه هن طرح هجي ته ياد ڪرڻ انتهائي آسان ۔۔۔ http://www.facebook.com/rasheed.samo/ جيڪڏهن توهان به پنهنجي فيس بوڪ پروفائيل جي ايڊريس ڪجهه ان طرح رکڻ گهرو ٿا ته بس هتي ڪلڪ ڪري پنهنجي پروفائيل کي پنهنجي نالي سان سيٽ ڪريو۔۔۔
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ يار ڪم صفا سولو ٿي ويو مان ته پنهنجي فيسبوڪ پروفائل جو نالو به تبديل ڪري ورتو لک قرب اوهان جي اهڙي ڪم واري ونڊ جا
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ ادا تمام ڄاڻ واري ونڊ ڪئي اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ بهترين زبردست ٽپ آهي ادا، لک لائق۔۔۔ tahir.sindhi ٿي ويو۔
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ ادا تمام بهترين معلومات آهي نئين دوستن لاءِ، مان به اڳ ۾ ئي ايئن ڪري چڪو آهيان، ٻي معلومات اها ڏيندو هلان ته اوهان پنهنجي نالي ۾ رجسٽريشن کان بعد فقط هڪ ڀيرو تبديلي ڪري سگهو ٿا، ٻيهر گنجائش ناهي، مون سان ته ايئن ٿيو آهي وري به دوست آزمائي ڏسن
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ هڪ ٻي اهم ڳالهه جيڪا هن ئي موضوع سان مطابقت رکندڙ آهي سا آهي ته اڪثر فيس بوڪ استعمال ڪندڙ لاگ ان ٿيڻ وقت فيس بوڪ جي پڇڻ تي پنهنجي اي ميل ايڊريس لکندا آهن ۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان پنهنجي فيس بوڪ پروفائيل کي تبديل ڪندي پنهنجي نالي سان بڻائي ڇڏيو آهي ته هاڻي بجائي اي ميل آئي ڊي لکڻ جي بس پنهنجو نالو (ياد رهي ته نالو اهو ئي هوندو جيڪو توهان پروفائيل سان لڳايو آهي جهڙوڪ منهنجو rasheed.samo آهي) لکو ان کان پوءِ پاسورڊ لکو ۔۔۔ توهان لاگ ان ٿي ويندو۔۔۔
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ مان ته پنهنجي فيسبوڪ پروفائل جو نالو به تبديل ڪري ورتو لک قرب اوهان جي اهڙي ڪم واري ونڊ جا
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ [JUSTIFY]جي ادا بلڪل اوهان جڏهن پروفائيل نالو ٺاهيندا آهيو ته فيس بوڪ اوهان کي ميسيج، انڊيڪيٽ ڏيندو آهي ته اوهان هڪ ئي دفعو تبديل ڪري سگهو ٿا۔[/JUSTIFY]
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ اها به سٺي ڄاڻ آهي۔ پر ادا جادوگر اوهان آئي ڊي ته ٻڌائي rasheed.samo پر پاسورڊ ٻڌائڻ شايد اوهان کان وسري ويو!
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ ادا تمام بهترين ونڊ آهي مان به پنهنجو نالو تبديل ڪري ڇڏيو آهي لاجواب ڪوشش آهي ادا توهان جي هون به ادا فيس بوڪ جي حوالي سان دوستن کي تمام گهٽ معلومات آهي اهڙيون ڪوششون جاري رکجو ته جيئن اسان جهڙا فقير ماڻهو به ڪجهه پرائي سگهن سدائين گڏ
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ يار ڪم صفا سولو ٿي ويو مان ته پنهنجي فيسبوڪ پروفائل جو نالو به تبديل ڪري ورتو
جواب: فيس بوڪ پروفائيل جو يو آر ايل توهان جي نالي سان۔۔۔ http://www.facebook.com/ashiquesindhi هن ٽڪ جي ڪڍ ته مان پڻ هيس مهرباني سائين