پٿر به مخلوق آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏28 اپريل 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    پٿر به مخلوق آهي

    هڪ ڏينهن هڪ سالک سان گڏ هڪ رستي تان گذري رهيا ها سين ، رستي تي پٿر پيو هو مون ان پٿر کي پير جو ٿُڏو هڻي پاسي تي ڪيو ، نيت اها هئي ته ڪو گذرندڙ هن کان آزارجي نه پوي ، يا ڪنهن تيز رفتار گاڏي جي ٽائر جي هيٺان اچي ٿڙي ڪنهن کي نه لڳي . جڏهن مون ان پٿر کي ٿُڏو هنيو ته ان سالڪ منهنجي هن حرڪت کي ڏسي چيو ڏاڏل هي ڪم چڱو ناهي ته هڪ مخلوڪ کي ارام پهچائڻ لاءِ ڪنهن ٻي مخلوق کي آزار ڏجي يا ٿُڏجي . مون کي اها ادب جي ٻولي سمجه م نه آئي ان عارف منهنجو اضطراب ڏسي چيو ته ڏس بيشڪ اهو پٿر آهي جنهن کي تو ٿڏو هنيو آهي، پر هڪ وقت تنهنجو ۽ هن پٿر جو خاکق ساڳيو آهي . تون چاهين ٿو ته تنهنجو مالڪ راضي رهي . ۽ تون اهو نه چاهيندين ته تنهنجو مالڪ توکان ناراز رهيو ته ڇا ٿي پوندو، نه اهو ان لاءِ ته ان جي رضا تنهنجي فطرت ۾ آهي جڏهن به غير فطري عمل ڪندين ته تنهنجي اندر اضطراب ۽ بيچيني جي ڪيفيت ظاهر ٿي ويندين ته تنهنجي خالق جي چاهت تنهنجي فطرت ۾ آهي سو تون چاهيندو هوندين ته تنهنجو خالق تو کان راضي رهي . مون چيو ته سائين بلڪل هر هڪ انسان جي اها فطرت آهي ته هو پنهنجي مالڪ کي راضي رکي ۽ ان جي رضا ان جي فرمانبرداري سان مربوط آهي .پوءِ ان مپنکي چيو ڏاڏل پوءِ تو پان انصاف ڪر ته تون مالڪ جي مخلوق ٿلي اهو پٿر ڇو نه هجي کي ٿُڏا هڻي هن کي راضي ڪري سگهندين جڏهن تون هن وٽ ويندين ته هو توکي چوندو ڪو نه ته تو منهنجي مخلوق ان مخلوق جنهن ۾ مون زيادتي جي طاقت ناهي رکي کي تو ٿُڏا هنيا آهن؟ يقين ڄاڻو مونکي ايڏي شرمندگي ٿي جو مون سوچيو ٿي جي زمين جاءِ ڏئي ته آءُ زمين بوس ٿي وڃان .
    ۽ پوءِ هن بُزرگ ان پٿر کي کنيو ۽ هي ڪلمات چيا اي الله جي مخلوق بيشڪ تنهنجو ۽ منهنجو خالق ساڳيو آهي مونکي تنهنجي حق ۾ اهڙي سختي نه ڪرڻ گهرجي ها جا مونکان ٿي هڪ نادان دوست هي غلطي ڪئي آهي اسان کي معاف ڪر شايد هي الفاظ ڪجه دوستن لاءِِ مذاه هجن پر هي حقيقت آهي .
    اڄ مونکي اهي ڳالهڳين ڏاڍيون ياد آيون .

