ايندڙ بجيٽ جا مايوس ڪندڙ انگ اکر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]
    حڪومت ايندڙ بجيٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ميڊيا ذريعي جيڪي بجيٽ تجويزون پڌريون ٿيون آهن، انهن ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته بجليءَ تي ڏني ويندڙ 186 ارب ۽ کاڌي پيتي وارين شين تان 43 ارب رپين جي سبسڊي ختم ڪئي وڃي. تجويزن ۾ اٽڪل 14 کرب رپين جي بجيٽ خساري جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح نوڪرين تي پابندي برقرار رکڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي ان سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته مهانگائيءَ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ايندي. جيتوڻيڪ اهڙن انگن اکرن سان عوامي سطح تي مايوسي پکڙجڻ فطري ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت مسلسل دعوائون ڪندي رهي آهي ته عوام کي رليف ڏنو ويندو. بي روزگارن کي نوڪريون ڏنيون وينديون پر بجيٽ تياريءَ جا جيڪي انگ اکر پڌرا ٿي رهيا آهن اهي بلڪل به حڪومتي دعوائن جي ابتڙ آهن. ڇو جو عوام لاءِ غربت، مهانگائي، بي روزگاري ۽ بدامني انتهائي سنگين مسئلا آهن، جن جو عام ماڻهو ترت ۽ جوڳو حل چاهي ٿو پر ان ڏس ۾ سرڪاري سطح تي ڪا اڳ ڀرائي نه ٿيڻ ڪري مايوس ٿئي ٿو. صدر آصف علي زرداري جو اهو چوڻ بلڪل درست آهي پنهنجيون معاشي حالتون پاڻ کي گڏجي سڏجي بهتر ڪرڻيون پونديون، ٻاهران ڪو به ماڻهو نه ايندو. اسان جي خيال ۾ پاڪستان وٽ جيڪي قدرتي معدني وسيلا موجود آهن انهن جو درست رٿابنديءَ سان استعمال نه ٿي سگهيو آهي ان ڪري به اسان بدتر اقتصادي حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. 64 ورهين جي حڪمرانيءَ واري تاريخ اٿلايون ٿا ته 32 ورهيه ته آمر اقتدار ۾ رهيا آهن جڏهن ته سول سياسي حڪومتن کي آئيني مدو پورو ڪرڻ ئي نه ڏنو ويو آهي، ان ڪري ڪا به سول حڪومت قدرتي وسيلن جو درست استعمال ڪرڻ واري رٿابندي ڪري ان تي عمل نه ڪري سگهي آهي، ٻئي طرف جمهوري روايتون سگهاريون نه ٿي سگهيون آهن، ان ڪري سدائين عالمي مالياتي ادارن جا ڳيجھو ۽ قرضي ٿيندا رهيا آهيون. ان لاءِ گھرج ان ڳالهه جي آهي ته سموريون سياسي ڌريون متحد ٿي جمهوريت کي سگهارو ڪن، جيئن حڪومت سڪون سان ڪا رٿا بندي ڪري وسيلن جي درست استعمال کي يقيني بڻائي سگهي، جنهن کان پوءِ عالمي مالياتي ادارن جي قرضن مان ملڪ کي آجو ڪري پنهنجا سياسي ۽ معاشي فيصلا پاڻ ڪرڻ جي لائق ٿي سگهون. ٻي صورت ۾ ڪا به حڪومت عوام کي مهانگائي، بي روزگاري ۽ غربت جهڙن سنگين مسئلن مان آجو ڪرائي نه سگهندي. اسان جي خيال ۾ جمهوري حڪومت به سمورا وسيلا ڪتب آڻي حڪومتي خرچ گهٽائي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺي، ڇو ته عوام اڳ ئي خطرناڪ معاشي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ماڻهن ۾ وڌيڪ ٻوجهه برداشت ڪرڻ جي سگهه نه رهي آهي.
    [/JUSTIFY]

    (عوامي آواز جي ٿورن سان)
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ايندڙ بجيٽ جا مايوس ڪندڙ انگ اکر

    ادا ڇا توهان کي هن حڪومت مان اڃان ڪو آسرو آهي ڇا؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو