TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
شڪاگو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي هڪ آمريڪي صحافڻ ڪمبارڪر الزام هنيو آهي ته هن کيس خصوصي دوستي جي آڇ ڪئي، جيڪا هن ٺڪرائي ڇڏي، اهڙو انڪشاف ”ان سائيڊ دي طالبان شفل“ جي ليکڪا ۽ مشهور آمريڪي صحافڻ ڪمبارڪر شڪاگو جي مقامي ريڊيو کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو آهي، آن لائن مطابق ڪمبارڪر چيو ته جڏهن هوءَ نواز شريف جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ وئي ته هن معنيٰ خيز انداز ۾ کيس گهوريو ۽ پوءِ آءِ فون جو تحفو پيش ڪندي خصوصي دوستي رکڻ لاءِ چيو پر مون نواز شريف جي دوستي واري آڇ کي رد ڪري ڇڏيو، مون طرفان انڪار ڪرڻ تي نواز شريف چيو ته مون سان نه ته ڀلا صدر آصف علي زرداري سان دوستي رکو، خوبصورت چهري ۽ 5 فوٽ 10 انچ قد رکندڙ نيرين اکين واري ڪمبارڪر وڌيڪ ٻڌايو ته هوءَ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ جتي به پنهنجيون پيشيواراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيڻ لاءِ مردن سان ملي ته اتي سندس غير معمولي استقبال ڪيو ويو ۽ ڀرپور خدمت ڪئي وئي هئي، هوڏانهن فارين پاليسي ميگزين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف عورتن سان ان قسم جي واقعن جي حوالي سان ٻين پاڪستاني سياستدانن وانگر ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي، ميگزين مطابق ڪمبارڪر پاران دوستي جي آڇ رد ڪرڻ کانپوءِ نوازشريف ڪمبارڪر کي شادي جي آڇ پڻ ڪئي هئي.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com