نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون... ميان شهباز شريف کي سوچي سمجھي ڳالهائڻ گهرجي تحرير: زرار پيرزادو [JUSTIFY]* سياسي علم کان وانجھيل ۽ غير نظرياتي ماڻهو ئي اهڙو سطحي بيان ڏئي سگهي ٿو ته ”جيڪڏهن اوهان پنجاب ۾ بهاول پور ۽ ڏکڻ پنجاب جا الڳ صوبا بڻائڻ چاهيو ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ به ڪراچيءَ کي الڳ صوبو بڻايو وڃي“. پر حيرت انگيز طور تي اهو بيان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ڏنو آهي. جيڪو مسلم ليگ (ن) جي هڪ اڳواڻ ۽ سينيئر سياست دان طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. * ان حوالي سان شهباز شريف کي عرض آهي ته توهان هڪ صوبي جا وڏا وزير آهيو ان صوبي مان واڌو صوبن جو مطالبو ٿي رهيو آهي. اوهان ان مطالبي کي حل ڪري سگهو ٿا يا نه توهان کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ گھرجي، پر توهان اهو نه ٿا چئي سگهو ته پهريون سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه سنڌ ۾ ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائي ڏيکاري ته پوءِ مان ڪندس يا پهرين سنڌ جا ماڻهو الڳ صوبو ٺاهين ته پوءِ مان پنجاب جي عوام جي مطالبي تي سوچي سگهان ٿو. * اها ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جي ڳالهه ته هاڻي متحده قومي موومينٽ به نٿي ڪري ايئن سنڌ جو عوام به جڏهن سنڌ ۾ ٻئي صوبي ٺاهڻ جو ڪو مطالبو ئي نٿو ڪري، اڃا به هو واڌو صوبي جي مخالفت ئي ڪندو آيو آهي ته پوءِ شهباز شريف آخر ڪنهن جي ترجماني ڪندي ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جو اهو مطالبو ڪري رهيو آهي؟ ڇا شهباز شريف ان ڏس ۾ سنڌ جي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان پڇيو آهي ته اهي ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جي ڪا خواهش يا ضرورت محسوس ڪن ٿا يا نه. * جيستائين پنجاب جي ڳالهه آهي ته ون يونٽ قائم ڪرڻ کان اڳ بهاول پور جيئن ته الڳ رياست هئي ۽ پنجاب صوبي ۾ شامل نه هئي تنهن ڪري اتان جا ماڻهو پنهنجي رياست جي بحالي چاهي سگهن ٿا، ايئن ڏکڻ پنجاب جا سرائيڪي الڳ صوبي جي خواهش رکن ٿا تن جو مطالبو بحيثيت پنجاب جي وڏي وزير جي اوهان کي مڃڻ يا نه مڃڻ جو اختيار آهي پر اهو چوڻ ته ”پهرين ڪراچي الڳ صوبو ٿئي پوءِ ان مطالبي تي ويچار ٿي سگهي ٿو“ هڪ انتهائي ڪريل ذهنيت ۽ سياست آهي. * شهباز شريف ته ٻه اڌ ڪري سنڌ کي ننڍو صوبو ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر هو ڊڄي ان ڏينهن کان ته سنڌي نه ڪڏهن پنهنجي سنڌ جي پراڻين جاگرافيائي سرحدن جي بحالي جو مطالبو ڪري وجھن. * سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته قديم دور ۾ ته سنڌو تهذيب جون جاگرافيائي سرحدون تمام وسيع هيون پر جديد دور ۾ جاگرافيائي طور اهو سڄو علائقو ئي سنڌ آهي جتان سنڌو درياهه وهي ٿو ۽ اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.[/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
جواب: ميان شهباز شريف کي سوچي سمجھي ڳالهائڻ گهرجي شهباز شريف جو مِس فائرڊ ميزائيل! ڊاڪٽر ايوب شيخ پاڪستان ۾ ”ڊيلي ويجز“ يا ڏهاڙيءَ واري سياست پنهنجي عروج تي آهي. سياسي ڪارڪنن يا ليڊرن يا ويندي سياسي پارٽين مان هڪڙن کي “روزگار” ملي ٿو ٻيا وري بيوسيءَ سان پنهنجا ”سياسي پروگرام“ ۽ ”نعرا“ وڪرو پيا ڪن. هڪڙا ميڊيا جا محبوب ٿي پنهنجي جهڙو تهڙو “سياسي وکر” وڪرو پيا ڪن. ميڊيا جي ڪي حصا وري انهن جي وڌي چڙهي مدد پيا ڪن. اڄڪلهه روز جي بنياد تي پاڪستان جي هڪ وڏي سياسي پارٽي نواز ليگ جا ڪجهه ليڊر پنهنجي پنهنجي شخصيت کي اڳيان آڻڻ لاءِ ميدان تي لٿل آهن. انهن جي بيانن يا پاليسي موضوعن کي لاپرواهي سان سامهون آڻڻ جي ڪري جيڪي نقصان هو پنهنجي لاءِ ڪري ويٺا آهن، تن جو نه توڙ آهي نه وري ٽٽُل کي ڪو ٽانڪو ئي لڳڻو آهي. نواز ليگ جا اهڙا چار ليڊرآهن، جيڪي بيان ڏيئي نواز ليگ لاءِ مسئلا پيدا ڪري ويٺا آهن. تازي ڳالهه ته ميان شهباز شريف صاحب پاران ”ڪراچي صوبو“ ٺاهڻ جي گهر ڪرڻ آهي. پر ان کان اڳ به سندن وڏي ڀاءُ ۽ نواز ليگ جي سربراهه ميان محمد نواز شريف صاحب هڪ ڀيري اعلان ڪندي ڪندي پنهنجي کيسي مان هڪ پرچي ڪڍي هئي ته ”اسان ڪالاباغ ڊيم ٺاهينداسين“ ان پرچيءَ نواز ليگ لاءِ سنڌ ۾ ڀڙڇيءَ جو ڪم ڪيو هو. آهستي آهستي ڪالاباغ ڊيم جي باري ۾ پنهنجا بيان بدلائيندا وري اچي ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ تي محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ ٿيا. آهستي آهستي پنهنجي سياست کي وڌائيندا هليا پر اوچتو سندن ٽيون سورمو چوڌري نثار علي خان پاڪستان جي ڳجهي اداري جي سربراهه جي آمريڪا روانگي جي باري ۾ ڪمهلو بيان ڏيئي پنهنجي مهل وڃائي ويٺو. چوٿون سورمو آهي جاويد هاشمي. جنهن نه ڪئي هَم نه تَم پنهنجي سياسي قيادت خلاف عوامي سوچن جو اظهار ڪري ويٺو. پر ميان شهباز شريف پاران سنڌ ورهائڻ جي خطرناڪ بيان جي ڪري هن سنڌ مان نواز ليگ جي اڀرندڙ سمورا صلا پنهنجي هڪ بيان جي بلڊوزر سان چيٿاڙي ڇڏيا آهن. انهن بيان کي چئبو آهي Unguided Missiles. سنڌ نواز ليگ جي عورت شاخ جي هڪ ليڊر چيو ته، ”ان کان بهتر هيو ته ميان صاحب بدران شهباز شريف پنهنجو علاج ڪرائڻ وڃي ها.“ هوءَ فرمائي ٿي ”اها پارٽي ۾ طئي ٿيل ئي نه هئي، پر شهباز شريف کي سنڌ جو خيال ڪرڻ گهرجي ها.“ ميان برادرز جڏهن جنرل ضياءُالحق جي مرتئي کانپوءِ سياسي طور اڪيلا ٿيا هئا ته هنن 1988ع جي اليڪشن ۾ ٻي واهه نه ڏسي سنڌ مان پي پي آءِ جو اڳوان مرحوم سرور اعواڻ گهرايو هو. موچي دروازي تي ٿيل جلسي ۾ هنن سرور اعواڻ کان نعرا هڻايا هئا “جاڳ پنجابي جاڳ، تنهنجي پڳ کي لڳي ويو داغ“ هنن جي نظر ۾ اهو داغ جمهوريت جو داغ هيو. ان نعري مان ميان صاحبان اڄ تائين نڪري نه سگهيا آهن. ڳالهه ڪٿان شروع ٿي هئي؟ جنرل ضياءُ الحق جي وقت ۾ ان جي ساٿين پنهنجي سياسي ۽ سماجي بيانن ۾ اها ڳالهه چوڻ شرع ڪئي هئي ته ملڪ ۾ جمهوريت به نه هجي، صوبا به نه هجن، بس رڳو ون يونٽ جي طرز جو ڍانچو هجي يا وري ملڪ ۾ 52 صوبا ٺهڻ گهرجن. آمريت ٻن انتهائن تي سوچيندي آهي. آمريت ڪڏهن ون يونٽ لڳائي، ڪڏهن وري آئين کي معطل ڪري ۽ ڪڏهن وري صوبن جي عملي حيثيت ختم ڪرڻ جهڙا ڪم ڪندي آئي آهي. گڏيل هندستان ۾ هڪ هئي ”سنڌ“ ۽ ٻي هئي ”هند“. گڏيل هندستان ۾ ڪجهه ”رياستون“ پڻ هيون. پاڪستان ٺاهڻ وارن ۾ چار اهم علائقا سنڌ، پنجاب، پختونخوا، بنگال هئا. بلوچستان ان زماني ۾ ”برٽش بلوچستان“ سڏيو ويندو هو. جيڪي 13 رياستون پاڪستان سان الحاق طور اڳيان آيون، انهن ۾ بلوچستان کان سواءِ بهاولپور، چترال، دير، هُنزا، قلات، خيرپور،کاران، لسٻيلو، مڪران، نگر ۽ سوات شامل هيون. انهن سڀني گڏجي پاڪستان ٺاهيو هو. بهاولپور 1802ع ۾ شڪارپور جي دائودپوٽن اتي وڃي آباد ڪئي هئي. ان علائقي تي دراني قبيلي جي سرداري هئي، جنهن جي خاتمي کانپوءِ ان جي پهرين نواب بهاول خان جي نالي پٺيان اهو علائقو آباد ڪيو ويو. هو پاڻ کي عباسي خلافت جا پيروڪار سمجهن ٿا. 1833ع ۾ رياست انگريز سرڪار سان پهريون معاهدو ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان ٻه مهينا پوءِ 7 آڪٽوبر 1947ع تي بهاولپور رياست پاڪستان ۾ شامل ٿي ۽ 14 آڪٽوبر 1955ع تي ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ اولهه پاڪستان ۾ ضم ڪئي وئي. جنرل مشرف ملڪ ۾ ضلعن جي رابطي لاءِ ٺهيل ڊويزنون ۽ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ وارن صوبن جو عملي وزن گهٽائي بنا اعلان ون يونٽ قائم ڪري ڇڏيو هو. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ اطلاعات واري وزير محمد علي دراني مشرف دور جي خاتمي کانپوءِ پنهنجي علائقي ۾ سياسي اثر وڌائڻ لاءِ گهر ڪرڻ شروع ڪئي ته ”ملڪ ۾ 14 صوبا ٺاهيا وڃن.“ 2009ع ۾ پ پ پ ۽ نواز ليگ ۾ اختلاف وڌڻ سان هڪ پاسي نواز ليگ پيپلزپارٽي کي پنجاب مان دربدر ڪرڻ شروع ڪيو ۽ نيٺ ان کي صوبائي سرڪار مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اهڙي صورت ۾ نواز ليگ جي سموري طاقت جي خلاف آهستي آهستي هڪڙو اهڙو ماحول جُڙندو ويو جو ”سرائڪي صوبي“ ۽ ”بهاولپور صوبي“ جون ڳالهيون سامهون اينديون ويون. ان سڄي مامري ۾ ملتان ۾ پنهنجي اثر رسوخ کي قائم رکڻ لاءِ نواز ليگ جي جاويد هاشمي کان ويندي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني تائين سمورن سياستدانن ”سرائڪي صوبي“ ٺاهڻ جي ڳالهه تيز ڪري ڇڏي. انهن ڳالهين جي ڪري نواز ليگ شدت سان محسوس ڪيو ته هو ميدان ۾ پنهنجي ”ڏهاڙي“ کري ڪري ۽ هن پنهنجو هڪ عدد ”بي لغام ميزائل“ فائر ڪري ڇڏيو. ان ميزائل ”مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي“ وانگر نواز ليگ پنهنجا نقصان ڪندي بنا دير نواز ليگ جي شهرت جي شهبازن جي سڄي پرواز جا پر ڪاٽي ڇڏيا. سرائيڪي صوبو سرائڪي صوبي جا سمورا حمايتي ان خيال جا آهن ته ان ۾ اڳوڻيون ٽي ڊويزنون يعني ملتان، ڊيرا غازي خان ۽ بهاولپور جا سمورا علائقا شامل ڪيا وڃن. انهن علائقن ۾ جيڪي ضلعا اچن ٿا، انهن ۾ ملتان، بهاول نگر، بهاولپور، رحيم يار خان، خانيوال، وهاڙي، پاڪ پتڻ، ساهيوال، لوڌران، مظفرڳڙه، لئيا، ڊيرا غازي خان، جهنگ، ميانوالي، بکر، خوشاب ۽ راڄڻ پور شامل آهن. سرائڪي صوبو ٺهڻ سان هڪ پاسي سرائيڪي عوام جو پراڻو مطالبو پورو ٿيندو پر اهو پر امن طريقي سان معاملو حل پڻ ٿيندو. ان سان پنجاب جي اندر جيڪي به انتظامي مسئلا آهن، جيڪي به وڏا وڏا فاصلا آهن سي پڻ ختم ٿيندا. عوام کي نسبتن ويجهي هنڌ تان پنهنجي مسئلن کي حل ڪرڻ جا نوان نوان گس ملندا. خواجا فريد جي ديس ۾ جيڪڏهن اها وڏي ڳالهه ٿي وئي ته ان جا سرائيڪي عوام کي الاهي فائدا ملندا. خطرا ميان محمد شهباز شريف جي بيان کانپوءِ سياسي طور نواز ليگ جو سياسي سفر نه رڳو وڌيڪ اڪيلائي جي پاسي وڌيو آهي پر سنڌ ۾ ان جو بي پناهه نقصان ٿي چڪو آهي. ترديدون وڌيڪ تصديق جي پاسي ليکيون وينديون آهن. سنڌ جي سمورين پارٽين، جيڪي سرڪار ۾ آهن يا سرڪار کان ٻاهر آهن تن بنا دير ميان شهباز شريف جي بيان تي سخت ردِعمل ظاهر ڪيو آهي. ان تيزيءَ جو مطلب پڻ اهو آهي ته هرڪو ”خطرا“ محسوس ڪري ٿو. سياست جي آويءَ ۾ سنڌ ساڙڻ جي جيڪو به ڳالهه ڪندو، تنهن سان الاهي مسئلا پيدا ٿيندا. پر، هڪڙا ٻيا خطرا پڻ وڌي رهيا آهن. ملڪ جي اندر ”ملڪي سياست“ علائقن ڏانهن وڌي رهي آهي. هرڪو پنهنجي پنهنجي ٻولي ۽ قوم جي مدار ڏانهن موٽي رهيو آهي. اها ڳالهه عالمي طور مختلف قوتن جي حق ۾ ٿي سگهي ٿي پر ملڪ جي عوام واسطي، ملڪ جي سياست واسطي، ملڪ جي سياسي پارٽين جي واسطي هڪڙا وڏا گهوٽالا پيدا ٿي رهيا آهن. انهن خطرن کان سمورين پارٽين ۽ سياسي گروپن کي خبردار رهڻو آهي. ayoubsindh@hotmail.com The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com راجا رياض شهباز جي بيان تي پنجاب اسيمبلي پاران سنڌ کان معافي وٺي ڇڏي لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وڏي وزير شهباز شريف جي بيان تي پنجاب اسيمبلي طرفان سنڌ جي عوام کان معافي وٺندي مطالبو ڪيو آهي ته وڏو وزير شهباز شريف پاڻ به صوبي کي ورهائڻ جي حوالي سان ڏنل بيان تي سنڌ جي عوام کان معافي وٺي، راجا رياض پنجاب اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي شهباز شريف جي بيان کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏنو ۽ چيو ته پنجاب جي عوام جو هي چونڊيل ايوان شهباز شريف جي بيان تي سنڌ جي عوام کان معافي وٺي ٿو، پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڏي وزير شهباز شريف جي غير موجودگي ۾ ان کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته هي اسان جو وڏو وزير سنڌ جي معاملن تي بيان ڏيندو وتي ٿو ۽ سنڌ جي شهر کي صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، اهو سنڌ جتي ان جي جماعت وٽ صوبائي اسيمبلي ۾ هڪ به سيٽ ناهي ان صوبي ۾ ته ڪير هنن سان هٿ ملائڻ لاءِ به تيار ناهي، هن شهباز شريف جو نالو وٺڻ بنا چيو ته اوهان اڳ ۾ به سنڌ سان گهڻيون زيادتيون ڪيون آهن، ٻن وزيراعظمن جا لاش سنڌ ڏانهن موڪلي چڪا آيو هاڻي بس ڪريو، هن مطالبو ڪيو ته شهباز شريف پنهنجي بيان تي صوبي جي عوام کان معافي وٺي ۽ صوبي جي عوام جو هي چونڊيل ايوان شهباز شريف جي بيان تي سنڌ جي عوام کان معافي ٿو وٺي، هن مسلم ليگ (ن) وارن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هي چون ٿا ته سرائيڪي صوبي جي ڳالهه نه ڪيو آخر ڪيئن نه ڪريو ، جڏهن ڏکڻ پنجاب ۾ ڪڻڪ لٿي 15 ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ هن وقت تائين صوبائي حڪومت اتان هڪ داڻو به ڪڻڪ جو ناهي خريد ڪيو، ان کان اڳ پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته مون اڳ ۾ به چيو هو ته شهباز شريف هڪ ضدي ٻار ۽ وڏ وزارت لاءِ ان فٽ آهي، هن چيو ته شهباز شريف جي اها پراڻي عادت آهي ته هو ٻين صوبن جي معاملن ۾ بيان ڏئي ان تان ڦري ويندو آهي. The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي:شهباز لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف سنڌ جي ورهائڻ ۽ ڪراچي کي صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان ڏنل بيان تان ڦري ويو ۽ هن وضاحت ڪندي چيو آهي ته هن ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي، ڄاڻي واڻي سندس بيان کي غلط پيش ڪيو ويو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهبازشريف ان ڳالهه جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ته هن ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران هن اهو چيو هو ته هو سرائيڪي يا بهاولپور صوبي جي مخالفت نه ٿا ڪن پر هڪ قومي جماعت هجڻ جي حيثيت ۾ مسلم ليگ (ن) پاڪستان ۾ نون صوبن جي قيام جو معاملو جماعتي سطح تي طئي ڪندي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويندو ته ملڪ ۾ ڪٿي ڪٿي نوان صوبا ٺهڻ گهرجن ۽ آيا ڪراچي کي به نئون صوبو ٺاهڻ گهرجي يا نه ؟. شهباز شريف چيو ته نئين صوبي جي باري ۾ ميڊيا پاران ڪيل هڪ سوال تي ڏنل منهنجي جواب کي ڪجهه ماڻهن ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ غلط معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن تي مون کي تمام گهڻو افسوس آهي. پريس ڪانفرنس ۾ شهباز شريف چيو ته هن ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي پر هن هڪ سوال اٿاريو هو. هن واضح ڪيو ته مسلم ليگ (ن)نون صوبن جي مخالف ناهي، ان حوالي سان پارليامينٽ ۾ بحث ٿي سگهي ٿو ۽ نون صوبن جي قيام جو فيصلو به پارليامينٽ ئي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ئي ڪري سگهي ٿي. شهباز شريف جيڪو پنجاب جي وڏي وزير طور چين جو دورو ڪري ٻه ڏينهن اڳ وطن واپس آيو آهي، تنهن چين سان ڊرون ٽيڪنالاجي بابت تعاون جي سلسلي ۾ ڪيل هڪ اهڙي سوال جنهن جو هڪ صوبي جي وڏي وزير سان ڪو به تعلق ناهي جو جواب ڏيندي ۽ ڊرون حملن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان وٽ ڊرون ڪيرائڻ جي صلاحيت موجود آهي، ان هوندي به چين دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان هر ممڪن تعاون ڪرڻ، ٽيڪنالاجي ۽ مهارت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. شهباز شريف ٻڌايو ته هن بجلي جي پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ چين سان 7 ارب ڊالرن جا معاهدا ڪيا آهن. هن چيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ ۾ پنجاب سان ظلم ۽ زيادتي ڪئي وئي، جنهن سبب صوبي ۾ صنعتن جو ڦيٿو رڪجي ويو ۽ هاڻي بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب صنعتون بند ٿي ويون آهن. ان ڪري اسان صوبائي سطح تي توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ چيني ڪمپنين سان توانائي جي معاهدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ وٺنداسون.