عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
سين پهريون
رهزن وري رومڙ ڪئي،
اچو ته ساهيون سندرا،
مٺي تون مونکي تيار ڪر،
هاڻي آزاديء سان پيار ڪر،
مون کي تنهنجن زلفن جوقسم،
ء حسين مرڪن جوقسم،
مون لئه تون اتم آهين،
سکي تون ئي دين ڌرم آهين،
پرهيء جيڪا ڌرتي آ،
سا پنهنجي پيار کان اوچي آ،
سنڌ....!سرمد سمجهي سڏ ڪيو،
مون اڄ کان تنهنجو سنگ ڇڏيو،
جوڌن کي وري للڪاريو ويو،
لاش شهيدن جو ساڙيو ويو،
قربان پنهنجو ساھ ڏنو،
روپلو هن سان گڏ سڙِيو،
مان ڪيئن رهان تنهنجي ڀاڪر ۾،
قومي موت آ اهڙي ٺاپر ۾،
قوم سان پنهنجو عشق اٿاھ،
ماء سان يڏو ڏاڌ انياء....!
هي ڪير ڪو ڏسندو ويهي لقاء،
مٺ تو کان ڪيان پيو الوداع،
مهنجا پٽ به تيار ڪجان،
ء سنڌ تان تون قربان ڪجان.
سين نمبر ٻيو
مٺا مان تنهنجي محبوبا هان،
تو ساڻ پل پل نينهن نڀايا،
پنهنجو پيار قربان ڪيان گڏجي تو سان ساھ ڏيان،
ڏس پنهنجو پاڻ تيار ڪيم،
هڪل ڪئي تو هلي آيم،
هاڻي هار سينگارجي ڳالھ نه ڪيون،
اٿ هٿيار ء بارود کڻون،
ويڙھ گڏجي وڙهڻي آهي،
زندگي هونء به وڃڻي آهي،
بس ڳاھ هتي هڪ رهڻي آهي،
مون کي تنهن کا نفرت آهي،
جنهن۾ قومي غيرت ناهي،
پنهنجو پيار قربان ڪيون،
هر هر سنڌ تان سر ڏيون،
ماريون،ماريون ء ماريون،
ڌرتيء جو هر ويري ماريون،
پنهنجي پوتي سندرو ڪيان ٿي،
اهڙي اڄ مان ويڙھ وڙهان ٿي،
توسان گڏجي آء هلان ٿي،
جي ٻئي ويڙھ ۾ ماريا ويا سين،
هي جاڙا جيون گهور ڪيا سون،
پوء پنهنجو پيار اتم آهي،
نه ته پيار ڪهاڻي ختم آهي،
موت اهڙو ڊزائين ڪيون ٿا،
جنهن کي موت نه ماري سگهندو،
ء ڪوبه نه لاشا ساڙِ سگهندو،
اٿندو هر انسان هي اٿندو،
پوط ئي پنهنجو پيار امر آ....
سين نمبرٽيون
ڀل جان پاڻ ننڍڙا آهيون،
جيجل تنهنجا ٻچڙا آهيون،
بابل توکي سڏ ڪيو،
مون ڀيڻ سڏي ء ڀاء سڏيو،
ڌرتيء لئه هي ڪنڌ کڻو،
سنڌ کان ناهي سر مٺو،
گڏجي اهڙِ جنگ ڪيون،
هلي ويرين جا ٿا ڪنڌ ڪپيون......
سين نمبر چوٿون
هو آ سرمد تون آن ٻاگهي،
هي ٻچڙا عشق جا آهن ساکي،
اهڙي ويڙھ جي صورت کي،
هن عشق جي اهڙي مورت کي،
مون داد ڏنو مون ڀٽ ڇڏي،
منهنجي هٿن سان تيار ٿيو،
آء به اوهان سان گڏ هلان ٿو،
منهنجو وايون منهنجا بيت،
بڻڇيون ڀالا نيٺ بڻيا،
باقي سڀ کي آء سڏيان ٿو،
آزاديء جي سين هڻان ٿو،
منهنجي سڏ ۾ سڏ جي ڏيندا،
سيئي هاڻي سنڌ جا سڏبا،
سيئي هاڻي سنڌ جا سڏبا.....
دوستو هي ڀيٽا قومي شهيدن سرائي قربان کهاوڙ ء روپلي چولياڻيء جي ٽيجهي واري ڏينهن سان آهي. جنهن ۾ هڪ پريمي ڌرتي جي آزاديء خاطر پنهنجي پريميڪا جي ڀاڪر مان نڪري قومي جنگ لاء موڪلائي ٿو ء پريميڪا روڪڻ بدران سندس ساٿ ڏيندي ميدان ۾ گڏ نڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي سندن 2پٽ آهن ء هڪ نياڻي جيڪي پيء ماڀ جي گفتگو پوري ٿيڻ بعد پنهنجا سر گهورڻ جو پڪو پھ ڪري گڏ نڪري پون ٿا جنهن ڪٽنب جي سڄي ڳالھ ٻولھ سنڌ جو شهنشاھ لظتيف مالڪ ٻڌي وٺي ٿو ء هنن کي پنهنجي هثن سان تيار ڪري ميدان ۾ موڪلي ٿو ء ڌرتي واسين کي سرن ڏيڻ جي سين هڻي اعلان ڪري ٿو ته جي منهنجي سڏ ۾ سڏ نه ڏنو ته اهو منهنجو ناهي ء ڌرتي ان کي پنهنجو نه ڪندي ..دوستو هي سڄو مون تصوراتي رنگ لفظن ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو اوهان آڏو پيش ڪجي ٿو...جاويد جوکيو
رهزن وري رومڙ ڪئي،
اچو ته ساهيون سندرا،
مٺي تون مونکي تيار ڪر،
هاڻي آزاديء سان پيار ڪر،
مون کي تنهنجن زلفن جوقسم،
ء حسين مرڪن جوقسم،
مون لئه تون اتم آهين،
سکي تون ئي دين ڌرم آهين،
پرهيء جيڪا ڌرتي آ،
سا پنهنجي پيار کان اوچي آ،
سنڌ....!سرمد سمجهي سڏ ڪيو،
مون اڄ کان تنهنجو سنگ ڇڏيو،
جوڌن کي وري للڪاريو ويو،
لاش شهيدن جو ساڙيو ويو،
قربان پنهنجو ساھ ڏنو،
روپلو هن سان گڏ سڙِيو،
مان ڪيئن رهان تنهنجي ڀاڪر ۾،
قومي موت آ اهڙي ٺاپر ۾،
قوم سان پنهنجو عشق اٿاھ،
ماء سان يڏو ڏاڌ انياء....!
