• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محبت جي مئه ڪدي مان آ ڏي شراب ساقِي (ڪافي) زيب نظاماڻي

نثارناز

سينيئر رڪن


دوستو ڪڏهن ڪڏهن ڪو شاعر يا شاعره پنهنجي تخيل کي سرجيندي سرجيندي پنهنجي پرواز جي بلندين کي آسمانن کان وٺي پولارن تائين پکيڙي ڇڏيندا آهن سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي بلڪل هي نڪور ڪافي توهان پڙهي ڏسو بلڪل ائين آ هي جيئن لطيف سائين جي هڪڙي بيت جي سٽ ته مڌ پيئندي مون ساجن سهي سُڃاتو توهان سڀني سنڌ سلامت جي سنڌي ساٿين جي نظر سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه جي نڪور ڪافي​
محبت جي مئه ڪدي مان آ ڏي شراب ساقِي ( زيب نظاماڻي)
229446_10150181623098216_794048215_6827064_2311641_n.jpg
 
جواب: محبت جي مئه ڪدي مان آ ڏي شراب ساقِي (ڪافي) زيب نظاماڻي

تمام خوبصورت ڪافي ۽ چترڪاري به لاجواب سائين نثار ناز صاحب
 
جواب: محبت جي مئه ڪدي مان آ ڏي شراب ساقِي (ڪافي) زيب نظاماڻي

واه واه ۔۔۔ اثرائتا لفظ، پرمعني جملا ۔۔۔ سهڻو پيغام ۽ مٿان وري نثار ناز جي چترڪاري ۔۔۔

مٿان وري مٽڪن جا منهن بند نه ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌي، محبت جي موالين جا جام چمڪي پيا آهن ۔۔۔ مئخانو هجي، مئه هجي، محبوب بي نقاب هجي ته ماحول جي رنگيني جو اندازو يا ڪاٿو ڪهڙو ٿيندو ۔۔۔۔؟؟؟؟

ڇا ڳالهه ڪجي؟

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: محبت جي مئه ڪدي مان آ ڏي شراب ساقِي (ڪافي) زيب نظاماڻي

زبردست ونڊ سائين نثار ناز صاحب

ادا نويد ڪلوڙ توهان جي مهرباني جو محترما زيب نظاماڻي صاحبه جي هي شاعري توهان کي زبردست لڳي توهان جا اهي ويوز زيب نظاماڻي صاحبه تائين پهچايا ويا آهن لک لائق ادا
 
جواب: محبت جي مئه ڪدي مان آ ڏي شراب ساقِي (ڪافي) زيب نظاماڻي

تمام خوبصورت ڪافي ۽ چترڪاري به لاجواب سائين نثار ناز صاحب

لک لائق ادا وحيد کوسا بلوچ صاحب توهان محترما زيب نظاڻي صاحبه جي هن ڪافي کي لاجواب چيو ۽ اسان جي غريباڻي چترڪاري به توهان کي پسندا آئي توهان جي اهي ويوز سانئڻ زيب تائين پهچايا ويا آهن۔ مهربانيون ادا
 
جواب: محبت جي مئه ڪدي مان آ ڏي شراب ساقِي (ڪافي) زيب نظاماڻي

واه واه ۔۔۔ اثرائتا لفظ، پرمعني جملا ۔۔۔ سهڻو پيغام ۽ مٿان وري نثار ناز جي چترڪاري ۔۔۔

مٿان وري مٽڪن جا منهن بند نه ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌي، محبت جي موالين جا جام چمڪي پيا آهن ۔۔۔ مئخانو هجي، مئه هجي، محبوب بي نقاب هجي ته ماحول جي رنگيني جو اندازو يا ڪاٿو ڪهڙو ٿيندو ۔۔۔۔؟؟؟؟

ڇا ڳالهه ڪجي؟

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

بس ادا شاعر يا شاعره جو پنهنجو موڊ هوندو آهي، ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن ، محبتن جا مَٽ ڪوئي کولي ته تون ته ڇا پر ڪير به اهي جام پيئڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهي، وڏي ڳالهه ته بقول تنهنجي ته اهو ساقي بي نقاب هُجي، اصل ڪئين متارا موکي جي جامن جا شڪار ٿي پنهنجا سر وڃائيندا، اها ڳالهه منهنجي ناقص خيال ۾ زيب صاحبه پنهنجي ذهن ۾ ڀلي ريت ويهارِي هوندي جو اهڙا غضب جا خيال پنهنجي هن شاعري ۾ سمايا اٿس، سنڌي شاعرائن ۾ منهنجي خيال ۾ سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه ئي واحد سنڌي شاعره آهي جيڪا صوفيانه رنگ لڳائڻ ڄاڻي ٿي سندس شاعري کي پڙهي ڪڏهن ڪڏهن مون جهڙي ٽي درجي واري شاعر جا حال بُرا ٿي ويندا آهن۔ جو خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ پُڄي ويندو آهيان ، تنهنجون مهربانيون جو تمام محبتن جي رنگ ۾ رنگجي سانئڻ زيب جي هن شاعري تي پنهنجا ڪامينٽس لکيا اٿئي ۽ منهنجي چترڪاري غريباڻي چترڪاري به توکي وڻي ان جي لا مان توهان جو دلي ٿورائتو آهيان۔ توهان جا ڪامينٽس زيب صاحبه پڙهي چُڪي آهي۔
 
جواب: محبت جي مئه ڪدي مان آ ڏي شراب ساقِي (ڪافي) زيب نظاماڻي

تمام محبتي ۽ پاڪيزه خيال آهن، اوهان جي چترڪاري به هميشه جيان لا جواب۔

پيڻي اکان دي شراب ساڊا شيوا ئي جناب
سر عام پيڻي اي
 
جواب: محبت جي مئه ڪدي مان آ ڏي شراب ساقِي (ڪافي) زيب نظاماڻي

واهه استاد واهه ڇا ڳالهه ڪجي۔۔۔
تمام بهترين ونڊ۔۔۔۔
مهربانيون
 
Back
Top