• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو ٻيجل بيدل مسرور - هڪ شاعر، ليکڪ ۽ عظيم ڳائڻو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ikP7Ay.jpg


ikTUoM.jpg


ikTWwU.jpg


23799_1380412468566_1179567033_31184707_3958551_n.jpg


سنڌ جو ٻيجل بيدل مسرور - هڪ شاعر، ليکڪ ۽ عظيم ڳائڻو

جڏهن به سنڌ جي انهن ڳائڻن جو ذڪر نڪرندو جن انقلابي گيتن سان گڏ شيخ اياز کي منفرد انداز سان ڳايو آهي انهن ۾ بيدل مسرور جو نالو سڀني کان نمايان هوندو. سندسي ڳائڻ جو انداز نرالو ، جي سامهون ٻڌجيس ته دل چوندي ته کيس ٻڌندو ئي رهجي. بيدل مسرور نه صرف سنڌ جو نالي وارو ڳائڻو آهي پر ان سان گڏ شاعر ، ليکڪ ، ناول نگار، مترجم ۽ نقاد به آهي. سندس ٻي اهم سڃاڻ ٽي وي پروڊيوسر ۽ ڊآئريڪٽر واري پڻ رهي آهي.

بيدل مسرور جو پورو نالو بيدل بخش مسرور بدوي آهي. سندس جنم 11 جولائي 1947 ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. بيدل مسرور جو تعلق پي ٽي وي سان رهيو آهي ۽ سينيئر پروڊيوسر طور رٽائر ٿيا آهن. پاڻ موسيقي ۽ ڊرامن جي پروگرامن تي چار گولڊ ميڊل ۽ پي ٽي وي اوارڊ حاصل ڪيا. سندن وڏي خوبي موسيقي جي ميدان ۾ نئين جدت آڻڻ رهي آهي خاص ڪري پاڻ شيخ اياز، امداد حسيني، استاد بخاري ۽ ٻين سنڌي شاعرن کي نئين انداز سان ڳائي ، نون سرن سان سينگاري پنهنجي منفرد ڪمپوزيشن سان ڳايو آهي. سندس آواز ۾ هڪ عجيب سرور آهي جنهن کي ٻڌڻ سان ماڻهو موسيقي جي مڌر سُرن ۾ گم ٿي ٿو وڃي.

سندن ڪجهه تصنيفون هيٺ ڏجن ٿيون :

راڻي (ناوليٽ)
ڀوڳنا جو سفر (ڪهاڻيون)
چاهتن جي ٽواٽي تي ۽ آء لو يو (جاڙا ناوليٽ)
سپنن جو سنسار (ترجمو)
بيدل نامو
ڪليات مسرور (ترتيب)
هير رانجهو (فقير غلام علي مسرور جي مثنوي جي ترتيب)
نظرين جو چڙيا گهر ۽ ڀولو (ناول جيڪو ماهوار پورب ۾ قسطوار ڇپيو)

بيدل مسرور پنهنجي شروعاتي عمر ۾ سياست سان به لاڳاپيل رهيو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن شڪارپور جو باني رهيو آهي. ان کانسواء سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جو ميمبر، سنگت ڪراچي جو ميمبر ۽ سنگت سچل ڳوٺ ڪراچي جو باني ميمبر رهيو آهي. پاڻ سماجي حيثيت ۾ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو 5 سال چيئرمين پڻ رهي چڪو آهي. سندس ٻي شادي مشهور ٽي وي اداڪاره بينا مسرور سان ٿي جيڪا سحر امداد جي ڀيڻ آهي. بيدل مسرور جو هڪ پٽ سائرس مسرور ٽي وي اداڪار ۽ ماڊل آهي. بيدل مسرور جي رهائش هن وقت سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ آهي.

بيدل مسرور جي اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ئي آهي خاص ڪري شيخ اياز جي قومي شاعري ۽ شيخ اياز جا گيت جيڪي اڄ به ماڻهو ايترو ئي گهڻو ٻڌن جيترا ماضي ۾ ٻڌندا هئا. سندس ڳايل شيخ اياز جو قومي گيت ” مان ڏوهي هان ، مان ڏوهي هان “ اڄ به ايتروئي مقبول آهي. سندس آواز جو جادو اهڙو آهي جو مان کيس سنڌ جو ٻيجل سڏيندو آهيان۔

دعا آهي ته مڌر آواز ۽ قومي سوچ جي مالڪ هن شخصيت کي رب پاڪ وڏي ڄمار ڏي جيئن سنڌ سان پنهنجي ناتي کي نڀائيندا رهن ۽ رهنمائي ڪندا رهن.


41266_1571605928283_1179567033_31698839_6961258_n.jpg






مددي ڪتاب :

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه
بيدل مسرور جو فيس بوڪ پروفائل
الطاف شيخ جو تصويري البم
 
جواب: سنڌ جو ٻيجل بيدل مسرور - هڪ شاعر، ليکڪ ۽ عظيم ڳائڻو

ادا تمام بهترين ڪم اوهان ڪيو آهي بيدل مسرور صاحب سنڌ جو انمول سرمايو آهي
 
جواب: سنڌ جو ٻيجل بيدل مسرور - هڪ شاعر، ليکڪ ۽ عظيم ڳائڻو

سلام سنڌ جي سهڻن انسانن کي جي پنهنجي ڏات ۽ فن سان سنڌ کي سون جهڙا تحفا ڏيندا رهنٿا ۔۔۔۔ سلام بيدل مسرور کي جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت کي ڳائيندو رهي ٿو ۔۔۔۔ سنڌ جي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍڻ جي روش سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست سليمان کان سکجي کيس سلام لک سلام ۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ جو ٻيجل بيدل مسرور - هڪ شاعر، ليکڪ ۽ عظيم ڳائڻو

زبردست ونڊ ادا سليمان
اسان جي سنڌ سون وري آهي ۽ هن ۾ ڪيترا ئي موتي ماڻڪ موجود آهن جيڪي سدائين سنڌ جو ڪنڌ اوچو ڪندا اچن پنهنجن لکڻين سان۔

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ جو ٻيجل بيدل مسرور - هڪ شاعر، ليکڪ ۽ عظيم ڳائڻو

ادا سليمان بيدل تي مونکي پڻ فخر آهي۔۔۔۔۔بيدل مسرور جي شاعري ۽ انهن جي ڳائڻ جو انداز تمام بهترين لڳندو آهي۔۔۔مهرباني
 
جواب: سنڌ جو ٻيجل بيدل مسرور - هڪ شاعر، ليکڪ ۽ عظيم ڳائڻو

سلام سنڌ جي سهڻن انسانن کي جي پنهنجي ڏات ۽ فن سان سنڌ کي سون جهڙا تحفا ڏيندا رهنٿا ۔۔۔۔ سلام بيدل مسرور کي جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت کي ڳائيندو رهي ٿو ۔۔۔۔ سنڌ جي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍڻ جي روش سنڌ سلامت جي سڄڻ دوست سليمان کان سکجي کيس سلام لک سلام ۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سائين نثار سلام

بيدل مسرور جو ڳائڻ جو انداز ۽ سندس ڪيل ڪم ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔ سندس ڳايل انقلابي گيت جهر جهنگ ڳائجن ٿا ۽ ٻي وڏي ڳالهه ته شيخ اياز کي نرالي انداز ۾ جيئن بيدل ڳايو آهي اهڙو شايد ئي ڪنهن ٻئي فنڪار۔ بيدل کي سامهون ٻڌڻ به ڪنهن غنيمت کان گهٽ ناهي ۽ اسان خوش نصيب آهيون جو بيدل کي اسان سچل ڳوٺ ۾ ئي ٻڌو آهي ۽ ڳائيندي ٻڌو آهي۔
 
جواب: سنڌ جو ٻيجل بيدل مسرور - هڪ شاعر، ليکڪ ۽ عظيم ڳائڻو

هن مضمون کانپوء سائين بيدل مسرور جو فيسبوڪ تي مليل پيغام اوهان آڏو جيئن جو تيئن پيش پيو ڪجي۔


ابا هي ته اوهان بيدل مسرور کي خريد ڪري ورتو بنا ملهه جي، الله سائين اوهان کي ان جو اجر ڏيندو، مان اوهان جي محنت ۽ محبت کي نهايت نماڻا نياز ۽ سلام پيش ڪريان ٿو، سدا سلامت هجو ائين پنهنجي محبتن جو اظهار ڪندا رهو، سکيا ستابا هجو ۔۔ آمين

بيدل مسرور

سائين بيدل مسرور جي پيغام جو مون پاران موڪليل جواب

بيدل مسرور ته بي بها موتي آهي جنهن جي ملهه جو ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهجي۔

تنهنڪري اوهان جو ڇا ملهه لڳايون ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه پي آيو. اسان جون محبتون ان جو ملهه جي ٿي سگهن ته قبول ڪجو۔

اوهان جي شفقت جا طلبگار

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

i4qsyt.jpg
 
Back
Top