12-اپريل 2011ع کان سڄي سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان سنڌ جي پنجن تعليمي بورڊن (ڪراچي، ميرپور خاص، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو) جي نگرانيءَ هيٺ شروع ٿي چڪا آهن. نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن جي پهرئين ڏينهن کان ڪاپيءَ جون شڪايتون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. هڪ پاسي ته صدر آصف علي زرداري سنڌ اندر ميٽرڪ جي امتحانن دوران وڌندڙ ڪاپيءَ تي ضابطو آڻڻ جي گورنر سنڌ کي هدايت ڪندي کانئس رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي. ٻئي طرف وزير تعليم جو بيان پڻ سامهون آيو ته تعليمي بورڊن جي انتظاميا ڪاپيءَ جي روڪٿام جي لاءِ تعليم واري صوبائي وزير کي اقدامات کان آگاهه نٿي ڪري! سنڌ اسيمبلي 16 اپريل 2008ع تي، سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن (ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص) جا اختيار گورنر کان وٺي سنڌ جي انتظامي سربراهه وڏي وزير جي حوالي ڪرڻ جو بل پاس ڪيو هو، جنهن بل ۾ اهو پڻ درج ٿيل آهي ته سنڌ کي ڇڏي باقي بلوچستان، سرحد، پنجاب، گلگت- بلتستان ۾ به تعليمي بورڊ صوبائي حڪومت جي ماتحت ڪم ڪري رهيا آهن، تنهنڪري سنڌ ۾ پڻ ائين ڪيو وڃي. سنڌ ۾ اهي اختيار 1999ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي وزير تعليم ايم اي جليل پنهنجي رضامنديءَ سان گورنر سنڌ جي حوالي ڪيا، تڏهن کان (گذريل 12 سالن کان) سنڌ جا سمورا تعليمي بورڊ گورنر سنڌ جي نگرانيءَ هيٺ هلي رهيا آهن، جيڪو وفاق جو هڪ نمائندو آهي ۽ 18 هين ترميم پاس ٿيڻ کان پوءِ جتي صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ پنهنجا سمورا اختيارات پارليامينٽ جي حوالي ڪيا آهن، ته پوءِ اصولي طور تي گورنر سنڌ کي پڻ اهي اختيار (تعليمي بورڊن ۽ يونيورسٽين جا انتظام) صوبائي حڪومت حوالي ڪرڻ گهرجن! هڪ طرف گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۾ بورڊ جي زير اهتمام هلندڙ امتحانن ۾ کلي عام ڪاپي ٿي رهي آهي، انتظاميا، استاد، والدين سڀ ڪاپي ڪرائڻ ۾ مصروف آهن ته ٻئي پاسي ٻين شهرن ۾ به حالت تشويشناڪ آهي. جنهن نموني سان شهري علائقن ۾ جعلي امتحاني سينٽر هزارن جي تعداد ۾ هلايا وڃن پيا، بلڪ هر ڪنهن جعلي امتحاني سينٽر مان في ٻار پئسا وٺي ڪاپي ڪرائي وڃي ٿي، اهڙي طرح هر ڪنهن جعلي سينٽر مان روزانو لکين رپيا ڪمايا وڃن پيا. ان سڄي ڪاروبار ۾ اسڪول مالڪان، بورڊ انتظاميا، استاد، مائٽ ۽ علائقي جون تنظيمون ۽ پوليس پڻ ملوث هوندي آهي. جنهن نموني سان سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، ڪنهن صوبي ۾ اهڙو مثال نٿو ملي. هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪيو پيو وڃي ته جيئن سنڌ جا ٻار مقابلي جي امتحانن جا اهل ئي نه رهن. هڪ منصوبي تحت سنڌ جي تعليمي نظام کي تباهه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليم کي بچائڻ لاءِ پهريون سخت قدم ڪاپيءَ کي روڪرائي، تعليمي معيار کي بهتر بنائڻ آهي، جنهن جي تمام گهڻي ضرورت آهي. سنڌ جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ اسان سڀني کي سجاڳ ٿي ڪوشش ڪرڻي پوندي. حڪومت کي سيمسٽر سسٽم لاڳو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان تعليم جو معيار بهتر ٿيندو، اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ حاضري بهتر ٿيندي، نصاب جو بار به شاگرد تي نه پوندو. هر 3 مهينن يا 6 مهينن ۾ مختصر سليبس مان Objective Type امتحان وٺڻ ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ طريقي سان ڪاپيون چيڪ ڪرڻ جهڙا جديد طريقا، جيڪي سڄي دنيا ۾ استعمال ٿين پيا، تن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺڻا پوندا. شرط صرف سنڌ جي ٻارن جي تعليم سان سچائي آهي. حميرا علواڻي