هي ڪير ڪو ڏسندو ويهي لقاء،
مٺ تو کان ڪيان پيو الوداع،
مهنجا پٽ به تيار ڪجان،
ء سنڌ تان تون قربان ڪجان.
سين نمبر ٻيو
مٺا مان تنهنجي محبوبا هان،
تو ساڻ پل پل نينهن نڀايا،
پنهنجو پيار قربان ڪيان گڏجي تو سان ساھ ڏيان،
ڏس پنهنجو پاڻ تيار ڪيم،
هڪل ڪئي تو هلي آيم،
هاڻي هار سينگارجي ڳالھ نه ڪيون،
اٿ هٿيار ء بارود کڻون،
ويڙھ گڏجي وڙهڻي آهي،
زندگي هونء به وڃڻي آهي،
بس ڳاھ هتي هڪ رهڻي آهي،
مون کي تنهن کا نفرت آهي،
جنهن۾ قومي غيرت ناهي،
پنهنجو پيار قربان ڪيون،
هر هر سنڌ تان سر ڏيون،
ماريون،ماريون ء ماريون،
ڌرتيء جو هر ويري ماريون،
پنهنجي پوتي سندرو ڪيان ٿي،
اهڙي اڄ مان ويڙھ وڙهان ٿي،
توسان گڏجي آء هلان ٿي،
جي ٻئي ويڙھ ۾ ماريا ويا سين،
هي جاڙا جيون گهور ڪيا سون،
پوء پنهنجو پيار اتم آهي،
نه ته پيار ڪهاڻي ختم آهي،
موت اهڙو ڊزائين ڪيون ٿا،
جنهن کي موت نه ماري سگهندو،
ء ڪوبه نه لاشا ساڙِ سگهندو،
اٿندو هر انسان هي اٿندو،
پوط ئي پنهنجو پيار امر آ....
سين نمبرٽيون
ڀل جان پاڻ ننڍڙا آهيون،
جيجل تنهنجا ٻچڙا آهيون،
بابل توکي سڏ ڪيو،
مون ڀيڻ سڏي ء ڀاء سڏيو،
ڌرتيء لئه هي ڪنڌ کڻو،
سنڌ کان ناهي سر مٺو،
گڏجي اهڙِ جنگ ڪيون،
هلي ويرين جا ٿا ڪنڌ ڪپيون......
سين نمبر چوٿون
هو آ سرمد تون آن ٻاگهي،
هي ٻچڙا عشق جا آهن ساکي،
اهڙي ويڙھ جي صورت کي،
هن عشق جي اهڙي مورت کي،
مون داد ڏنو مون ڀٽ ڇڏي،
منهنجي هٿن سان تيار ٿيو،
آء به اوهان سان گڏ هلان ٿو،
منهنجو وايون منهنجا بيت،
بڻڇيون ڀالا نيٺ بڻيا،
باقي سڀ کي آء سڏيان ٿو،
آزاديء جي سين هڻان ٿو،
منهنجي سڏ ۾ سڏ جي ڏيندا،
سيئي هاڻي سنڌ جا سڏبا،
سيئي هاڻي سنڌ جا سڏبا.....
دوستو هي ڀيٽا قومي شهيدن سرائي قربان کهاوڙ ء روپلي چولياڻيء جي ٽيجهي واري ڏينهن سان آهي. جنهن ۾ هڪ پريمي ڌرتي جي آزاديء خاطر پنهنجي پريميڪا جي ڀاڪر مان نڪري قومي جنگ لاء موڪلائي ٿو ء پريميڪا روڪڻ بدران سندس ساٿ ڏيندي ميدان ۾ گڏ نڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي سندن 2پٽ آهن ء هڪ نياڻي جيڪي پيء ماڀ جي گفتگو پوري ٿيڻ بعد پنهنجا سر گهورڻ جو پڪو پھ ڪري گڏ نڪري پون ٿا جنهن ڪٽنب جي سڄي ڳالھ ٻولھ سنڌ جو شهنشاھ لظتيف مالڪ ٻڌي وٺي ٿو ء هنن کي پنهنجي هثن سان تيار ڪري ميدان ۾ موڪلي ٿو ء ڌرتي واسين کي سرن ڏيڻ جي سين هڻي اعلان ڪري ٿو ته جي منهنجي سڏ ۾ سڏ نه ڏنو ته اهو منهنجو ناهي ء ڌرتي ان کي پنهنجو نه ڪندي ..دوستو هي سڄو مون تصوراتي رنگ لفظن ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو اوهان آڏو پيش ڪجي ٿو...جاويد جوکيو