سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي
    اسحاق سومرو
    ________________________________________
    سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري ناهيد شاهه سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ جي خميس واري ڏينهن چيئرمين ڄام تماچي انڙ جي صدارت هيٺ 7-2006ع ۽ 9-2008ع جي ٿيل آڊٽ رپورٽ جي جائزي واري گڏجاڻي ۾ ميمبرن جي پڇيل سوالن جي جوابن دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا. هن چيو ته صوبي جي 50 هزار سرڪاري پرائمري اسڪولن مان صرف 9 هزار اسڪول مڪمل اسڪولن جي زمري ۾ اچن ٿا، جتي عمارتون ۽ ٻيون تعليمي سهوليتون موجوده آهن، جن مان به 4 هزار اسڪول ٻن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آهن. جڏهن ته ڏيڍ لک ٽيچنگ عملي مان اڌ عملو طور ميٽرڪ جيتري اهليت به نٿو رکي، رَهيل 41 هزار اسڪول يا ته هڪ ڪلاس روم ۽ هڪ استاد تي مشتمل آهن، يا ته بنا بلڊنگ ”ڇپرن“ ۾ هلي رهيا آهن. اسڪولن جو معيار ماسترن جي غير حاضريءَ ۽ نااهليءَ سبب غير معياري آهي. ڪيترائي ماستر پگهار ته اسڪولن مان کڻن ٿا، پر ڌنڌا ٻيا ڪن ٿا، جن ۾ ”صحافت“ به شامل آهي. ماسترن، نان ٽيچنگ اسٽاف به سپروائيزرن ۽ ٻين انتظامي مقررين ۽ بدلين توڙي اسڪولن جي عمارتن جي منظوري ۾ سياسي اثر رسوخ، رشوت ۽ ڪرپشن عروج تي آهي. هن اُهو به چيو ته نه رڳو پرائمري تعليم پر سنڌ جي ڪاليجن جي تعليم جي صورتحال به اَبتر آهي. صوبي جي 260 ڪاليجن مان 100 ڪاليج بنا اسٽاف ۽ ليڪچرارن جي هلي رهيا آهن، جنهن جو مکيه ڪارڻ تدريسي توڙي غير تدريسي عملو سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري پنهنجي سهوليت ۽ ويجهي وارن ڪاليجن ۾ پاڻ کي مقرر ڪرايوآهي. هن مثال ڏيندي چيو ته سندس ئي شهر خيرپور جي وومن ڪاليج ۾ 55 واڌو عورت ليڪچرار مقرر آهن، پر دٻاءَ جي ڪري سندن ٻين شهرن ۾ بدليون نه ٿيون ٿين. جڏهن ته انگلش، فزڪس ۽ ميٿاميٽڪس جي ”سبجيڪٽ اسپيشلسٽ“ نااهل ۽ گوسڙو آهن جو سندن شاگردن کي ڪاليج مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ به مٿين سبجيڪٽن جي بنيادي ڄاڻ به نه آهي. تعليم کاتي جي انتظامي عهدن تي ۽ ڪاليجن ۾ مقرر عملو به اڻ تجربيڪار ۽ نااهل آهي، جيڪو سياسي بنيادن تي پوسٽنگ ڪرائي ٿو. جن ۾ خصوصن اِي ڊي اوز ۽ اي ڊي اوز شامل آهن.

    هن پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي کي اُهو به ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڪاروباري تعليمي ادارن سان لاڳاپيل اسڪولن جي به هرسال مدد ڪندي رَهي ٿي، جيڪي ڪاروباري تعليمي ادارا آهن، جن کي هن وقت تائين 25 ڪروڙ روپيا ملي چڪا آهن، جتي صرف اميرن ۽ پئسي وارن جو اولاد تعليم پرائي ٿو. ڪوبه غريب شاگرد اتي تعليم نٿو پرائي سگهي. ان سلسلي ۾ هن تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته ”سرگوڌا اسپرٽ ٽرسٽ“ پبلڪ اسڪول ٽنڊوالهيار کي 5 ڪروڙ روپيه، بحريه فائونڊيشن ميرپورخاص کي 5 ڪروڙ ۽ ٻين ادارن کي هر سال ”اعليٰ اختيارين“ جي چوڻ تي پئسه ڏنا وڃن ٿا، جنهن جو ڪوبه اخلاقي جواز نٿو بڻجي، يا ته انهن ادارن کي غريب شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي، يا انهن جي فنڊنگ روڪي وڃي. جڏهن ته سنڌ ۾ 21 هلندڙ پبلڪ اسڪولن کي به سنڌ حڪومت مدد ڪري رَهي آهي، جتي پڻ ڪوبه غريب خاندان جو ٻار تعليم نه پرائي رهيو آهي.

    ناهيد شاهه ڪاميٽيءَ اڳيان اُهو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ته ”ڪئناڊا انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايجنسي“ (CIDA) طرفان 7-2006ع ۾ ايليمينٽريءَ جي استادن کي سائنسي بنيادن تي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ 330 ملين يعني 33 ڪروڙ روپين جي مالي مدد ڪئي هئي، جنهن مان تعليم کاتي جي ڪامورن 43 نيون ۽ آرامده گاڏيون خريد ڪيون، جيڪي بنا ڪنهن منظوريءَ جي خريد ڪيون ويون، جن جي رجسٽريشن ۽ انشورنس وغيره جو ڪوبه رڪارڊ موجود نه آهي، نه ئي انهن گاڏين جو ڪو نالو نشان آهي ۽ انهيءَ ٽريننگ لاءِ آيل رقم مان ايئرڪنڊيشنر، جنريٽر، ڪمپيوٽر، پرنٽر به بنا ڪوٽيشن ۽ ضروري گهرجن جي خريد ڪيا ويا. افسوس جو اُها امدادي رقم غلط استعمال ٿيڻ جي ڪري ڪئناڊا جي اداري اُن کي قرض ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا رقم هڪ سٺي مقصد لاءِ ملي اُن کي بي رحميءَ سان خرچ ڪيو ويو ۽ اُن فراڊ ۾ ملوث آفيسرن ۽ عملي تي اڃا تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ ناهيد شاهه ٻڌايو ته هن سنڌ جي قانون واري کاتي کي به لکيو آهي ته هو پنهنجو موقف ٻڌائين.
    هن اُهو به چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي مٿان کان وٺي هيٺين سطح تائين آهي. جنهن ۾ خصوصن اي ڊي اوز ۽ اِي ڊي او مقامي سطح تي وڏي پئماني تي ڪرپٽ ثابت ٿيا آهن ۽ هوءَ خود پاڻ کي بي وس ۽ مجبور محسوس ڪري ٿي جو انهن جي خلاف ڪوبه ايڪشن نٿي کڻي سگهي. هونءَ به روزانو مختلف دٻائن ۽ اثر رسوخ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ائين لڳي ٿو ته هتي هر ماڻهو تعليم جي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن ۾ به سنڌ جي تعليم سان سچائي نظر نٿي اچي. هن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر جيڪڏهن چاهين ته هو بند ڪمري واري اجلاس ۾ اهڙن عناصرن کي وائکو ڪري سگهن ٿا ۽ تعليم جي تباهيءَ ۾ وڏا هٿ ملوث آهن، جن آڏو سڀئي بيوس بڻيل آهن.

    هن اُهو به چيو ته سنڌ جي تعليم وارو کاتو ساليانو 20 ڪروڙ روپيه اهڙن اسڪولن جي مُدَ ۾ نقصان ڀوڳي رهيو آهي. جيڪي ٿڏي تي ئي موجود نه آهن. رڳو سندن وجود ڪاغذن ۾ آهي ۽ انهن اسڪولن ۾ ڇوڪرين کي وظيفا ملندا رهيا آهن، جن اسڪولن ۾ ڪابه ڇوڪري داخل نه آهي. هن اهڙن ڪرپٽ ۽ سنڌ جي تعليم دشمن عناصرن جي خلاف فوجداري مقدما داخل ڪرائڻ جي پڻ تجويز ڏني.
    محترمه ناهيد شاهه کي جَسُ هجي جنهن پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ جي انهيءَ چند ڪلاڪن جي اجلاس ۾ سنڌ جي بدحال تعليم ۽ صرف چند سالن ۾ ڪرپشن جي ڪجهه مثالن جي نشاندهي ڪئي ته ڪيئن نه کاتي جا نااهل ۽ ڪرپٽ ڪامورا ۽ مقامي سطح جا انتظامي آفيسر جيڪي گهڻو ڪري بنيادي طرح ماستر ۽ ليڪچرار آهن سنڌ جي هن کاتي کي لُٽي ۽ ڦري رهيا آهن.

    ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ 1985ع کان وٺي هن مهل تائين اسيمبلي ميمبر کي ماسترن جي مقرريءَ جون ڪوٽائون ڏئي سياسي بنيادن تي گهڻو ڪري جاهل ماسترن جي فوج ڀرتي ڪئي وئي. سوَن جي تعداد ۾ بوگس اسڪولن جون عمارتون ٺهرايون ويون. 1998ع کان وٺي اڄ تائين اٽڪل 10 ارب روپين جي وڏي رقم اسڪولن جي بهتري لاءِ ”ايس ايم سي“ جي نالي تي خرچ ڪئي وئي. ٽريننگ، اسڪالر شپس، مفت ڪتاب ۽ کاڌو کارائڻ تي اڄ به اربين روپيه هرسال خرچ ڪيا پيا وڃن. پر پوءِ به سنڌ جي پرائمري تعليم ۾ ڪابه بهتري نظر نٿي اچي. اڄ به سنڌ جا اڌ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن ۾ نٿا وڃن، جيڪي وڃن ٿا، انهن مان به اڌ کان گهٽ صرف پنج درجا پاس ڪري سگهن ٿا. سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ "Drop out" اسڪول اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ جو تناسب ٻين ٽنهي صوبن کان وڌيڪ آهي. 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻهراڙيءَ جا اسڪول بند آهن، پر اتي مقرر ماستر باقائدگيءَ سان پگهارون کڻي رهيا آهن، جڏهن ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل ضلعن وارن علائقن ۾ 10 سيڪڙو اسڪول به کليل نه آهن ۽ تعليم وارو کاتو هڪ طرف مٿين ليول جي ڪامورن کي ڪروڙ پتي بنائي رهيو آهي، ٻئي طرف هزارين نااهل ۽ گوسڙو ماسترن جو ذريعه روزگار بڻيل آهي.

    پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي هاڻي چوٿون سال هلي رهيو آهي، پر ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌين جي اڪثريت سان چونڊجي آيل حڪومت اڃا تائين سندن ئي رڪارڊ مطابق بند پيل 7 هزار پرائمري اسڪول کولائڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ اوطاقن مال جي واڙن ۾ تبديل ٿيل اسڪول اڃا به ”تعليم دشمن عناصرن“ جي قبضي ۾ آهن.

    محترمه ناهيد شاهه جي ڇرڪائيندڙ انڪشافن مان اُهو ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ تباهي ۽ لُٽَ مار جا عناصر تمام گهڻا مضبوط آهن. جن تي مستقبل ۾ ڪوبه قدم کڄندي نظر نٿو اچي. پنجن سالن جي عرصي ۾ 42 گاڏيون خريد ڪندڙ آفيسرن تي ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي ته پوءِ ڳوٺن جي اسڪولن جي گوسڙو ماسترن جي خلاف ڪارروائي جي ڪهڙي اميد رکي سگهي ٿي؟ اڄ به اُهي گوسڙو ماستر، صحافت، اين جي اوز، سياسي پارٽين ۾ به ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ماهوار باقاعدگيءَ سان سرڪار کان پگهارون به کڻي رهيا آهن، ڪي صاحب ته 15 ۽ 20 سالن کان مختلف اخبارن ۾ وڏن عهدن ۽ ٽي وي جي پروگرامن جا ميزبان به آهن، پر پگهارون ڪاليجن مان ليڪچرار واريون کڻي رهيا آهن. ڇا اُها ڳالهه تعليم کاتي، توڙي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز جي مالڪن کان ڳجهي آهي ته سندن کي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪهڙا ڪهڙا ڪهڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ماستر ۽ ليڪچرار آهن. جن پنهنجن ڊيوٽيءَ وارن ادارن جو منهن صرف پگهار واري ڏينهن ئي ڏٺو آهي، جيڪي سنڌ جي اُجري چهري تي ڪارنهن جو داغ آهن. سنڌ جي مستقبل جا دشمن آهن، ڇو ته اُهي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نه وڃي، سنڌ جي مستقبل يعني ٻارڙن ۽ نوجوانن سان زيادتي ڪري رهيا آهن، جيڪي نه رڳو سنڌ جا تعليم دشمن آهن، پر اُهي ”قومي ڏوهاري“ پڻ آهن. پوءِ سلام انهن سڄڻن کي آهي، جيڪي پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پڙهائڻ ۾ مشغول آهن، ڪنهن به نام نهاد، هڙتال، احتجاج ۽ تالابنديءَ جو سڌو سنئون حصو نه آهن، پر سنڌ انهن سڀني راشي آفيسرن ۽ گوسڙو ماسترن ۽ ليڪچرارن کي برداشت نه ڪندي، جيڪي سنڌ جو آئيندو، جيڪو تعليم ۾ ئي بهتر آهي کي اونداهو بنائي رهيا آهن.

