هيءَ ڪهڙي سنڌ آهي؟ شبنم گل هڪ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ هر چوٿين ڏينهن عورت سان زيادتي ٿئي ٿي. تشدد، زيادتيون، جنسي ڏاڍايون ۽ قتل جي واقعن سان اخبارون ڀريون پيون آهن. ڪجهه واقعا ميڊيا ۾ ڪوريج حاصل ڪري وٺن ٿا، جڏهن ته اڪثر حادثا ڪنهن مجبوري يا دٻاءَ تحت قانوني طور رجسٽر ٿيڻ کان محروم رهن ٿا، جرڳي سسٽم جو وجود ڪاروڪاري جهڙي غير انساني رسم تي رضامندي جو اسٽيمپ هڻي، ان رجحان کي جيئرو رکندو پيو اچي. جاگيرداري نظام، وڏيرا شاهي يا بااختيار ماڻهن جي علائقن ۾ قانون هڪ تماشي کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي. جتي مجموعي طور تي قانون کان وڌيڪ اڻ وڻندڙ رسمن جي اجاريداري هجي، اتي عورت جو استحصال ٿيندو رهندو. مضبوط قانوني نظام ئي مرد هجي يا عورت سندن حقن جي حفاظت ڪندو آهي. هر شيءِ ٻي شيءِ سان لاڳاپيل آهي. ٻوٽن لاءِ سج جي روشني، هوا، پاڻي ۽ زرخيز زمين لازمي آهن، ايئن ئي سنڌ ڌرتي تي عورت اهو اسرندڙ ٻوٽو آهي، جنهن کي ڪڏهن سج جي روشني نٿي ملي، ته ڪڏهن ان لاءِ پاڻي ۽ زرخيز زمين ناپيد آهي. پر اها پنهنجي اندر جي سگهه سان اسري زمين کان مٿي ڪر کڻي بيهي به ٿي ته حالتون تيز هوائن جيان پوري سگهه سان سندس وجود کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. هر عورت پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ مطابق سماج سان وڙهندي جيئڻ جو جتن ڪري ٿي. زندگيءَ جو تسلسل قائم رکڻ واري عورت جيڪا ڪڏهن مائي ٻاگهي، ڪويل، وسائي، بختاور ۽ بينظير ڀٽو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عورت پنهنجي زندگيءَ ۾ آخر ايترو ڇو ٿي ڀوڳي؟ عورت جي ڀوڳنا جو اهو سفر تاريخ جي اوائلي دور کان شروع ٿئي ٿو. يوناني چواڻي ته ”باهه جو سڙيل ۽ نانگ جي کاڌل جو علاج ته ممڪن آهي پر عورت جي شر جو تدارڪ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ سقراط جا ويچار عورت متعلق ڪجهه هن ريت آهن. دنيا ۾ عورت کان وڌيڪ ڪو به فتنو ۽ فساد نه آهي. ساڳي وقت افلاطون جي خيال مطابق ” ظالم مرد ٻئي جنم ۾ عورت جو روپ اختيار ڪندو. نه فقط يونانين جا اهي چند مثال آهن، پر ٻين ڪيترن ليکڪن عورت لاءِ ڪي چڱا ويچار پيش نه ڪيا آهن. سنڌ ڏانهن اچون ٿا ته سنڌ ۾ عورت کي اوائلي دور ۾ وڏو مان ۽ مرتبو حاصل هو، ڏيڍ هزار سال اڳ منو مهراج جي ڪتاب ”منو سمرتي“ ۾ لکيل آهي ته ”ديوتا انهن گهرن تي خوش ٿيندو آهي، جن ۾ عورت جي عزت ڪئي ويندي آهي.“ سنڌ جي پنج هزار سال جي تاريخ گواهه آهي ته موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ وقت ڪو به جنگي هٿيار نه مليو آهي، جنهن مان هن خطي جي امن واري صورتحال جي ڀرپور تصديق ٿئي ٿي. هٿيارن بدران موئن جي دڙي جي کوٽائي دوران عورتن جا ڪيترائي بت مليا آهن. ماهرن جو خيال آهي ته قديم سنڌي ماڻهو عورت جو وڏو احترام ڪندو هو، ايتري قدر جو ان دور ۾ عورت کي ديوي ڪري سندس پوڄا ڪئي ويندي هئي. سندس پوڄا هڪ ماءُ يا تخليقڪار جي روپ ۾ ڪئي ويندي هئي، عورت ۽ زمين کي زرخيزي جي علامت سمجهيو ويندو هو. زمين جي پوک انسان جي جيئڻ جو ڪارڻ بڻي ته اوائلي دور جي انسان ڌرتيءَ کي ماءُ سان تشبيهه ڏني. ٽيهه هزار قبل مسيح ڌرتي ماءُ جو قديم بت Venus of willendorf جو آهي، جيڪو ڊنيوب ڪناري آسٽريليا مان لڌو ويو. عورت پوک جي شروعات ۽ گهر جو تصور ڏنو، گڏيل ڪٽنب ۽ معاشري ۾ گڏ رهڻ جو رواج پيو. ان مائتي سماج ۾ خاندان ۽ ڳوٺ ماءُ جي نالي سان سڃاتا ويندا هئا. ڪلا ماٿ جي وحشي قبيلي چواڻي ته ”ڌرتي اسان جي ماءُ جيان آهي، ڍنڍون سندس اکيون آهن، جبل سندس سينو ۽ جبل تان وهندڙ نديون ۽ نالا سندس کير آهن.“ قديم زماني جي عورت زراعت سان وابسته هئي ۽ مرد شڪار جي ڳولا ۾ رڌل نظر ايندو هو. ٻئي گهر جو مضبوط يونٽ هئا، عورت جو ”صبر“ گهر جي ذميداري جو نتيجو هو. مرد جي ”طاقت ۽ اقتدار“ کاڌ و خوراڪ جي ڳولا، هٿيار ۽ ٽيڪنالاجي جو مظهر هئي. ڏاهن چواڻي ته ”جسماني بناوت جي ڪري مرد ۽ عورت جي مزاجن ۾ به فرق آهي. عورت پيار، ڏک، سور ونڊڻ لاءِ آهي ۽ مرد طاقت ۽ اقتدار جو متوالو آهي. پر هر ايجاد ٿيڻ بعد پوک مرد جي حوالي ٿي، عورت جسماني طور ڪمزور هئڻ ڪري طاقتور مرد جي جبر ۽ تشدد جو نشانو بڻجڻ لڳي، کيس ملڪيت جيان سمجهيو وڃڻ لڳو. اها تبديلي سنڌ ۾ آرين جي اچڻ سان ٿي، جن پيئتي سماج جو بنياد وڌو. حقيقت ۾ ڌارين قومن اچڻ کان پوءِ سنڌ جي عورت جي روايتي مان ۽ مرتبي ۾ فرق آيو. ثقافت، تهذيب، رواج، ريتون ۽ رسمون سماج جون پيداوار آهن، اهي لوڪ ورثي، قصن، گيتن ۽ ادب وسيلي ٻئي نسل تائين منتقل ٿينديون رهنديون آهن. عورت جو استحصال ڪڏهن سماج ۾ مروج اڻ وڻندڙ رسمن وسيلي ڪيو وڃي، يا مذهب کي بنياد بڻائي کيس ڏوهي قرار ڏنو وڃي، ٻنهي صورتن ۾ سماج عورت جو ڏوهاري آهي. ڇو ته دنيا جو ڪو به مذهب عورت جي بي عزتي، بي حرمتي، استحصال ۽ تشدد جي اجازت نٿو ڏئي. قديم دور کان عورت مرد سان زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي ساٿ ڏيندي رهي آهي. جبر، ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ سان گڏ هنن ڪيترين جنگين ۾ به حصا ورتا آهن. عربن جي دور بعد سومرا دور حڪومت ۾ 1092ع ۾ ڪيترين بهادر عورتن جي ڪارنامن سان تاريخ ڀري پئي آهي. سومرا دور حڪومت ۾ هيمو ٻائي پنهنجي مڙس سنگهار جي مرڻ بعد دردڪ جو قلعو سنڀالي هڪ سومري باغي سردار سان جنگ ڪئي ۽ پاڻ ان جنگ ۾ شهيد ٿي. مائي ٻاگهي افغاني لشڪر خلاف پنهنجن مائٽن ننگر ۽ منگر کي جنگ لاءِ موڪليو ۽ انهن سان شهيد ٿي. اهڙي ريت دودي جي دلير