• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فرياد

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ٻروچ
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ٻروچ

سينيئر رڪن
منتظمين،

مون سمجهيو هو ته هن فورم تي منهنجو به ايترو حق آهي، جيترو هر ميمبر جو آهي
پر اڄ خبر پئي ته مان غلط هيس۔

ڇا مون کي اهو پڇڻ جو حق آهي ته منهنجي پوسٽ کي ڇو مٽايو ويو آهي؟
مون هڪ نظم لکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها فورم تي پوسٽ ڪئي پر ڪجهه دير کان پوء اها ڊليٽ ڪئي وئي۔ مان ان جي ڪاپي به نه رکي سگهيس۔

خير،
مون ته نثار صاحب کي اڳ ئي چيو هو ته "لهه ڙي واڻيا" واري ڪار آهي، اڄ سچ ثابت ٿي۔

دوستو، مان مڃان ٿو، منهنجي سمجهه ۽ پهچ ايتري ڪانهي، جيتري اوهان جي آهي پر هي نا انصافي ڇو؟

ٿي سگهي ٿو هن فرياد کي به مٽايو وڃي پر ڪا ڳالهه ڪانهي هن جو ثبوت رکڻ نه وساريندس

ٻروچ
 
ڀاءُ ٻروچ صاحب
ادا منتظمين ضرور ڪنهن مصلحت خاطر توهان جو نظم ڊليٽ ڪيو هجي توهان دل نه لاهيو
ڪالھ توهان خود چيو هو ته ( اسان لاء بهتر اهو ئي آهي ته ان موضوع کي نه ڇيڙيون ٪۽ هي فورم به ان لاء مناسب جاءِ ناهي۔ اهڙي ڳالهه ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو جيڪو اختلافي هجي ۽ گهڻن جي دل آزاري جو سبب بنجي۔)
وري به تڪڙ ۾ فيصلو ڪرڻ سٺي ڳاله نه آهي
 
منهنجا ڀاء عظيم

توکي ڪهڙي خبر ته مون پنهنجي دل جي درد کي ڪيئن ڪجهه لفظ ڏنا۔ تو اهڙا ڪمينٽس ڇو ڏنا جنهن جي تو کي ڪا خبر ئي ڪانهي۔ مون کي اختلاف ڳالهيون لکڻيون هجن ها ته مان ڪالهه ئي گهڻو ڪجهه لکان۔ تو منهنجي لکڻي پڙهي ئي ڪا نه تو پوء منتظمين جي وڪالت جي ڪهڙي ضرورت آهي

۽ ها مون کي خبر آهي ته اهو ڪم ڪنهن ايڊيٽر ڪيو آهي، اهو صاحب ان وقت آن لائن هيو۔ پر مون کي ٻڌائڻ جي ضرورت ڪونهي، مان چاهيان ٿو ته هو خود مون کي سبب ٻڌائي۔

جيڪڏهن، منهنجي موجودگي توهان کي ڳري لڳي ٿي ته مون کي اهو به ٻڌايو وڃي ته جيئن مان پنهنجا ٽپڙ گول ڪيان۔ ظاهر آهي، توهان جو فورم آهي، توهان جي مرضي هلندي، مان ڪير ٿيندو آهيان توهان سان بحث ڪرڻ وارو، پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي فورم تان ڪڍڻ کان اڳ منهنجي غلطي ته ٻڌائي وڃي۔

جيترو ڏک مون کي اڄ پهتو آهي، ان جي اميد پنهنجن مان نه هئي۔
 
ادا ٻروچ مان غريب آهيان
مان ڪنهن جو وڪيل نه آهيان مان ته هڪ جنرل ڳاله ڪئي آهي
مان ان وقت مهمان طور هيس
ادا هي فورم ڪنهن جو به ذاتي نه آهي هي هڪ سائبر اوطاق آهي
ادا توهان ناراض نه ٿيو مان غريب جي چند لفظن ڪري جيڪڏهن توهان جي دل آزاري ٿي آهي ته معافي ٿو گهران
باقي ادا ساٿ نه ڇڏيو توهان اسان جا سر سائين آهيو
ول به هڪ دفعه ادا ٻروچ معذرت ..
 
ادا ٻروچ السلام عليڪم

سنڌ سان چاهت جو اظهار هر سنڌي جو حق آهي ان جو اظهار اوهان وڌ کان وڌ لفظن ۾ ڪري سگهو ٿا پر ڪنهن ملڪ جي خلاف ۽ خصوصن پاڪستان جيڪو اسان جو ملڪ ۽ وطن آهي جي خلاف لکڻ سان ڪنهن ٻئي ميمبر جي دل آزارد ٿئي سگهي ٿي ان ڪري توهان جي تحرير کي اپروول جي ٽيبل تي رکيو ويو آهي جيڪڏهن منتظم اعلي مناسب سمجهيو ته اپرو ڪري سگهي ٿو.
ادا رشيد کي هڪ دفعو ٻيهر عرض آهي ته رولز ۽ ريگيوليشن جلد کان جلد لاڳو ڪيا وڃن .