    مانواري ناهيد شاهه کي آفرين آهي، جنهن سچ تان پردو کنيو آهي ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي، تنهن ڪري سندس جي تجويزن تي عمل ڪيو وڃي ۽ انهن مڙني ڪرپٽ عناصرن تي فوجداري ڪيس داخل ڪيا وڃن.
    [/JUSTIFY]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي

    اسان جي ڳوٺ جا اسڪول آهن، سڀن کي خبر آهي ته سرڪار طرفان نياڻين لاءِ وظيفو مقرر آهي، پر اڄ تائين ڪنهن به نياڻي کي 1 روپيو به هنن راشي حرام خور استادن نه ڏنو آهي۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي

    وزيراعليٰ طرفان سيڪريٽري تعليم ناهيد شاهه کي هٽائڻ جي منظوري
    ڪراچي (رپورٽ: اختيار کوکر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه تعليم کاتي جي سيڪريٽري ناهيد شاهه درانيءَ کي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ذميوار ذريعن ”ڪاوش“ کي ٻڌايو آهي ته وڏي وزير پاران منظور ڪيل سمريءَ موجب تعليم کاتي جي سيڪريٽري جي عهدي جي چارج عارضي طور تي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ 20 هين گريڊ جي سيڪريٽريٽ گروپ جي آفيسر وسيم احمد عرساڻيءَ کي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته تعليم کاتي جو نئون سيڪريٽري مئنيجمينٽ ڪورس جي تربيت حاصل ڪرڻ ويل ڊي ايم جي گروپ جي 20 هين گريڊ جي سينئير آفيسر ۽ اڳوڻي سيڪريٽري تعليم محمد صديق ميمڻ کي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اڍائي مهينن بعد تربيت مڪمل ڪري واپس اچڻ تي کيس ان عهدي تي مقرر ڪيو ويندو. تيستائين سيڪريٽري تعليم جي عهدي جي چارج کاتي جي اسپيشل سيڪريٽريءَ کي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ذريعن موجب وڏي وزير پاران سيڪريٽري تعليم کي هٽائڻ جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ ناهيد شاهه دراني گذريل ڏينهن دفتر کان گهر وڃڻ کان پهرين کاتي جي اعليٰ آفيسرن سان ملاقات ڪري کين اهڙي ڄاڻ ڏني ته حڪومت جي اعليٰ اختيارين سندس بدليءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن ان موقعي تي آفيسرن کي رهيل ڪمن بابت ڪجهه خاص هدايتون پڻ ڏنيون آهن. ”ڪاوش“ پاران رابطو ڪرڻ تي سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اعليٰ ذميوار ذريعن پڻ ان جي تصديق ڪئي ته حڪومت جي مجاز اختيارين سيڪريٽري تعليم جي بدلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهڙو نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿيڻ جا امڪان آهن. ساڳي وقت ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته سيڪريٽري تعليم جي بدليءَ جو فيصلو تعليم واري سينئر وزير ۽ کاتي جي سيڪريٽري وچ ۾ گذريل ٻن مهينن کان کاتي جي انتظامي معاملن تي هلندڙ ڇڪتاڻ جو نتيجو آهي.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي

    محترمه ناهيد شاهه سنڌ جي وڏي قائم علي شاهه جي ڌيء آهي ۽ هڪ بيباڪ ۽ بهادر ۽ سچي بيوروڪريٽ آهي۔ سندس ڪم ۾ سنڌ جو وزير تعليم هميشه رڪاوٽون وجهندو آيو آهي۔ هوڏانهن وزير تعليم جو اهو موقف آهي ته سيڪريٽري صاحبه مونکي صحيح ڪم ڪرڻ ڪانه ٿي ڏي۔

    محترمه صحيح حقيقتون عوام آڏو آنديون آهن
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي

    محترمه ناهيد شاهه کي جَسُ هجي جنهن پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ جي انهيءَ چند ڪلاڪن جي اجلاس ۾ سنڌ جي بدحال تعليم ۽ صرف چند سالن ۾ ڪرپشن جي ڪجهه مثالن جي نشاندهي ڪئي ته ڪيئن نه کاتي جا نااهل ۽ ڪرپٽ ڪامورا ۽ مقامي سطح جا انتظامي آفيسر جيڪي گهڻو ڪري بنيادي طرح ماستر ۽ ليڪچرار آهن سنڌ جي هن کاتي کي لُٽي ۽ ڦري رهيا آهن.
     
  6. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    جواب: سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي

    سائين تمام پياري ونڊ۔ هاڻي مسئلو اهو آهي ته اساين جيسيتائين ٻين تي ڀاڙڻ نه ڇڏينداسين تيسيتائين نظام صحيح نه ٿيندو۔هڪ ميڊم ناهيد شاه کان سڀ ڪٍجهه ناهي ٿيڻ وارو۔اسان سڀني کي ملي هڪ ٿي ڪري انهن مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو۔پاڙي اوڙي ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙو اسڪول يا ڪو گوسڙو استاد آهي ته انکي ذاتي طور ڪجهه چوڻ کان چڱو آهي ته انجي اعلى عهديدارن کي رپورٽ ڪئي وڃي۔يا ائين به ن ٿي سگهي ته ميڊيا تي آڻي اهڙن ماڻهن کي سيکت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪجي۔۔گڏجي ملي اسان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا۔۔
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي

    [JUSTIFY]سائين قبلا محترمه ناهيد شاهه کي شاباس هجي جو حق جي ڳالهه ته ڪيائين ليڪن اها حقيقت ايتري مخفي ڪانه آهي اصل ڳالهه آهي ته ان بدنظمي کي ختم ڪير ڪري جنهن لاء هوء پاڻ ويچاري پاڻ کي بيوس محسوس ڪري ٿي پوء ڪهڙو جوڌو جوان هوندو جيڪو ان نظام کي درست ڪندو جڏهن ته هڪ بالا آفيسر پاڻ کي بيوس محسوس ڪري ٿو۔هر شهر جيان اسان جي شهر ۾ اهي سڀ ڳالهيون آهن ليڪن ان جي خلاف ڪاروائي ڪير ڪندو ڪم ڪرڻ وارو پاڻ کي بيوس محسوس ڪري ٿو جيئن ادا فهيم هڪ ڳالهه ڏي اشارو ڪيو ته ميڊيا وغيره جو سهارو وٺي اهڙن کي سبق سيکارجي سو اهو بالڪل درست آهي ليڪن اها ميڊيا ڪنهن ٻئي شهر جي هجي اهي ماڻهو ڪنهن ٻئي شهر جا هجن جيڪي دوستين ناتن رشتن جي ڀرم جو خيال نه ڪن ساڳي شهر جي ميڊيا يا ڪو به فرد اهڙي جرات نه ٿو ڪري سگهي اگر اهڙو دوست آهي ته ميدان ۾ اچي نشاندهي لاء ان جي هر مدد ڪئي ويندي۔ پنهنجي سنڌ سلامت جو ڪو اهڙو دوست جنهن جا واسطا ڪنهن چينل سان هجن ته ان کي ان ڳالهه تي آمده ڪري بنا اطلاع جي هر شهر جي رپورٽ ٿئي پوء ان مطابق عمل جي ڪوشش ڪرائجي ۔[/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو