• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مقابلي جا امتحان

هن سٽن ذريعي آئون سنڌ سلامت انتظاميه توڙي سنڌ جي سڀني نوجوانن کي عرض ڪيان ٿو ته سنڌ سلامت معلومات ۽ تفريح حوالي سان سنڌ جي هڪ اهم ويب آهي ، پر ان ۾ اضافو ڪرڻ لا اسان جا ساٿي ، سنڌي نوجوانن جي رهنمائي لا مقابلي جي امتحان (سي۔ ايس۔ ايس يا ايس۔پي ۔ ايس۔ سي) جي تياري لا نوجوانن کي همٿائين ۽ ان حوالي سان سنڌ سلامت تي معلومات به فراهم ڪئي وڃي۔ آئون سمجهان ٿو ته اهو قدم اسان جي لا بهتر ثابت ٿيندو۔
 
جواب: مقابلي جا امتحان

بلڪل سائين صحيح ٿا چئو اسان وٽ سنڌ ۾ ان حوالي سان ڪوبه ڪم نه پيو ٿئي ان لا سنڌ سلامت کي ان حوالي سان اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهڙجي
 
جواب: مقابلي جا امتحان

آءُ سمجهان ٿو وقت سان انتظاميه هن سيڪشن ۾ ضروري اضافا ضرور ڪندي آهي۔
 
جواب: مقابلي جا امتحان

سائين توهان جي صلاح کي نوٽ ڪيو ويو آهي ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي گڏجاڻي آهي ان ۾توهان جي ان صلاح جي باري ۾ ڳالهايو ويندو

توهان جي وڌيڪ صلاحن جا منتظر رهنداسين

سدائين گڏ
 
جواب: مقابلي جا امتحان

سائين محترم سڪندري جي صلاح، سڄڻائپ واري آهي ۔۔۔ جن دوستن وٽ اهڙن امتحانن ۾ مقابلي ڪرڻ جو مواد موجود هجي ته سنڌ سلامت جي تعليم واري سيڪشن ۾ ونڊ ڪندا ته سون جي منڊي ۾ هيري جي ٽڪ وارو ڪم ٿيندو ۔۔۔

هن مد ۾ هيٺيون ڳالهيون ونڊ ڪري سگهجن ٿيون:

1۔ مقابلي جا امتحان آهن ڇا؟ تعرف
2۔ ڪهڙا ڪهڙا امتحان ڏئي سگهجن ٿا؟
3۔ امتحانن ۾ ڪهڙا ڪهڙا مضمون شامل آهن؟
4۔ امتحان ۾ شامل ٿيڻ جا فارم يا ڪهڙي ڪاغذي ڪاروائي ٿئي ٿي؟
5۔ امتحانن ۾ ويهڻ جي اهليت ڇا آهي؟
6۔ مقابلي جي امتحانن ڏيڻ ۾ ڪهڙا فائدا آهن ؟ وغيره وغيره

وڌيڪ جيڪڏهن مضمونن جي حساب سان ڪي نوٽس يا ڪتاب موجود هجن ته اهي به ونڊ ڪجن

دوست تمام سٺي صلاح ڏني آهي ۔۔۔ دوستن کي عرض آهي ته ان تي ڪم ڪن ۽ سنڌ سڄڻائپ جو ثبوت ڏين ۔۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: مقابلي جا امتحان

هن سٽن ذريعي آئون سنڌ سلامت انتظاميه توڙي سنڌ جي سڀني نوجوانن کي عرض ڪيان ٿو ته سنڌ سلامت معلومات ۽ تفريح حوالي سان سنڌ جي هڪ اهم ويب آهي ، پر ان ۾ اضافو ڪرڻ لا اسان جا ساٿي ، سنڌي نوجوانن جي رهنمائي لا مقابلي جي امتحان (سي۔ ايس۔ ايس يا ايس۔پي ۔ ايس۔ سي) جي تياري لا نوجوانن کي همٿائين ۽ ان حوالي سان سنڌ سلامت تي معلومات به فراهم ڪئي وڃي۔ آئون سمجهان ٿو ته اهو قدم اسان جي لا بهتر ثابت ٿيندو۔

سائين تمام اهم نقطي جي طرف اشارو ڪيو اٿو ۽ سنڌ سلامت جا به اهي ئي مقصد آهن ته سنڌي سجاڳ ٿين زبان ترقي ڪري اميد ٿي ڪجي ته منتظمين ان نقطي تي خاص توجه ڏيندا
 
جواب: مقابلي جا امتحان

سڀني دوستن جا ٿورا، جو منهنجي هن عرض جو غرض ڪيئو، انتظاميه به تحرڪ ورتو ۔ اميد ته اسان سنڌي دنيا جي هر ميدان ۾ پنهنجي اهليت جا جوهر ڏيکارينداسون۔
 
جواب: مقابلي جا امتحان

سائين محترم سڪندري جي صلاح، سڄڻائپ واري آهي ۔۔۔ جن دوستن وٽ اهڙن امتحانن ۾ مقابلي ڪرڻ جو مواد موجود هجي ته سنڌ سلامت جي تعليم واري سيڪشن ۾ ونڊ ڪندا ته سون جي منڊي ۾ هيري جي ٽڪ وارو ڪم ٿيندو ۔۔۔

هن مد ۾ هيٺيون ڳالهيون ونڊ ڪري سگهجن ٿيون:

1۔ مقابلي جا امتحان آهن ڇا؟ تعرف
2۔ ڪهڙا ڪهڙا امتحان ڏئي سگهجن ٿا؟
3۔ امتحانن ۾ ڪهڙا ڪهڙا مضمون شامل آهن؟
4۔ امتحان ۾ شامل ٿيڻ جا فارم يا ڪهڙي ڪاغذي ڪاروائي ٿئي ٿي؟
5۔ امتحانن ۾ ويهڻ جي اهليت ڇا آهي؟
6۔ مقابلي جي امتحانن ڏيڻ ۾ ڪهڙا فائدا آهن ؟ وغيره وغيره

وڌيڪ جيڪڏهن مضمونن جي حساب سان ڪي نوٽس يا ڪتاب موجود هجن ته اهي به ونڊ ڪجن

دوست تمام سٺي صلاح ڏني آهي ۔۔۔ دوستن کي عرض آهي ته ان تي ڪم ڪن ۽ سنڌ سڄڻائپ جو ثبوت ڏين ۔۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

عربڪ، اسلاميات، اسلامڪ ڪلچر ۽ مسلم هسٽري تي آءُ ان شاءَ الله ڪجهه ضرور ونڊيندس۔
 
Back
Top