ڪانگل خط کڻي وڃ ايڪهين اپريل ۽ نسل ڪشيءَ جي نئين شڪل! حفيظ ڪنڀر حفيظ! ڇا حال اٿئي! ايڪهين اپريل تي اسان جي نسل ڪشي جو هڪ اعلان سانگهڙ جي انهيءَ واردات کان ٿيو آهي، جنهن کي ميڊيا جي ڪجهه حلقن بربريت بجاءِ واقعو بيان ڪري غير موثر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. نه فقط اهو پر انگريزي اخبارن جي رپورٽرن ان کي اندروني سياسي گروپ بندي چئي هن ظالماڻي ڪارروائي کي ٻيو رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان وٽ نسل ڪشي جو اهو ئي پراڻو تصور آهي، جنهن تحت ڪو ظالم بادشاهه پنهنجي دشمن قوم تي حملا ڪري نوجوانن ۽ ٻارڙن کي مارائي، باقي عورتن ۽ پوڙهن کي قيد ڪرائي ڇڏيندو هو يا وڌ کان وڌ ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ هٽلر ۽ يهودين جو قصو پيو دهرائبو آهي. تون ڇا ٿو سمجهين ته نسل ڪشي جي رفتار فقط تيز هوندي آهي ڇا؟ جيئن بنگال، بوسينيا، روانڊا ۾ ٿي هئي؟ ائين ناهي، نسل ڪشي جي رفتار آهستي به هوندي آهي، جنهن کي Slow genocide چيو ويندو آهي. انهيءَ تحت ڪنهن به قوم يا گروهه کي آهستي آهستي تڙي، ڌڪي مخصوص علائقي تائين محدود ڪري سندس حق ائين ”محفوظ“ ڪبا آهن، جيئن ريڊ انڊين جا حق محفوظ آهن. ان قسم جي نسل ڪشي جا حربا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ استعمال ٿيندا پئي رهيا آهن. يوروپ ۾ برٿ ڪنٽرول جون پابنديون يا ننڍڙن ٻارڙن کي گم ڪري انهن جي سڃاڻپ وڃائڻ جا حربا به استعمال ٿيا آهن، پر هن نئين دور ۾ نوان حربا به آيا آهن. لفظن ۾ نسل ڪشي جي وصف ٿوري گهڻي فرق سان ائين ڪئي وئي آهي ته، “The deliberate and systematic extermination of national, racial, political or cultural group” يعني ڪنهن قومي، ثقافتي، نسلي يا سياسي گروهه (قوم) کي ڄاڻي واڻي باضابطه طور ختم ڪرڻ، ناس ڪرڻ ڪوس (Slaughter) يا قتلام (Massacre) نسل ڪشي جا هم نام آهن. هاڻ تون مٿين ڳالهه کي يا ڳالهين کي نظر ۾ رکي ايڪهين اپريل جي هن جي دور واردات کان اڳ جي تاريخ ۾ وڃ ته شايد توکي سمجهه ۾ اچي ته نسل ڪشي ڇاهي؟ پر ٿورو ترس! ڪجهه هي ٻڌي پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي اهي واقعا ذهن ۾ رکجانءِ، جيڪي پنهنجي خلاف مختلف وارداتن جي صورت ۾ ٿيا آهن. نسل ڪشي خلاف بين الاقوامي ادارا بشمول اقوام متحده اهو به ٻڌائن ٿا ته ڪنهن به گروهه خلاف زنائون، جنسي زيادتيون ڪرڻ، پوري قوم کي نشي جو عادي ڪرڻ، انهن جا ماڻهو ماري، چهرا ۽ جسم مسخ ڪرڻ به نسل ڪشي جي دائري ۾اچن ٿا ته ڪنهن قوم کي يا ان جي ڪنهن حصي کي جسماني ۽ ذهني ٽارچر ڏيڻ به نسل ڪشي جو ئي حربو آهي. اهي بين الاقوامي فورم نسل ڪشي تي بحث ڪندي ۽ ان متعلق سمجهائيندي اهو به چون ٿا ته ڪنهن قوم تي عرصهءِ حيات تنگ ڪرڻ لاءِ انهيءَ قوم کي انهن وسيلن کان ئي محروم ڪري ڇڏجي، جيڪي ان جي زنده رهڻ لاءِ انتهائي ضروري هجن ٿا ته اها ڳالهه به نسل ڪشي جي ڪوششن ۾ شمار ٿئي ٿي. اهي ضروري ۽ بنيادي شيون جيڪي زنده رهڻ لاءِ کپن سي آهن: صاف پاڻي، کاڌو، ڪپڙو، اجهو، لٽو ۽ طبي سهولتون. توکي خبر آهي ته وسيلن ۾ امير ترين سنڌ، هاڻي غريب ترين صوبو بنجي چڪو آهي. هي سڀ ڳالهيون مدنظر رکندي تون ايڪهين اپريل جي هن ظالماڻي ڪارروائي کان پوئتي ڏهاڪي به ڏهاڪي وڃ يا سال به سال وڃ. توکي پنهنجو قومي وجود نسل ڪشي جي زد ۾ محسوس ٿيندو. هي جيڪي نوجوان پنهنجا جسم پئٽرول سان ساڙائي رک جي شڪل ۾ ڳوٺ پهتا آهن، سي ته پنهنجي قومي نسل ڪشي جو فقط هڪ باب آهن. هن ڪتاب ۾ ڪئين وارداتون مختلف انداز ۾ لکيون ويون آهن، جن کي غور سان پڙهڻ جي ضرورت آهي ۽ غور سان پڙهندين ته پوءِ ڪڏهن به ڪو نه چوندين ته سنڌ کي لهر نڪو لوڏو، يا سنڌ گدڙن ناهي کاڌي. توکي ڇهن ڏهاڪن ۾ ڪو اهڙو ڏهاڪو سجهي ٿو، جنهن ۾ پنهنجو قومي وجود ڀت سان لڳائي بلڪه ان ڀت ۾ دفن ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي هجي!؟ نسل ڪشي لاءِ ته پهرين معاشي قتل ڪرڻ ضروري هجي ٿو. اهو ان جو حصو آهي ۽ اهو ڪهڙو عرصو آهي، جنهن ۾ سنڌ کي غربتون نه بڇيون ويون هجن؟ وسيلن کان محروم ڪرڻ جون ڪوشش نه ڪيون ويون هجن!؟ ڪنهن الڳ سياسي نقطئه نظر رکڻ تي پوري قوم کي يا ان جي ئي حصي کي ٽياس تي نه ٽنگيو ويو هجي!؟ ڪنهن ڏهاڪي ۾ تون ڏسين ٿو ته شهرن تي اجنبين جا قبضا ڪرائي پاڻ کي ئي اجنبي بنايو ٿو وڃي. پوءِ هڪ سلسلو ٿو شروع ٿئي، ان فرد خلاف جيڪو شهري هوندي، ”ديهاتي“ بنجي ٿو وڃي. جنهن ”ديهاتي“ شهرن جا دروازا کولي آيلن جو آڌر ڀاءُ ڪيو، اهو ديهاتي ان ئي شهر ۾ پنهنجي لاءِ ڪا وستي جوڙڻ کان محروم بنجي ويو. نسل ڪشي خلاف آواز اٿاريندڙن ۽ ان تي تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته نسل ڪشي قسطن ۾ به ٿيندي آهي، ضروري ناهي ته ڪنهن قوم جي نسل ڪشي لاءِ ترت قدم کنيا وڃن. جيڪا نسل ڪشي قسطن ۾ ڪبي آهي. ان لاءِ انهيءَ قوم جي سياسي ۽ سماجي ادارن کي ٽوڙيو ويندو آهي، يا انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح اسرڻ ئي نه ڏنو ويندو آهي. پوءِ انهيءَ قوم جي ثقافت، ٻولي، قومي احساسن، معاشي وجود کي آهستي آهستي سوڙهو ڪري ذاتي تحفظ، آزادي، وقار، صحت سميت انهيءَ قوم جي فردن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح نشانو بنائبو آهي. ايڪهين اپريل تي هي نوجوان به ائين ئي نشانو بنايا ويا آهن. نشاني تي چڙهيل سنڌي قوم جون جنوريون، مارچون، اپريلون سڀ هڪ جهڙيون آهن. ڪنهن اپريل جو خنجر سيني ۾ ٽنبجي ٿو ته پوري قوم ٽن چئن سالن تائين دهشت زده بنجيو. ملڪ جي بازار ۾ وڃايل ٻار جيان رڙيون ڪندي وتي، وري دهشت مان نڪري ايم آر ڊي جي صورت ۾ روڊن تي اچي ٿي ته گن شپس ۽ ٽئنڪون مٿس ڪڙڪي پون ٿا. ڦاهيون، ڦٽڪا، ڪوڙا، جيل اهي جدا. اڃان ٻه قدم اڳتي وڌي نسل ڪشي لاءِ ٻيا هٿيار لساني تنظيمن جي صورت ۾ بيٺا آهن. ديهاتي سنڌ ۽ شهري سنڌ جي ميڊيائي مهم الڳ ۽ پوري قوم جي نسل ڪشي لاءِ ڪوٽا جو هٿيار الڳ، هر شيءِ ڪوٽا تي. پوري قوم جڏهن ڪوٽا طرف ڌڪجي وڃي ۽ ان مان به حصو پورو نه ملي ته باقي نسل ڪشي کي سِڱ ٿيندا آهن ڇا؟ اسرائيلي پارليامينٽ ۾ به فلسطينين جي ڪوٽا آهي!! آئون توکي اها ڳالهه به ٻڌائيندي هلان ته نسل ڪشي خلاف ڪم ڪندڙ دنيا جي ڪجهه فورسز نسل ڪشي متعلق انهيءَ Opinion خلاف به دانهن اٿاريندي، ان کي نامڪمل وضاحت سمجهي هڪ ٻيو اصطلاح ڏنو، جيڪو هو Politicide انهيءَ تحت چيو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن سياسي گروپ (ڪنهن قوم جو) کي ڪو مخصوص سياسي نقطئه نظر رکڻ ڪري اقتداري ڌريون يا طاقتون نشان بنائي قتل يا آهستي آهستي ختم ڪرڻ جا حربا استعمال ڪن ته اهو آهي Politicide. آئون سمجهان ٿي ته Politicide جي آفت مان آمراڻي دور ۾ يا ان کانپوءِ به پيپلز پارٽي به گذري آهي. پر اتفاق اهو آهي جو اڄ پ پ پ خود حڪومت ۾ ويٺي آهي ۽ انهيءَ جي ئي دور ۾ سنڌ جو قومي ڪارڪن Politicide جي زد ۾ اچي گم به ٿي رهيو آهي ته ائين 21 اپريل جي ڪنهن تاريڪ راهه تي بي دردي سان ماريو به وڃي پيو. اميد ته خط جو جوا ڏيندين. ريما-ڪراچي
جواب: ڪاوش جي ٿورن سان قومپرست ڪار جي سي اين جي ڪٽ کي گولي لڳڻ سبب سڙي ويا:آءِ جي اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ چيو آهي ته سانگهڙ ۾ قتل ٿيل ٽن قومپرستن مٿان فائرنگ ٿي، هڪ گولي گاڏي جي سي اين جي ٽانڪي ۾ لڳي، جنهن سان باهه لڳي، ان مامري جي جاچ آخري مرحلي ۾ آهي، جلد مامري جو ورڪ آئوٽ سامهون ايندو، پارليامينٽ هائوس ۾ آءِ جي سنڌ فياض لغاري گهرو مامرن جي وفاقي وزير رحمان ملڪ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسان ٽارگيٽ ڪلرز پڪڙيا آهن، جيڪي بسن تي حملا ڪري رهيا هئا، امن ڪاميٽي جو فعال ڪردار رهندو، لياقت بنگش ڏوهاري آهي، ان اي اين پي سنڌ جو هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سانگهڙ واري قومپرستن جي قتل واري ڪيس جي جاچ هلي رهي آهي، جيڪا آخري مرحلي ۾ آهي، جلد مامرا سامهون ايندا، آءِ جي سنڌ چيو ته قومپرستن جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، هڪ گولي ڪار جي سي اين جي ٽانڪي کي لڳي، هن چيو ته قومپرست جي سي اين جي ڪار هئي، سي اين جي ڪٽ کي گولي لڳندي ته باهه ضرور لڳندي، قومپرستن کي ڪنهن ساڙيو آهي؟ اهو سوال نه ڪيو وڃي.
جواب: ڪاوش جي ٿورن سان حفيظ ڪنڀر تمام سٺو لکندو آهي، اڄوڪي ڪالم جو مٿيون اقتباس پڙهي مان سوچي رهيو آهيان ته سنڌ جي نسل ڪشي جيڪا انگريز دور کان شروع ٿي هئي ، ان ۾ پاڪستان ڍهڻ کانپوء ٺاپر اچڻ بجاء تيزي آئي آهي۔ 21 اپريل جو واقعو هڪ نه وسرندڙ واقعو آهي پر ان واقعي به سنڌين جي سوچ ۾ ڪا خاص تبديلي ڪانه آندي آهي۔