    اڄ 28-04-2011 جي صبح جڏهن آءُ ساهراه فيصل تان گذري ريهو هيس ته منهنجي شايد گذرڻ جي ٽيه سيڪنڊن کان بعد منهنجي پٺيانهڪ زوردار ڌماڪو ٿيو منهنجي موٽرسائيڪل هڪ پل لاءِ ڄڻ منهنجي ڪنٽرول مان نڪري وئي .مون گاڏي اتي روڊ تي بيهاري جڏهن پوئتي جو واءُِ سئاءُ لحن جي ڪوشش ڪئي ته ۽ جڏهن آءُ ڌماڪي جي جاءِ تي پهتس ته مون انسانيت جي عجيب حالت ڏٺي . توهان يقين نه ڪندو ته انسان جي اها حالت هئي جو ڪنهن جانور ته ڇا ڪنهن وحشي ڪنهنوحشي جانور سان نه ڪئي هوندي ، هر طرف دل کي ڏاريندڙ مناظر هيا ، ڪنهن جو مٿو ڦاٽو پيو هو ته ڪنهنجو ميڄالو ٻاهر نڪتو پيو هو ڪنهنجي اک اڏاڻل هئي ته ڪنهنجي ٽنگ يا ٻانهن نظر نه ٿي آئي . هر طرف رت جي ريٽاڻ ئي ريٽاڻ هئي الامان الحفيظ خدا ڪنهن دُشمن کي به اهو منظر نه ڏيکاري . اسان اتان ڪجه ماڻهن کي ڪارن ۾ ته ڪجه ماڻهن کي رڪشن ۾ وڌو ۽ پاڪستان نيوي جي اسپتال پي اين ايس راحت پهچايو . ڪجه ماڻهون ايڌي ، ڇيپا ايمبولينس زريعي ٻين اسپتالن ۾ موڪيا ويا .
    هن حادثي کي ڪافي سارا ڪلاڪ گذري ويا آهن ليڪن دل هن وقت به عجيب اداسي جو شڪار آهي . مون جي اهي بکيل لاش کنيا آهن انهن لاشن سان گڏ جي احساس اٿريا آهن انهن احساسن جي الفاظ تفسير نه ٿا ڪري سگهن .
    مون سوچيو ٿي ته جاتي هڪ انسان جڏهن پنهنجي الله کي ويجهو اچي ٿو ته هن جي ڀبعيت ۾ هي عجيب ڪيفيت آهي ته ڪنهن پٿر کي به ٺوڪر ناهي هڻڻي ڇو جو ان جو خالق الله آهي ۽ تنهنجو خالڪ به الله آهي . ٻئي طرف شڪل و صورت ۾ اهو ئي اسان ڇو جو مون پهريان عرض ڪيو ته ههڙو هاڃو ڪنهن جانور ڪنهن درنده صفت جانور به ڪنهن جانور سان ناهي ڪيو جو حال انسان اڄ انسان سان ڪيو آهي . انسان جنهن جي فطرت ۾ پنهنجي خالق جي فرمانبرداري رکيل آهي اهو انسان جنهن لاءِ الله جو حڪم صاف ۽ ظاهر آهي ته جنهن هڪ انسان جي جان بچائي گويا ان سڄي انسانيت جي جان بچائي جنهن هڪ انسان جو قتل ڪيو تنهن سڄي انسانيت جو قتل ڪيو . جنهن اسنا جي قيمت پوري قائنات کان مٿاهين آهي جنهن جو ڪو دنيا ۾ نعم البدل ڪونهي جنهن لاءِ الله هي دنيا بڻائي آهي اهو انسان انسان جو ايڏو ويري ٿي بيٺو آهي
    جنهن انساني رشتن جا سڀ قدر لتاڙي جنهن جي راه ماءُ تڪيندي رهندي هئي جنهن ڀاءُ جو انتظار ءيڻ کي هميشه رهندو هو جنهن زال صبح مڙس کي چيو هو ته منجهند جي م،اني گهر اچي ٻارن سان کائجو ، جنهن پُٽ پي کي چيو هو ته بابا موٽندي رستي تان منهنجي لاءِ هي وڄيون اچجان، جنهن معصوم نياڻي صبح ماءُ جي چوڻ تي پي کي الوداع ، الله حافظ ، ٽاٽا ڪري موڪلايو هو ۽ واپسي م هو پنهنجي بابا جي اچن وقت موٽر سيڪل جو آواز ٻڌي دروازي کي کولي بابا جي اسلام عليڪم چوڻ کان پهريان اسلام عليڪم چوندي هئي . جڏهن بابا گهر ايندو هو ته هو هن جي ڳيچي ۾ ڳراٽڙيون وجهي چُميون ڏيندي هئي . انهن سڀني رشتن جي احساسن کي الائي ڪهڙي جزبي جي تحت هُن مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. يقين ڪيو سائين اهي منظر سوچي هانءُ ٿو ڇڄي ڏسو جي هي جنگ ڪنهن دُشمن سان اهو دُشمن جيڪو کليل ميدان ۾ هوندو آهي هجي ها ته هنن لاشن کي کڻڻ سان فخر محسوس ٿئي ها پر هي ته اهي لاشا آهن جن کي پڇنهنجن ماريو آهي انهن جو درد ۽ قرب انتهائي عجيب آهي .
    مٿان وري اسان جي حڪمرانن جي ڍٽائي واري ٻولي وڌيڪ تڪليف ده آهي ته اسان هنن جي هنن هرڪتن کان ڊڄڻ وارا ناهيون جن جي سڪيورٽي جي پُٺيان ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ سڪيورٽي لڳل آهي جن جو ڪافلو سوين گاڏين جي حفاظت ۾ هلي ٿو . جن جي گذرڻ سان رستا ايترا ته جام ٿي ٿا وڃن جو عورتن جو ڊليوريون گاڏين ۾ ٿيو وڃن . مريض ڦٿڪي ڦٿڪي ايمبولينس ۾ مريو وڃن ، مونکي ڪا تاريخي ڪتاب ياد ٿي پوي ته حضرت علي عه ڪنهن علائقي ۾ آيا ته ان علائقي جي ماڻهن سندن استقبال اهو ڪيو جيڪو اتي رائج هو ڪجه ماڻهون دنب وڄائي رهيا ها ته ڪجه ماڻهون نچي رهيا ها . حضرت علي عه جن پڇيو ته توهان اهو ڇو ٿا ڪريو ته انهنن چيو اوهان جي استقبال لاءِ پاڻ عه فرمايو ته توهان کي آءُ زهمت ۾ ڏسي نه ٿو سگهان اهو سڀ ڪجه تواهن کي تڪليف ۾ وجهي ٿو ۽ مون لاءِ بيڪار آهي توهان جي هن عمل مان مونکي ڪو فائدو ڪونهي لهٰذا اوهان اهو عمل نه ڪيو . هتي عجيب حالت آهي جي ڪنهن وزير جي واٺڙئي کي به پروٽوڪل نه ٿو ملي ته اتان ج يآفيسر لاءِ باه ٻريو ٿي وڃي . ته مون چيو پئي جتي انسان الله جي قربت ۾ وڃي ٿو ته هو پٿر کي ڄوڪر به نه ٿو هڻي ته هي الله جي مخلوق آهي اُتي اهو شخص جنهن هن رت جي هولي جو بازار گرم ڪري رکيو آهي اهو پنهنجي پروردگار جي نظرن ۾ ڪيترو نه ڪريل هوندو ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي
    آخر ۾ دعا الله اسان سڀني کي هنن دهشت گردي جي لپيٽ کان پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي
    .آمين وسلام

     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: پٿر به مخلوق آهي

    آمين

    ادا بيشڪ دل آزار منظر آهي اسان جهڙن کان ته ڏٺو به ڪون ويندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو