مست
سينيئر رڪن
عرب امارات ۾ ٽيڪسي هلائيندڙ پاڪستان جي رميز خان ديانتداري جي نئين مثال قائم ڪئي آهي، سندس ٽيڪسي ۾ هڪ چائنا جي واپاريءَ جا 40 هزار ڊالر ۽ 10 ڪلوگرام سون رهجي ويو، جيڪو ان بنا ڪنهن دير جي سندس مالڪ کي واپس پهچائيو، سندس ان عمل جي نتيجي ۾ جتي سندس واکاڻ ٿي آهي، کيس انعام مليا آهن اتي پاڪستاني قوم جي متعلق به ماڻهن جي سوچ تبديل ٿي آهي۔۔۔ ان واقعي کان پهرين به هو مختلف موقعن تي سندس ٽيڪسي ۾ رهجي ويل سامان کي انهن جي مالڪن حوالي ڪندو رهيو آهي۔۔ سندس چوڻ آهي ته مال ڀلي ڪيترو ڇو نه هجي پر حرام حرام آهي ۽ حلال حلال آهي، مان پنهنجي اولاد جي پرورش حرام جي مال سان نه ٿو ڪرڻ چاهيان۔۔ شل اها سوچ هر مسلمان جي ٿي وڃي ته ٻيو ڇا کپي۔۔ ۔
[video=facebook;187702741275934]http://www.facebook.com/video/video.php?v=187702741275934&subj=100001215079701[/video]