mohdesa
سينيئر رڪن
ٻارڙا ۽ گل هن ڪائنات جي فطري سونهن آهن ۽ اسان جي هن سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ حقن جي پائمالي عورتن ۽ ٻارن جي ٿئي ٿي، جنهن جو تازو مثال نوابشاهه ڀرسان کڏهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ عزت مگسي ۾ پيش آيل انسانيت سوز واقعي مان لڳائي سگهجي ٿو، جتي 9 سالن جي گلن جهڙي معصوم نياڻي تانيا مگسي ڌيءَ قادر بخش مگسي جي زبردستي 40 سالن جي عمر واري شخص امين مگسي سان نڪاح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان واقعي کانپوءِ هتان جي ساڃاهه وندن ۽ علمي ادبي حلقي ۾ اها ڳڻتي ڏٺي وڃي ٿي ته ساهتي پرڳڻي جو درجو رکندڙ ضلعي ۾ ان قسم جو جاهلاڻو ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي وارو ڪم ٿئي ٿو ته پوءِ اسان جي سماج ۾ گلن جهڙن ٻارن خاص طور تي نياڻين جي زندگي ڪيتري محفوظ هوندي، جڏهن هڪ 9 سالن جي ٻارڙي جنهن جي عمر اڃا پوپٽن جي پويان ڊوڙڻ ۽ گڏين سان راند ڪرڻ واري هجي، انهي جي مرضي ۽ خواهشن کي ڪچليندي سندس والدين ئي ان کي جيئري جهنم حوالي ڪندا هجن ۽ نابالغي واري عمر ۾ کيس ڪنوار بڻائڻ جو زبردستي ڀوائتو خواب ڏيکارين، تڏهن انساني ۽ ٻارڙن جي حقن وارين تنظيمن جون دعوائون ڌوڙ ٿيندي نظر اچن ٿيون. اسان جي بي حس سماج اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، جنهن ڪري هاڻ ته ڪيتريون ئي معصوم نياڻيون ڪيترين ئي غلط ريتن رسمن جي ور چڙهي ڀوڳي رهيون آهن، جن جا ڪيس ميڊيا تائين نٿا پهچي سگهن پر نوابشاهه جي ڳوٺ عزت مگسي جي رهواسڻ معصوم گلن جهڙي سادي نياڻي تانيا يقينن خوش نصيب آهي جو سندس ڪيس ميڊيا تائين پهچي ويو ۽ غلط رسمن کان بچي وئي، تانيا روئندي پنهنجا احوال ٻڌائي ٿي ته مون کي زبردستي هٿن ۽ پيرن تي ميندي هڻي ونواهه ۾ ويهاريو ويو، مون کي ٻڌايو ويو ته تنهنجي شادي آهي پر مون کي اها به خبر نه آهي ته شادي ڇا آهي؟ هن چيو ته مون کي بچايو وڃي، جڏهن ته سندس امڙ مسمات سوني جو چوڻ هو ته منهنجي مڙس ويڳي پٽ جي شادي عيوض منهنجي معصوم نياڻي جي شادي 40 ورهين جي امين سان ڪرڻ پئي چاهي پر هن معصوم جي دانهن الله جي درٻار ۾ قبول ٿي جو سندس زندگي بچي وئي، ڏک مان ڳوڙها ڳاڙيندي سندس وڌيڪ چوڻ هو ته الائي ڪڏهن اسان ماڻهن جي هنن غلط ريتن رستمن مان جان ڇٽندي ۽ معصوم گلن جهڙيون نياڻيون پنهنجي خوش زندگي گذارينديون، جڏهن ته تانيا جي پيءُ قادر بخش جو چوڻ آهي ته ڏي وٺ جي سڱابندي ٿيل آهي، مون تانيا جو سڱ امين کي ڏنو پر چيو ته وڏي ٿيندي ته پوءِ ڏيندس پر انهن دٻاءُ وڌو ته ڇوڪري اسان جي آهي، ننڍي وڏي اسان کي ڏيو، جنهن بعد مجبوري ۾ ها ڪيم. هوڏانهن علائقي واسين جو اهو به چوڻ هو ته تانيا رڙيون ڪندي رهي پر سندس ڪير به ٻڌڻ وارو نه هو پر اوچتو پوليس ڇاپو هڻي سندس جان بچائي ورتي، پوليس يقينن هڪ ساراهه جوڳو قدم کڻي تانيا کي هڪ غلط رسم جي ور چڙهڻ کان بچائي ورتو آهي پر اڳتي به اها انهي سچائي سان اهڙن ماڻهن خلاف قدم کڻي اهڙن ريتن رسمن کي ختم ڪري ته شايد پوليس تي ماڻهن جو اعتبار بحال ٿي پوي، جڏهن ته پوليس تانيا کي سڪرنڊ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن بعد عدالت تانيا ۽ سندس امڙ جي بيانن کانپوءِ سندن مرضي موجب تانيا کي پنهنجي مامي محمد بخش مگسي وٽ رهڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ جيڪڏهن تانيا کي زبردستي پرڻايو ويو ته انهي مٿان ڏهه لک رپيا ڏنڊ هوندو.
The Kawish Group of Publication
امير چانڊيو
The Kawish Group of Publication
امير چانڊيو