موسم

'ڪهاڻيون' فورم ۾ اياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2011۔

  1. اياز علي رند

    اياز علي رند
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 اپريل 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    شاهپورچاڪر
    برٽرنڊرسل جو چوڻ آهي ته ”ماڻهو اظهارِمحبت ۾ يا ته ان خوف کان ڪيٻائيندا آهن ته جيئن کين ان ئي شخص کان تڪليف نه پهچي جنهن سان هو پيار ڪن ٿا يا وري دنيا جي ملامت جو نشانو نه بڻجي وڃن. اخلاق ۽ دنياداري جي نالي تي احتياط جي صلاح ڏني وڃي ٿي. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته محبت جي معاملي ۾ فياضي ۽ جرت کي مسخ ڪيو ٿو وڃي جنهن سان اندر ۾ بزدلي ۽ دنيا خلاف نفرت پيدا ٿيو پوي. کوڙ سارا ماڻهو سڄي ڄمار انهي بنيادي ضرورت لاءِ سڪندا رهن ٿا.“ ڌاريي چيو.

    ”تِنهن جي معنى ته جنهن سان تو لائون لٿيون اها تنهجي محبت ناهي“ مون پڇيو ”ڇا نڪاح ۾ توکان پڇيو نه ويو هو ؟ ڇا تو کيس نڪاح ۾ قبول نه ڪيو هو؟“
    ”مون هميشه هر مصيبت کي چئلينج سمجهي قبول ڪيو آهي.“ هن ڳالهه کي مزاق ۾ ٽاريندي چيو.

    ”۽ تنهنجي ڇا اسٽوري آهي ؟؟؟“ مون جميل کان پڇيو.

    ”مان اڃا ويٽنگ لسٽ ۾ آهيان...“ هن وراڻيو ”مون کي ضرورت آهي هڪ اهڙي شفيق ۽ مخلص عورت جي جيڪا سموري ڪائنات ۾ سڀ کان وڌ مون کي چاهي. هو صبح جو مون کي آفيس وڃڻ لاءِ الوداع چوي ته منهنجي فڪر سندس اکڙين ۾ نمي پيدا ڪري ڇڏي. جيڪا سڄو ڏينهن منهنجي واپسي جي منتظر رهي ۽ منهنجي واپسي سندس چهري تي خوشي وچان بي اختيار معصوم مسڪراهٽن جا گل وکيري وجهي. اهڙي عورت جيڪا منهنجي معمولي تڪليف سبب به سمهي نه سگهي ۽ منهنجي معمولي ڪاميابي کي به هو پنهنجي وڏي ۾ وڏي خوشي جيان سيليبريٽ ڪري. هو مون کي ايترو چاهي جو تڪليفن ۾ فقط کيس سوچڻ سان ئي مان سڪون محسوس ڪيان ۽ سندس محبت جو احساس ست سمنڊ پار تائين به منهنجي لاءِ تسڪين جو باعث بڻجي. ڪا محبت جي ديوي هجي يا چاهت جو مينار هجي جنهنجي بيپناهه محبت بي لوث هجي ۽ هو مخلص محبت جي زنده مثال لڳي...“

    ”تو کي محبوبه جي نه پر ممتا جي تلاش آهي“ ڌاريو جميل جي رومانوي موڊ کي تهس نهس ڪندي چوڻ لڳو ”تون چوين ته مائي خانل کي منٿ ڪجي ويچاري جي نويڪلائي جي ڪري مت ئي کسجي وئي آهي وتي سروٽن سان ٻار ڊوڙائيندي...“

    ”مان توکي زنده نه ڇڏيندس...!!!“ هن ڌاريي جي گريبان ۾ هٿ وجهندي چيو”وڏو بڇڙو ڪندو مانئين..!!“

    ”ڇڏيو يار ! ٻار آهيو ڇا !؟“ مون ٻنهي کي ڌڪيندي چيو. جميل بي اختيار صوفي تي وڃي ڪريو ۽ ڪاوڙ منجهان صوفي جي گدي کي نپوڙڻ لڳو. ڌاريي جون حرڪتون ڪڏهن ڪڏهن کيس آپي مان ڪڍي وجهنديون آهن. هو موقعو مهل ڏسي نه ڳالهائيندو آهي. جميل جو چوڻ آهي ته انهن حرڪتن جي ڪري ڌاريو سندس نظرن مان ائين ڪرندو ٿو وڃي جيئن ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپيو.

