جواب: منهنجا نيڻ اڄارا تو بن منهنجا نيڻ اڃارا تو بن ڏيندو ڪير سهارا تو بن واهه ادا وحيد تمام خوبصورت خيال
جواب: منهنجا نيڻ اڄارا تو بن سهڻا وحيد صاحب، مقصد ۽ نياپو ته اوهانجو واضح آهي ۽ سهڻو غزل تخليق ڪيو اٿوَ ۔۔۔ تو بن اها ڳالهه ته اوهان 200 دفعا سهي ڪئي آهي ته محبوب کان بنا سڀ ڪجهه کارو ٿي پوي ٿو ۔۔۔ واه واه باقي اوهانجي چترڪاري به پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۔۔۔ پر ٻي تصوير ۾ غزل پڙهندي، اهڙي حالت ٿي جهڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان ۔۔۔ اڃان هڪ سٽ پڙهون ته سٽون ڀڄي ويون وري آيون ته اڃان سٽ پڙهي ته سٽون ڀڄي ويون ۔۔۔۔ وڏي هڻ هڻان کانپو پورو غزل پڙهيو آهي ۔۔۔ شابس اٿوَ، پوڙهن کي سهڪائي وڌو اٿوَ ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: منهنجا نيڻ اڄارا تو بن منهنجا نيڻ اڃارا تو بن ڏيندو ڪير سهارا تو بن تمام سٺي شاعري ٿيل آهي۔ ڊزائن به اعلى قسم جي ٿيل آهي۔ بس هڪڙو عرض ته لفظ اڃارا صحيح ڪري لکجو۔ ڇو ته اوهان اڄارا لکي ڇڏيو آهي۔ باقي ماشاء الله اوهان جا سهڻا خيال آهن