• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آس جو هر هڪ

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

آس جو هر هڪ ستارو پيو ٽٽي
هي سهارو هو سهارو پيو ٽٽي

ڪٿ وڃي غم درد جو ٻيڙو جهليان
منهنجي لئي هر هڪ ڪنارو پيو ٽٽي

محبتن جو ڪون ٿو ڏسجي نشان
ساهه کان وڌ ساهه وارو پيو ٽٽي

ٿي ويو ڳوڙهن ڳلن جو چاهه آ
محبتن جو بند سارو پيو ٽٽي

روشني هوندي به ڄڻ اونداهه آ
ڄڻ اکين کان هر نظارو پيو ٽٽي

محبتون ۽ مسرتون ڏيندو هيو
سو مگر جي جو جيئارو پيو ٽٽي

هيڪلائي سوچ جو منهنجي مٿان
هر پهر جو پاهه پارو پيو ٽٽي

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
 
جواب: آس جو هر هڪ

ادا منهنجي خيال ۾ هر سٽ۔۔۔ شاعري جو ڪو مقصد ۔۔۔ مناسبت ضرور هوندي آهي، هن شاعري جي ڇا مناسبت آهي؟
 
Back
Top