هاڻ سائنسدان به ويب سائيٽ تي حاضر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    امتياز احمد (عوامي آواز)


    [JUSTIFY]جرمني ۾ هڪ نئين سوشل ويب سائيٽ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو ريسرچ گيٽ آهي، اها ويب سائيٽ سائنسدانن لاءِ جوڙي وئي آهي، سڄي دنيا جا 9 لک سائنسدان ان ويب تي رجسٽريشن ڪرائي چڪا آهن، جرمن راڄڌاني برلن ۾ هڪ وڏي آفيس ۾ ڪو انگريزي پيو ڳالهائي ته ڪو جرمن يا اسپيني، سفيد ليپ ٽاپ کڻي آفيس ۾ ويٺل نوجوان سائنسدانن ۽ تحقيقي ڪم ڪندڙن لاءِ ٺاهيل سوشل ويب سائيٽ ريسرچ گيٽ لاءِ ڪم ڪندا آهن.
    ان ويب سائيٽ جو بنياد 2008ع ۾ ڊاڪٽر عياد مديش پنهنجي ٻن دوستن سان گڏجي رکيو، مديش جي والدين جو تعلق عرب ملڪ شام سان آهي ۽ هن جرمني ۽ آمريڪا ۾ ميڊيڪل ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪئي آهي، 29 ورهين جي مديش کي ان ويب سائيٽ جو خيال ڪيئن آيو، ان باري ۾ هو ٻڌائي ٿو ته اسان جو تحقيقي ڪم گهرڙن تي هو، اسان اسٽيڊ سيلز وسيلي هٿرادو آڱر ۾ هڏي پيدا ڪرڻ پيا چاهيون پر ان جو ڪو به ماهر اسان جي ليب ۾ نه هو تڏهن ذهن ۾ ريسرچ گيٽ جو خيال آيو. سوچيم ته هڪ اهڙو پليٽ فارم هجڻ گهرجي جتي سڄي دنيا جا سائنسدان پاڻ کي متعارف ڪرائين، پنهنجو ڪم پيش ڪري سگهن ۽ ٻين سائنسدانن سان رابطي ۾ کيس سولائي ٿئي، ويب سائيٽ جو مقصد تحقيقي ميدان ۾ وسعت آڻڻ آهي، مثال طور ان ويب سائيٽ وسيلي ناروي جا سائنسدان مصري سائنسدانن سان رابطي ۾ آهن، يا وري آمريڪي سائنسدانن جي هڪ گروپ هندستاني سائنسدانن کان ڪجهه تجويزون طلب ڪيون آهن، ان ويب سائيٽ ملڪن وچ ۾ سرحدون ۽ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ بيٺل ديوارون ختم ڪري ڇڏيون آهن.
    عياد مديش ٻڌايو ته جڏهن ماڻهو تحقيق ڪندو آهي ته ان سان نوي سيڪڙو تجربا ناڪام ٿي ويندا آهن، تجربا ناڪام ٿين ته انگ اکر شايع نه ٿا ڪيا وڃن، نتيجا رڳو ڪامياب تجربن جا شايع ڪيا ويندا آهن، پر ريسرچ گيٽ تي سائنسدان هڪ ٻئي سان مخصوص موضوعن تي ڳالهائي سگهن ٿا، اهڙي طرح اهي غلطيون ورجائڻ کان بچي سگهجي ٿو، جيڪي ٻين سائنسدانن کان ٿيون آهن.
    ڊاڪٽر ٽم هوچو گذريل ٻن ورهين کان ان ويب سائيٽ جو صارف آهي، برلن ۾ هو سورجي صارف آهي، برلن ۾ هو سورجي علاج تي تحقيق ڪندو آهي، سندس ليبارٽري ۾ ڪيترائي ٻيا سائنسدان به هن لاءِ ڪم ڪندا آهن، 40 ورهين جي ڊاڪٽر هوچو موجب ان ويب سائيٽ وسيلي تمام جلد گهربل مضمون ملي وڃي ٿو ۽ ماڻهن سان رابطو ڪري سگهجي ٿو، ڪيئي مضمون رڳو خاص رسالن ۾ ئي شايع ڪيا ويندا آهن، جيڪي تمام مهانگا آهن، جڏهن ته هن ويب سائيٽ تي ماڻهو مفت ۾ آرٽيڪل پڙهي به سگهي ٿو ۽ شايع به ڪرائي سگهي ٿو، جيڪي خاص طور انهن يونيورسٽين لاءِ دلچسپ ڳالهه آهي، جن وٽ فنڊن جي کوٽ آهي.
    عياد مديش کي هن پراجيڪٽ لاءِ آمريڪي علائقي سيليڪون ويلي جي ڪمپنين جو مالي سهڪار حاصل آهي، جتي دنيا جي وڏين وڏين آءِ ٽي فرمن جا هيڊ ڪوارٽرز آهن.
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو