• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بار بار هڪ لنڪ تان پاڻمرادو ڊائونلوڊ

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
دوست مون ڪله نئين ونڊو انسٽال ڪئي آهي ان کان پوءِ هي مسئلو آهي ته هڪ لنڪ تان پاڻ مرادو ڊائونلوڊ شروع ٿي ٿي وڃي۔ هي اسڪرين اميج آهي ان صورتحال جو۔
 
جواب: بار بار هڪ لنڪ تان پاڻمرادو ڊائونلوڊ

دوست مون ڪله نئين ونڊو انسٽال ڪئي آهي ان کان پوءِ هي مسئلو آهي ته هڪ لنڪ تان پاڻ مرادو ڊائونلوڊ شروع ٿي ٿي وڃي۔ هي اسڪرين اميج آهي ان صورتحال جو۔

ادا لغاري صاحب اسڪرين اميج ڪانهي وري اپلوڊ ڪريو۔
 
جواب: بار بار هڪ لنڪ تان پاڻمرادو ڊائونلوڊ

توهان جي اسڪرين شاٽ کي درست ڪري جڏهن ڏٺو ويو ته ظاهر ٿيو ته توهان سنڌ سلامت سان گڏو گڏ فيس بوڪ به کوليندا آهيو۔۔۔ ۽ فيس بوڪ تي ڪنهن دوست سان چيٽ ڪندي ڪندي توهان سنڌ سلامت تي سُئچ پڻ ڪندا آهيو ان دوران جڏهن فيس بوڪ وارو دوست توهان کي چيٽ جو جواب ڏيندو آهي ته فيس بوڪ جو هڪ خود ڪار سائونڊ (چيٽ آواز) اڀرندو آهي ۔۔۔ پر جيئن ته توهان انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪيو آهي ان ڪري IDM پاڻ مرادو ان سائونڊ يا آواز کي ايم پي ٿري فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي۔۔۔ ان صورت ۾ توهان جي اڳيان IDM جي ڊائونلوڊ واري پاپ اپ ونڊو کُلي پوندي آهي۔۔۔ ان کي روڪڻ لاءِ توهان هيٺين ڳالهين تي عمل ڪريو۔۔۔

  • انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر کوليو۔۔ (اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪري پروگرام ۽ پوءِ انٽرنيٽ ڊائونلو مينيجر)
  • هاڻي Download مينو تي ڪلڪ ڪري Options سليڪٽ ڪريو۔۔۔
  • توهان جي سامهون انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر جي ڪنفگريشين ونڊو کُلي پوندي۔۔۔ جتان File Types ٽيب کوليو۔۔ تفصيل لاءِ تصوير ڏسو۔۔۔
  • pling2.bmp
  • هتي موجود بٽڻ Edit List تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جنهن سان توهان جي سامهون هيٺين ونڊو کُلي پوندي۔۔۔
  • pling3.bmp
  • جتان Add تي ڪلڪ ڪريو ته توهان کان يو آر ايل شامل ڪرڻ لاءِ پڇيو ويندو۔۔ جتي http://static.ak.fbcdn.net/sound/pling.mp3 لکي يا هتان ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو۔۔۔ ۽ OK. پريس ڪريو۔۔۔ ڏسو هي تصوير۔۔۔
  • pling4.bmp

مٿين عمل سان توهان انٽرنيٽ ڊائونلوڊ مينيجر طرفان بار بار کلندڙ پاپ اپ يو آر ايل ايڊريس کي IDM جي بلڪنگ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ توهان اڳيان هي پاپ اپ ونڊو ٻيهر نه کُلندي۔۔۔

اميد ته ڳالهه بهتر طريقي سان سمجهي ويا هوندو۔۔۔ ۽ عمل به ڪري سگهندو ٻي صورت ۾ ٻيهر لکندا۔۔
 
Back
Top