عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
گهڻا ڏينهن فورم کان دور رهڻ دوران دل ته هر هر اڱڻ تي ڀيرو ڀڃڻ لا زور ڀريو پر آفيس ۾ مصروفيتن جي ڪري دوستن جي پيار ڀرين پيغامن ۽ قرب ڀرين ڪمينٽس کان محروم رهيا سين۔ پري رهڻ دوران سنڌ سلامت جي سڪ ڀري ساٿين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي۔۔ ۽ فورم تي آيل تبديلي سان هڪ نئون نظارو جيڪو تمام پيارو ۽ سونهارو آهي دل کي ڏاٺو وڻيو۔ هي سڀ ادا رشيد سمون جي بي لوث ڪوششن ۽ انتظاميه جي ٻين ميمبرن محنت سان ئي ممڪن ٿيو آهي ته اسان سڀ سنڌي دوست ڪجهه سکي ۽ ڪجهه سيکاري سگهئون ٿا ۔ مان هن فورم تي آيل تمام نون دوستن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو۔۔۔
ڪم ته اڃان به کٽو ڪونهي پري سنڌ سلامت اڱڻ کان پري رهڻ جو صبر کُٽي ويو۔ انڪري سوچيم ته گهڻن ڏينهن کانپو ڪيل ونڊ ۾ ڇو نه هن محبتي اڱڻ جي لا ٻه اکر لکجن۔ سو مڙئي ڪوشش ڪئي آهي اميد ته دوستن کي قبول پوندي۔۔
ڪم ته اڃان به کٽو ڪونهي پري سنڌ سلامت اڱڻ کان پري رهڻ جو صبر کُٽي ويو۔ انڪري سوچيم ته گهڻن ڏينهن کانپو ڪيل ونڊ ۾ ڇو نه هن محبتي اڱڻ جي لا ٻه اکر لکجن۔ سو مڙئي ڪوشش ڪئي آهي اميد ته دوستن کي قبول پوندي۔۔

دلين جا رشتا ڪڏهن نه ٽٽندا
ڀلي جسم هي جدا ئي آهن.
هي نينهن ناتا به ڪين ٽٽندا
ڀلي جي مِيلن جا فاصلا هِن.
پري رهڻ سان به پُکتگي آ،
هي سِڪَ ڌاڳا سدا جڙيا هِن.
آ سڪ سچي اندر ۾ يارو،
اندر ۾ الفت جا آکيرا هن.
هي سنڌ سلامت اڱڻ جي محبت
نه اهڙي ٿي ڪا، نه ئي ڪا ٿيندي.
نه اهڙي درويش دوستي اڳ
ڏٺا نه مون اهڙا واسطا هن
دعا ڪيو، سِڪَ رهي سلامت
اميد رب ۾ ۽ آسرا هن
عمران درويش سومرو
.