• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وينا ملڪ کي طالبان پاران ڌمڪي

عرس پريو

سينيئر رڪن
پاڪستاني اداڪاره وينا ملڪ چيو آهي ته انڊين ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪرڻ سبب طالبان پاران کيس قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
وينا ملڪ هينئر تائين هندستان ۾ آهي جتي هڪ ٽي وي چئنل تي ڪرڪيٽ ڪمنٽري واري پروگرام جي ميزبان آهي. وينا ملڪ جي مئنيجر موجب هڪ خط جي ذريعي کيس قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
اِهو خط تحريڪ طالبان جي ڪنهن اڳواڻ مولانا احمد مسعود پاران لکيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ طالبان جي اڳواڻ مولانا احمد مسعود وينا ملڪ کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
وينا ملڪ سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين انڊين ٽي وي چئنل جي ريئلٽي شو ”بگ باس“ ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن جي ڪجهه حصن تي پاڪستان جي مذهبي ۽ عام ماڻهن پاران اعتراض ڪيو ويو آهي.
جڏهن وينا ملڪ جي مئنيجر کان پڇيو ويو ته اِهو خط سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي اٽڪل ته نه آهي ڇاڪاڻ ته اداڪار عام طور شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪندا آهن؟ وينا ملڪ جي مئنيجر جو چوڻ هو ته وينا ملڪ جي زندگي کي سنئون سڌو خطرو آهي. مئنيجر موجب وينا ملڪ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سندس ڪنهن به ڳالهه سان ڪنهن کي ڏک ٿيو هجي ته آئون معافي گهريان ٿي پر هن سان گڏ وينا ملڪ اِهو پڻ چيو ته کيس موت جو خوف ناهي ۽ وطن ضرور ورنديس جڏهن ته هينئر تائين وينا ملڪ ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي پناهه وٺڻ جو فيصلو ڪونه ڪيو آهي۔۔

 
جواب: وينا ملڪ کي طالبان پاران ڌمڪي

بلڪل صحيح۔۔۔۔۔ اهو آهي۔ سستي شهرت حاصل ڪرڻ جو طريقو۔۔۔۔۔
هن اخلاق کان ڪريل حرڪتون ڪري پهرين ئي پنهنجي قوم جون نظرون جهڪائي ڇڏيون آهن۔۔۔​
 
Back
Top