دوستو شيخ اياز جي ڪتاب ” ڀونر ڀري آڪاس “ مان چونڊ بيت حاضر آهن
ڀرسان تنھنجي ڀٽ ڌڻي، جھلي بيٺس جھول،
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منھنجي ساه کي.
ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنھنجا کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آھن آيتون.
وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾،
ڪونھي اڄ ڪلام ۾، سر جو سر سان سنگ،
ڀريان آءٌ امنگ، ڪريان لات لطيف جي.
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منھنجي ساه کي.
ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنھنجا کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آھن آيتون.
وري چوريان چنگ، صدا ڪريان سنڌ ۾،
ڪونھي اڄ ڪلام ۾، سر جو سر سان سنگ،
ڀريان آءٌ امنگ، ڪريان لات لطيف جي.