    ”پڙهيل لکيل آهيو يار ! “ مون چيو ” پڙهيل لکيل ماڻهن جيان بيحيو ڪيو... توهان ته...!“
    ”اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي“ ڌاريي چيو ”پڙهيل لکيل پاڻ وٽ بيروزگار ٿيندا آهن ۽ پيا ڌڪا ٿاٻا کائيندا آهن، پر اڻپڙهيل وزير ٿيندا آهن مشير يا مشيرن جا مشير ٿيندا آهن...“

    ”چـڱو چڱو !! هاڻ تون پنهنجو فلسفو جھاڙڻ بند ڪر!!!“ جميل کار کائيندي چيو ”اهو سوچيو ته رپورٽ به فائنل ڪرڻي آهي نه ته سڀاڻي بي موت مارجي وينداسين“

    ”ايترو جلدي ممڪن ناهي“ مون وراڻيو ”اڃا ڪجهه ڏينهن لڳندا“

    ”پر...!!! باس ته سڀاڻي جي ڊيڊ لائن ڏني آهي ۽ هي ڪا سياسي ڊيڊ لائن ناهي وڏا ...!! “ جميل چيو ”هتي روزي روٽي جو مسئلو آهي ۽ هتي فقط هڪ اصول آهي ته باس از آلويز رائيٽ....!!“

    ”تنهجو ڇا خيال آهي؟“ جميل ڌاريي ڏانهن تڪيندي پڇيو.

    ”منهنجي نظر ۾ هڪ نااهل شخص جيڪو پوري آفيس ۾ فقط پاڻ کي ئي اهل ۽ باقي سڀني کي نااهل سمجھي ان کي باس چوندا آهن“ ڌاريي جواب ڏنو.

    ”فلسفو نه حل ٻڌاءِ...اولاد ِ ارسطو...!!! “ جميل ڏند ڪرٽيندي چيو.

    ”حل سوچڻ لاءِ هي ماحول سازگار ناهي “ هن چيو ”ڪنهن کلي فضا ۾ ويهي ڪا رفريشمينٽ وغيره ڪجي موسم جو مزو وٺجي ۽ پيٽ ۾ ڪجهه پوي تڏهن وڃي ڪو دماغ ڪم ڪندو...“

    ”ڪجهه عرصي کان عجيب موسم ٿي پئي آهي “مون بالڪوني طرف وڌندي چيو ”ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته گرمي آهي يا سردي ؟ خشڪي آهي يا نمي ؟ کن پل لاءِ هوائون سرگوشي ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ اڳين ئي پل ۾ ٻوسٽ ماحول کي جڪڙيو وجهي.“

    ”اهڙي موسم ته گهڻي وقت کان ملڪي فضا تي ڇانيل آهي“ ڌاريي مون ڏانهن وڌندي چيو ”سمجهه کان ٻاهر آهي ته جمهوريت بحال ٿي چڪي آهي يا نه؟ سنڌ جي اڪثريتي پارٽي جي حڪومت جو اسٽينڊ سنڌڪاز جي حمايت ۾ آهي يا مخالفت ۾؟ بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ منصوبن تي عمل جي ابتدا ٿي چڪي آهي يا اڃا منصوبا سوچڻ لاءِ پيو سوچجي؟ وقت جي هڪ ذهين ليڊر جي بي رحم قتل کان پوءِ اقتدار ماڻِيندڙ ان جي ئي پارٽي جو نظريو اڃا ساڳيو آهي يا نه؟ پنهنجي پارٽي جي مقتول ليڊر جو پلاند وٺڻ ۾ حڪمران سنجيده آهن به يا نه؟ يا ان قتل جو پلاند ٿي چڪو آهي يا وري اڃا ٿيڻو آهي؟ ڪجهه به ته سمجهه ۾ نٿو اچي...سڀ ڪجهه سمجهه کان ٻاهر ئي ته آهي...!!ٰ“
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: موسم

    يار رند صاحب، اسانجي حالت به هوبهو هن آکاڻي جهڙي آهي ۔۔۔ بلڪ اسين ته اڃان پوئتي وڃي سوچيون پيا ته هي ملڪ اسانجي فائدي لا ٺاهيو ويو هو يا لٽ مار لا ۔۔۔۔؟؟؟؟ گومگو جي حالت آهي ۔۔۔ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ۔۔۔

    هڪڙو نالائق حڪمران وڃي ٿو ته ٻيو ٿو اچي ۔۔۔ اڃان ان مان جان ڇٽي ٿي ته ان کان به وڏو گڏهه اچي هينگون ٿو هڻي ۔۔۔؟ اصل ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي ته ڪهڙو گڏهه ڪارائتو هو ۔۔؟؟؟؟

    بس ڙي يار جهڙو عوام تهڙو حڪمران ۔۔۔

    الله ڀلي ڪندو ۔۔۔ اميدن تي جهان قائم آهي ۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: موسم

    ادا تمام سٺي ونڊ آهي
     
  4. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: موسم

    سائين اهو ته صحيح آهي ته گڏه حڪمران عوام جي ئي پيداوار آهن ان جو هاڻي حل ڪهڙو آهي ڪيئن انهن گڏهن کاان جان ڇڏائجي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو