[JUSTIFY]السلام عليڪم دوستو! ڪنهن وقت ۾ ايم ڊاس جا ديوانا هوندا هئا سين۔ ۽ مختلف ڪمانڊس ذريعي دوست هڪ ٻي تي رعب ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا سين۔ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي ڳوٺ آيل آهيان۔ هت ڪجهه ينگسٽرز مونکان مطالبو ڪيو آهي ته انهن کي ڪجهه وقت ڏئي ايم ايس ڊاس سيکاريان۔ ڪمانڊس ته موجود آهن، پر جي ڪو دوست وورڊ ۾ مختصر پر جامع ڪا فائل شيئر ڪري يا اتان ئي هتي سڌو سنئون ڪاپي پيسٽ ڪري کڻي اچي ته مونسان گڏ اميد آهي ته ڪافي دوستن جو ڀلو ٿيندو۔ مهرباني۔۔۔[/JUSTIFY]
جواب: ايم ايس ڊاس وورڊ فائل گهرجي مهرباني ادا انتظار ۾ آهيان، فورم تي ڳوليو آهي پر سڌ نه ٿي سگهي آهي۔
جواب: ايم ايس ڊاس وورڊ فائل گهرجي ادا! واهه جو ٻاراڻو زمانو ياد ڏياريو اٿوَ۔ ڪو دور هوندو هو، جڏهن ونڊوز 11۔3 تي ڪم ڪندا هئاسين۔ هينئر ته صرف دماغ تي هلڪي يادداشت جيان ڪو اثر وڃي باقي بچيو آهي۔ ها، البته جڏهن ڪڏهن به انسٽاليشن ڪرڻ جو وقت ايندو آهي، ته پو اوچتو ئي اهي ڪمانڊون ذهن تي تري اينديون آهن۔ وقتي طور تي ته ٻه ٽي ڪمانڊون هن طرح آهن۔ ڪنهن فولڊر مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪمانڊ: cd.. ڪنهن به ڊرائيو ۾ وڃڻ جي ڪمانڊ: ڪنهن به ڊرائيو جو نالو لکي، آخر ۾ قولن ) لکي، انٽر ڪجي. مثال طور D: ڪو به فولڊر ڏسڻ جي ڪمانڊ: Dir ڪو به فولڊر کولڻ جي ڪمانڊ: Cd لکي پوءِ ان فولڊر جو نالو لکجي.
جواب: ايم ايس ڊاس وورڊ فائل گهرجي ڪم نه ٿيو ادا۔۔۔۔ ايئن ته ان کان وڌيڪ مونکي محفوظ آهن، پر ۔۔۔۔ منهنجو عرض مٿي ڏسو ادا۔۔۔۔
جواب: ايم ايس ڊاس وورڊ فائل گهرجي فولڊر ٺاهڻ جي ڪمانڊ: md لکي، ان فولڊر جو نالو ڏجي. فولڊر ڊاهڻ جي ڪمانڊ: rd لکي، ٺاهيل فولڊر جو نالو لکجي. (واضح هجي ته اهو فولڊر جڏهن خالي هوندو، تڏهن ڊليٽ ٿيندو) سڀ فائل ڊليٽ ڪرڻ جي ڪمانڊ: فولڊر کولي، پوءِ del*.* لکندا ته سڀ فائل ڊليٽ ٿيندا
جواب: ايم ايس ڊاس وورڊ فائل گهرجي ادا ڪا وورڊ فائل يا ڊيٽا هت ئي ڪاپي پيسٽ ڪري ڏيو، جنهن ۾ ڪا ترتيب هجي۔ ڀلي انگلش ۾ هجي يا اردو ۾ هجي يا سنڌي ۾۔
جواب: ايم ايس ڊاس وورڊ فائل گهرجي ڊاس جون سموريون ڪمانڊس لا هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔ ڪنهن به ڪمانڊ کي تفصيل سان ڄاڻڻ لا ڪمانڊ تي ڪلڪ ڪريو۔ http://www.angelfire.com/ma/mantasdos/
جواب: ايم ايس ڊاس وورڊ فائل گهرجي وااااااااااااااااااااااااو!!!!!!!!!! يار ! واقعيٌ!! ڪمال ڪري ڇڏيوَ۔ لک ٿورا۔۔۔ الله يزوجڪ يا شيخ، قل آمين۔
جواب: ايم ايس ڊاس وورڊ فائل گهرجي ادا سولو طريقو اهو به آهي ته اوهان ڪمانڊ پراپٽ ۾ صرف Help لکندو ته سموريون ڪمانڊس لکجي اينديون، جنهن کان پوءِ اوهان هر ڪمانڊ جي اڳيان هيلپ لکي ان جي استعمال بابت سکي سگهو ٿا۔۔۔ ادا ابوزين به سٺو ونڊ ڪيو آهي۔۔
جواب: ايم ايس ڊاس وورڊ فائل گهرجي ادا اوهان جي به مهرباني۔ اجو طريقو به صحيح آهي، پر مون چيو ته ڪجهه روشني ٿي وڃي، اڳي ئي ڊاس ڪاري رنگ جو ڄڻ رات جي اندھ ۾ گاڏي ڊرائيو ڪريو ٿا، رڳو ڪارو رنگ، وري هيلپ به انهيءَ کان وٺون۔۔۔ مهرباني دوست مولا اوهان کي آباد رکي۔