ڌيءَ ڪويل پنهنجي مڱيندي سنگهار کي موڙ ٻڌي جنگ لاءِ تيار ڪيو، جيڪو حق لاءِ وڙهندي شهيد ٿيو. انگريز سرڪار دوران سنڌ جي لوڪ ڳائڻي مائي الهه وسائي خيرپور جي ملٽري ڇانوڻي ۾ خنجر هڻي هڪ انگريز آفيسر کي ماريو هو. شاهه لطيف پنهنجي سرن ۾ سورمين جو ذڪر ڪري عورت جي جدوجهد کي مان بخشيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي بار بار شاعري ۾ عورت ذريعي مخاطب ٿئي ٿو، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته عورت وٽ قصن، ويچارن ونڊڻ جو هڪ خاص ڏانءُ آهي. ساڳي وقت هوءَ درد جو درمان ڳولي سگهڻ جو ڳڻ رکي ٿي، زخمن تي پها رکڻ جو گُر به کيس ورثي ۾ مليو آهي، جو هوءَ ڄائي ڄم کان مامتا جي سرور ۾ ويڙهيل هجي ٿي. پر ان جي باوجود به تاريخ ۾ عورتن جا امر ڪردار ايترو نمايان نه ٿي سگهيا آهن، جنهن جو سبب اهو آهي ته تاريخدان مرد پاڻ ئي رهيا آهن. تاريخ ۾ فاتحن کان وٺي مذهبي پيشوائن کان وٺي گادي نشينن تائين فقط مرد نظر اچن ٿا. حالانڪه ڏٺو وڃي ته عورت پنهنجي مامتا ۽ تخليق واري جوهر ۾ پاڻ هڪ وڏو صوفي آهي. بي لوث پيار جي روايت وجهندڙ تاريخدانن فقط انهن عورتن کي تاريخ جي صفحن ۾ جاءِ ڏني آهي، جن ۾ مردانه خاصيتيون هيون. جيئن رضيه سلطانه مردن جيان گهوڙي سواري ڪندي هئي. سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافيون خالص سنڌي سماج جو ردِعمل نه آهي، بلڪه اهي ڌارين قومن جون آندل اڻ وڻندڙ رسمون آهن. عورتن سان ڏاڍاين جي واقعن سان تاريخ ڀري پئي آهي. عورت جو قتل شڪ جي بنياد تي ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي اڄڪلهه ڪاروڪاري چيو وڃي ٿو. ان جو ذڪر تاريخ ۾ پڻ ملي ٿو. 17 هين صدي عيسوي ڌاري سلطان ابراهيم کي پنهنجي هڪ ڪنيز تي شڪ ٿي پيو، وڏي ڪوشش جي باوجود به ان ڪنيز جو ڪو پتو ڪو نه پيو. سلطان ابراهيم ان شڪ جي بنياد تي پنهنجي باقي 280 ڪنيزن کي ٻوريءَ ۾ سبرائي درياهه ۾ لوڙهائي ڇڏيو. اهڙيءَ ريت راجستان جي هڪ خوبصورت راجڪماريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن رياستن جي راجائن جي وچ ۾ ان مسئلي کي نبيرڻ لاءِ شهزادي کي مارائڻ جو فيصلو ڪيو، راجڪماري جي پيءُ کيس زهر ڏيئي ماري ڇڏيو، هر مسئلي جو حل عورت جي قتل تي ختم ٿئي ٿو. عورت جي استحصال جو سڀ کان وڏو سبب هن جو جسماني طور ڪمزور هئڻ آهي. مرد جسماني طور تي ڪمزور هئڻ ڪري هر دور ۾ عورت لاءِ فاتح رهيو آهي. ايشيا کان وٺي يورپ تائين عورتن سان ظلم ۽ جبر جي داستانن سان تاريخ ڀري پئي آهي. روم جيڪو عيسائيت جو مرڪز هو، اتي عورت غلامن کان بدتر سمجهي ويندي هئي. معمولي غلطي تي عورتن کي قتل ڪيو ويندو هو. بي بنياد الزام لڳائي کين باهه ۾ ساڙائي مرد پنهنجي انا کي تسڪين پهچائيندا هئا. ايلزبيٿ جيمس پهرين جي