ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو
جيڪي دوست پاڪستان ۾ ۽ جيڪي دوست پاڪستان کي ٻاهر رهن ٿا انهن کي سنڌ سلامت انتظاميه پاران جشن آزادي مبارڪ هجي .


السلام عليڪم دوستو
جيڪي دوست پاڪستان ۾ ۽ جيڪي دوست پاڪستان کي ٻاهر رهن ٿا انهن کي سنڌ سلامت انتظاميه پاران جشن آزادي مبارڪ هجي .
sindhsalamatsaathsal
فقير سائين
مان غريب به اوهان کي يوم آزادي جي موقعي تي لک لک وڌايون عرض ڪيان ٿو
واه وا وا واه
اسان لک برا۔۔۔۔۔ اسان تي لکين پابنديون۔۔۔۔۔ اسان جا حڪمران غلام۔۔۔۔ اسان جي رستن تي ناڪا۔۔۔۔ ڊرون حملا۔۔۔۔ سوات آپريشن۔۔۔ بلوچستان جا ڳوڙها۔۔۔۔ سنڌ سان ناجائزيون۔۔۔۔ کنڊ ۽ بجلي جو بحران۔۔۔ مهانگائي ۽ بيروزگاري۔۔۔۔ ۽ گهڻو ڪجهه جيڪو توهان ڄاڻو ٿا۔۔۔۔ پر ان جي باوجود آزادي جهڙي نعمت کان انڪار ممڪن نه آهي۔۔۔۔
انهن سڀني براين ۽ پابنديون کان باوجود اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان بهتر آزادي جي زندگي جيون پيا۔۔۔۔۔ گهٽ ۾ گهٽ هن ڏينهن جنهن ڏينهن اسان کي هندن۔۔ يهودين ۽ انگريزن کان آزادي ملي ۔۔۔۔ پنهنجي بزرگن جي قرباني کي ياد ڪرڻ۔۔۔ مستقبل جي لاءِ سوچ ويچار ڪرڻ اسان جي ذميداري ٿي بڻجي۔۔۔
جيڪڏهن اسان پنهنجي حالتن کي ڏسي پنهنجو پاڻ پاڻ کي گهٽ وڌ چوندا رهياسين۔۔۔۔ پاڻ کي غلام تصور ڪري دٻيل رهياسين ۔۔۔۔۔ آزادي تي فخر ڪري خاموش رهياسين ته آزادي جو شعور ۽ آزاد قوم جو احساس وڌڻ جي بجاءِ مايوسيون وڌنديون۔۔۔۔
ياد رکو ان ڏينهن کي جڏهن قوم کي وطن جو انتظار هو۔۔۔۔ ۽ اڄ وطن کي قوم جو انتظار آهي۔۔۔۔
اچو ته گڏجي هن پاڪ وطن کي هڪ قوم ڏيون۔۔۔۔۔
هي اونداهيون جلد ختم ٿينديون۔۔۔۔ روشني جون ڪرڻيون بس اجهو آيون۔۔۔۔ بس اسان کي مايوسين کي ڇڏي روشن مستقبل جي خواب کي هر وقت اڳيان رکڻو پوندو۔۔۔۔
پاڪستان ۔۔۔ پائندا باد
جي ادا وحيد ڦلپوٽا خير مُبارڪ جشن آزاد قومون ته ملاهينديون آهن پر ڪڏهن ڪڏهن غلام قومون پڻ دل نه چاهيندي جشن کي پنهنجي پنهنجي نقطه نگاهه سان ملاهينديون آهن۔ خير ڇا به هُجي جيستائين اسان جي کيسي ۾ بابا قائد اعظم جي تصوير، اسان جي مهان آفيسرن ويندي ننڍي ڪاموري کان صدر مملڪت تائين جي پويان بابا قائد اعظم جي تصوير هوندي تيستائين ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه ڪُرڻ گهرجي ته اسان سڀ پاڪستاني آهيون۔ ان ڪري آزاد قومن کان وٺي غلام قومن تائين سڀني کي دل جي گهرائين سان يوم جشن آزادي مُبارڪ
هي هڪڙي غريباڻي تصوير توهان سان شيئر پيو ڪريان خالص ۽ سچن پاڪستانين سان
![]()
مهرباني ادا زاهد سومرا عرف هيوي