sindhsalamatsaathsal
 
منهنجا ڀاء عظيم

توکي ڪهڙي خبر ته مون پنهنجي دل جي درد کي ڪيئن ڪجهه لفظ ڏنا۔ تو اهڙا ڪمينٽس ڇو ڏنا جنهن جي تو کي ڪا خبر ئي ڪانهي۔ مون کي اختلاف ڳالهيون لکڻيون هجن ها ته مان ڪالهه ئي گهڻو ڪجهه لکان۔ تو منهنجي لکڻي پڙهي ئي ڪا نه تو پوء منتظمين جي وڪالت جي ڪهڙي ضرورت آهي

۽ ها مون کي خبر آهي ته اهو ڪم ڪنهن ايڊيٽر ڪيو آهي، اهو صاحب ان وقت آن لائن هيو۔ پر مون کي ٻڌائڻ جي ضرورت ڪونهي، مان چاهيان ٿو ته هو خود مون کي سبب ٻڌائي۔

جيڪڏهن، منهنجي موجودگي توهان کي ڳري لڳي ٿي ته مون کي اهو به ٻڌايو وڃي ته جيئن مان پنهنجا ٽپڙ گول ڪيان۔ ظاهر آهي، توهان جو فورم آهي، توهان جي مرضي هلندي، مان ڪير ٿيندو آهيان توهان سان بحث ڪرڻ وارو، پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي فورم تان ڪڍڻ کان اڳ منهنجي غلطي ته ٻڌائي وڃي۔

جيترو ڏک مون کي اڄ پهتو آهي، ان جي اميد پنهنجن مان نه هئي۔
ادا ٻروچ ڏسون ڀلا ڪير ٿو توهان کي هن فورم تان ڪڍي، باقي ايڊيٽرن کي پليز پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، جيڪا ذميواري کين مليل آهي کين نڀائڻ ڏيو، مونکي پڻ افسوس رهجي ويو توهان جو نثراڻو نظم نه پڙهڻ جو ، وحيد ڦلپوٽي شايد وڏي ايڊمن جي اپرو وَل جي لاءِ هڪ پاسي رکيو آهي۔ جڏهن توهان خود ئي ڪنهن ڇتي ۽ اڻ مُئي طاقت جا شڪار آهيو ته پوءِ ادا پليز اسان کي ڀي ان اڻ مُئل طاقت کان پنهنجا هٿ پير بچائڻ ڏيو، اسان کي مٺا توهان جو درد بلڪل پنهنجو درد محسوس ٿو ٿيئي پر ڇا ڪجي، جيڪڏهن جذبات ۾ اچي اسين سڀ (انهن اسين سڀ ۾ توهان پڻ شامل آهيو) پنهنجا مٿا ظالم اُکريءَ ۾ وجهي ويهون ته مولڙا ته اڻ مُئل طاقتن جا هٿيار هُوندا آهن۔ ان ڪري سوچي سمجهي قدم کي اڳتي وڌائجي ته بهتر ٿيندو۔ باقي دوست تون ته اسان جي ساهه ۾ ويٺو آهين، ٽپڙ گول ڪرڻ واري ڳالهه ته پري رهي پر اسين توکي پنهنجي اکين کان پري به ڪري نٿا سگهون۔ ادا ٻروچ ٻيلي پاڻ کي اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، پليز پنهنجي دل کي بس صروف ٿورو سمجهائي۔ باقي جن منزلن جا توهان راهي آهيو، اهي دڳ پڻ اسان جا نصيب آهن، اسان جا قدم توهان جي قدمن جي نشانن تي پنهنجا پير رکندا اچن، پليز هڪ دفعو ٻيهر ٿو چوان ته پنهنجا غم پنهنجي پاڻ ۾ پالڻ سکو۔ مظلومن جي ڏُکن جي رات ڏسڻ ۾ ته تمام ڊگهي نظر ايندي آهي، پر اها مانجهاندي جو ماڳ هوندي آهي۔ پليز پليز پليز۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
توهان جودعاڳو
 
فقير سائين،

ڪا ڳالهه ڪانهي، توهان وڏا آهيو، جيئن مناسب سمجهو۔ باقي منهنجي تحرير ۾ پاڪستان جو نالو به ڪونهي، مون ته صرف پنهنجي اندر جي پيڙا ۽ درد لکيو۔ سٺو ٿيو ته توهان مون کي ٻڌائي ڇڏيو ته مون توهان جي وطن جي خلاف لکيو، اها ڳالهه مون کي به خبر پئجي وئي۔

خير، ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، نه ئي مان ڪو شاعر آهيان ۽ نه ئي ڪو لکڻ وارو، ايئن ڪجهه ابتا سبتا جملا لکي اندر جي باهه ڪڍي هئي، مون کي خبر ئي نه پئي ته مون ڪو توهان جي پياري وطن جي خلاف ڪجهه لکيو۔ منتظم اعلي کي گذارش ته هاڻي ان تحرير کي مستقل مٽايو وڃي، ايپروول جي ڪا ضرورت ڪانهي۔

نثار ناز صاحب،
سائين مون توهان جي ايڊيٽرن جي ڪم ۾ رڪاوٽ نه وڌي آهي، مون ته گذارش ڪئي ته مون جهڙي اٻوجهه ماڻهو کي ٻڌايو وڃي ته منهنجي غلطي ڪهڙي آهي۔ سا هاڻ خبر پئجي وئي ته مون کان ڪهڙو گناهه ٿي چڪو آهي۔ آئنده مان خيال ڪندس۔ باقي سائين توهان وڏا آهيو، مون جهڙي اڻ ڄاڻ کي "پليز" جهڙا لفظ لکي شرمندو نه ڪيو۔

مان اڳ ۾ ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته منهنجي سمجهه ايتري ڪانهي، جو منهنجي تحرير توهان کي پسند به اچي، پر لکڻ سان ۽ دوستن جي اصلاح سان ئي سکي سگهجي ٿو۔ پر هاڻ ته لکڻ کان اڳ به سوچڻو پوندو ته خبر ناهي، ايپروول به ملندي يا نه!

خير، منهنجي لاء اشارو ڪافي آهي۔ مان ڪوشش ڪندس، توهان کي ڪا پريشاني ڪونه ٿيندي۔

ادا عظيم،
توهان منهنجي ڪا به دل آزاري ڪانه ڪئي، اسان ڀائر آهيون، ڪا ڳالهه ڪانهي، ساٿ سلامت رهندو، مون ايئن لکيو ته اگر منهنجي موجودگي اگر ڪنهن کي سٺي نه ٿي لڳي ته مون کي ٻڌايو۔ باقي مان انهن مان ناهيان جو ننڍي ڳالهه تي رُسي وڃان۔ خوش هجو شال۔

ٻروچ
 
ڀائڙا ٻروچ
ان کي چوندا آهن قومپرستي، تڪليف ملي ته به دوستن جو ساٿ نه ڇڏجي ... باقي يارن سان ڪهڙا ليکا ... يار به سڏرائجي ۽ ليکا به ڪجن؟
اوهانجي فراخدليءَ تي دل خوش ٿي ...
سدائين جيئي سنڌ

suhnan saan

shal judy hujeen
 
وڏا سائين نثار ابڙا
مهرباني توهان جي حوصلا افزائي لاءِ
سائين ڳالهه هي آهي ته منهنجو وطن سنڌ آهي جيڪو غلام آهي، ۽ بلوچ هجڻ جي ناتي جذباتي رشتو بلوچستان سان آهي سو به غلامي ۾ جڪڙيل آهي، پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ظلمن جو اظهار ڪيم، جيڪو اسان جي محبِ وطن پاڪستاني ڀائرن کان برداشت نه ٿي سگهيو۔ باقي پاڪستان جي خلاف مون هڪ اکر به نه لکيو۔
سپر ايڊيٽر جي حيثيت سان شايد توهان هر تحرير پڙهي سگهندا هوندا۔ منهنجي ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻروچڪي تحرير ضرور پڙهجو۔۔

شڪايت اها آهي ته مون کي اظهار جو حق نه ڏنو ويو۔ باقي ڇا جو ڏک، ڇا جي ڪاوڙ۔۔ پنهنجي حال آهر ساٿ نڀائينداسين
 
محترم ٻروچ صاحب...
سنڌ سان چاهه هر سنڌي کي ضرور هوندو آهي.... جنهنجو اظهار ڪو داڻن مثل ته ڪو ڀرين ڀاڪرين ڪندو آهي... ان جو ڪڏهن به اهو مقصد نه ٿو ڪڍي سگهجي ته گهٽ اظهار ڪندڙ جا قومي جذبا ناهن يا ان کي ڌرتي ماء سان لڳاء نه آهي.....
دوست ضرورت آهي وقت جي تقاضا جي .... جهڙي طرح توهان ووٽ ڏئي هڪ حڪومت جو بنياد وجهندا آهيو... ۽ وري ان حڪومت جو ڪم هوندو آهي ته انتظاميا کي سهڻي ۽ نظم ۽ نسق واري طريقي تحت هلائي ... ساڳي نموني فورم جي انتظاميه کي اهڙا اختيار ڏنا ويندا آهن ته هو بغير ڪنهن رڪن جي دل آزاري جي تحريرن کي اهڙي نموني سنڀالين جو فورم تي ڪير آنڱر نه کڻي سگهي....
ياد رهي ته هن فورم جو مقصد پڻ اهو ئي آهي جيڪو توهان جي جذباتي عڪس مان ظاهر ٿئي ٿو... پر جيئن ته هي فورم پوري دنيا ۾ ڏٺو پيو وڃي ۽ انتظاميه کي ڪجهه حقيقتن کي مڃڻو به پوندو آهي....
ٿي سگهي ٿو جنهن جڳهه تي ويهي توهان ڏسندا هجو اتان 6 نظر ايندا هجن ۽ جتان انتظاميه ڏسندي هجي اتان 9 نظر ايندا هجن....
اميد ته هن وضاحت کي توهان سمجهي ويا هوندو....جلد ئي فورم تي قانون لڳائي اهڙين ڳالهين کي واضح ڪيو ويندو....
 
Back
Top