دور ۾ هزارين عورتن کي ساڙيو ويو ۽ لانگ پارليامينٽ جي زماني ۾ ڪيترين عورتن کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو. انگلينڊ به عورتن تي ظلم ۽ تشدد ۾ ڪنهن طرح پوئتي نه رهيو. عورتن تي ظلم ڪرڻ لاءِ خاص قانون جوڙيا ويا. سڄي يورپ ۾ عيسائين تقريبن 90 لک عورتن کي جيئرو ساڙي ڇڏيو. ايتري قدر جو يورپ ۾ آزادي ۽ حريت جو بنياد وجهندڙ وولٽيئر، روسو، ڊرٽيلا ۽ مونٽسڪو عورتن تي ظلم ڪرڻ وارن ۾ نمايان نالا هئا. ڊيڊرو چواڻي ته ”عورتون صرف جسماني ضرورت پورو ڪرڻ جو ذريعو آهن.“ جرمني جو شوپنهار هجي يا فرانسيسي مصنف هجن، هنن جا ويچار عورت جي عزتِ نفس کي مجروح ڪن ٿا. نيپولين پاڻ عورت کي فطرت طرفان مرد لاءِ هڪ تحفو سڏي ٿو. هو چوي ٿو ته ”اسان عورت جا مالڪ آهيون نه ڪي عورت اسان جي مالڪ آهي.“ اهو ئي سبب آهي ته اڄ تائين پڙهيل ڳڙهيل ۽ انٽيليڪچوئل ڪلاس ۾ عورت لاءِ اهو ساڳيو ئي تصور موجود آهي. عورت کي ميڊيا ۾ ان ساڳي سوچ سان پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن مطابق عورت جو ذهن گهٽ، پر جسماني خوبصورتي وڌيڪ اهم ۽ قابل توجهه رهي ٿي، جتي کيس اشتهار جو ذريعو بڻايو وڃي ٿو. اڪبر بادشاهه سمورين طوائفن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ان جو نالو ”شيطان پوري“ رکيو هو. ٻي جنگِ عظيم ۾ جاپانين پنهنجي فوجين لاءِ زبردستي ڪوريائي عورتن کي فوجي ڪيمپن ۾ رکيو. ويٽنام ۾ آمريڪي فوجين ويٽنامي عورتن سان زيادتيون ڪيون، هندستان ۽ پاڪستان ورهاڱي وقت عورتن سان ٿيندڙ هاڃا لڱ ڪانڊاريندڙ تلخ داستان بڻجي چڪا آهن. پولينڊ جي اوسو نيچئي منسٽريشن ڪيمپ ۾ ڊسپلي تي رکيل عورتن جي اصلي وارن جون سونهري ڊگهيون چوٽيون اڄ به انسان جي جمالياتي ذوق جو مذاق اڏائي رهيون آهن. بنگلاديش جي قيام وقت عورتن سان زيادتين ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي. جنگين ۽ جهيڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليفون، اذيتون ۽ ذلتون عورت ئي برداشت ڪري ٿي. سنڌ جي موجوده صورتحال اها آهي ته روز اخبارون عورتن جي قتل ۽ ڏاڍاين جي واقعن سان ڀريون پيون آهن. رگ ويد مطابق ”ڌيئون ڏک جو ڪارڻ آهن.“ هندستان جي ڪجهه علائقن ۾ ڌيئن کي ڄمندي ئي ڪارو لوڻ سندن نڙيءَ ۾ وجهي ماريو وڃي ٿو. مڙس جي مرڻ کانپوءِ ستي جي رسم به هندن جي هڪ ڀيانڪ رسم قرار ڏني وڃي ٿي، جنهن مطابق عورت جي مڙس کانپوءِ ڪا به حيثيت نه آهي، کيس مڙس سان گڏ ئي مري وڃڻ کپي. 93 سيڪڙو ترقي پذير ملڪن جون مائرون پٽن جي خواهش ڪن ٿيون. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن دنيا جون ترقي يافته قومون انساني حقن جي تحفظ جا ڏينهن ملهائي رهيون آهن، اتي سنڌ جا ماڻهو ٻه صديون پوئتي ڇو بيٺا آهن؟ عورتن کي قتل ڪرڻ، هيسائڻ، سندن بيجا ڪردار ڪشي ڪري ذهني طور تي ختم ڪرڻ جا سلسلا آخر ڪڏهن پڄاڻيءَ تي پهچندا؟ سماج ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان ڪير تبديلي آڻيندو؟ اها تبديلي ڪڏهن ايندي؟ اهي سوال يقينن عورت جي ذهن ۾ اٿندا رهن ٿا. چيو وڃي ٿو ته عورت فطرت جيان زرخيز آهي، انگريزي جو شاعر ورڊز ورٿ به فطرت کي ماءُ جي جهوليءَ جيان مهربان سڏي ٿو. هيمنگوي پنهنجي ناول ”اولڊ مين اينڊ دي سي“ ۾ لکي ٿو ”چوڏهين جو چنڊ جهڙيءَ ريت سمنڊ تي اثرانداز ٿئي ٿو، اهڙيءَ ريت عورت تي به پنهنجو اثر ڇڏي ٿو. عورت جي ذهني ادراڪ، جسماني طور تي متحرڪ هئڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي گهرائي هڪ سچائي آهي.“ آسٽريليا جي جومين گريٽر مطابق ”مرد ۽ عورتن جي اٺيتاليهه ڪروموزومز مان ستيتاليهه هڪ جهڙا هوندا آهن، فقط هڪ ڪروموزوم جو فرق آهي.“ اهو ئي سبب آهي ته عورت هر شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. هزارن سالن جي جدوجهد کانپوءِ عورت کي چند حق ملي سگهيا، يورپ ۾ 1887ع ۾ عورتن کي ذاتي جائيداد رکڻ جي اجازت ملي. انگلينڊ ۾ 1918ع ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليو. آمريڪا ۾ 1920ع ۾ عورت کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ملي، پر سنڌ جي پنج هزار پراڻي تهذيب عورت کي جيڪو مان ۽ مرتبو ڏنو، اهو دنيا جي ڪنهن ٻي تهذيب ۾ نٿو ملي. بينظير ڀٽو جهڙيون آدرشي عورتون ان پنج هزار پراڻي تهذيب جون نمائنده آهن. ايتريون ٻيون به ڪيتريون ئي عورتون سنڌ ۾ موجود آهن، جيڪي سنڌ جي اصلي روح کي نه فقط سڃاڻين ٿيون، پر سندن لفظن، عمل ۽ ڪردار جي سچائيءَ سنڌ جي دل ۾دڙڪندي رهي ٿي. موجوده سنڌ، ڪهڙي سنڌ آهي؟ جيڪا ڪنهن طور تي به ان پراڻي سنڌ سان نٿي ملي، جنهن ۾ عورت کي ديوي جهڙو مان ۽ مرتبو حاصل هو! (روزاني ڪاوش)
دوست سلطان، هن آرٽيڪل جي جواب ۾ مون واري لکيل آرٽيڪل ۽ جواب” سنڌ جي نياڻين سان همڪلامي“ پڙهندا، بلڪه ان کي ڪاوش وارن ڏانهن موڪليندا ته منهنجي ڀينرن کي صحيح راه نظر اچي ... پرائي ملڪ جي ڪٻر سنڌ ۾ مينا ۽ ڪن ماڻهن کي هروڀرو سنڌي سماج تي تنقيد ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي ... ٻي ڳالهه جنهن قوم جي جسم ۾ موزي مرض هوندو (غلامي) ته ڇا هن جو جسم صحتمند ڪارنامه سرانجام ڏيندو ... نه هرگز نه ... اسانجون ڀينرون حقيقت پسند ٿين پاڻکي انسان سمجهن نه ڪي ديويون يا وري اها خواهش نه ڪن ته اسين کين پوڄيندا رهون ... بيشڪ اسين چاهيون ٿا ته عورت پنهنجي اصل انساني رتبي تي پهچي ... باقي کٽي اوڌي پئي ٿيندي آهي ... سور گهٽ واويلا گهڻو واري روش سان سنڌ جي بدناميءَ جو سبب نه پئدا ڪيو وڃي ... بلڪ اصل سنڌ جي آزادي ۽ ترقي ۽ تعليمي واڌاري لئه ڪم ڪيو وڃي