هُو وري ڳالهائي ٿو!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پنجاب ۾ وڌيڪ صوبا ٺهندا ته سنڌ ۾به ٺاهڻا پوندا: شهباز شريف



    بهاولپور(اين اين آءِ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته اسان پنجاب وانگر چولستان کي به ترقي يافته ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان پنجاب جي ورڇ جي خلاف آهيون جيڪڏهن پنجاب ۾ صوبا ٺهندا ته پوءِ سنڌ ۾ به وڌيڪ صوبا ٺاهڻا پوندا. پنجاب جي خلاف سازش جا سٺا نتيجا نه نڪرندا، ڊرون حملا مذمتي بيانن ۽ ڌرڻن سان نه بند ٿيندا. سموري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو، هو بهاولپور، حاصل پور، خير پور ٽاميوالي ۽ ٽوبا نور سر بلوچن جي علائقن جي دوري دوران مختلف ميڙاڪن کي خطاب ڪري رهيو هو. وزير اعليٰ اربع جي صبح 7 لڳي 50 منٽن تي بهاولپور ايئر پورٽ لهڻ کانپوءِ چولستان ٽوبا نور بلوچان پهتو ۽ اتي لائيو اسٽاڪ فارمنگ ۽ شمسي توانائي جي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ چولستان ۾ شمسي توانائي جي وڌيڪ پراجيڪٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي چولستاني رهواسين کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيوته اسان پنجاب جي تقسيم جي سخت مخالفت ۾ آهيون، بهاولپور به پنجاب جو هڪ حصو آهي اسان پنجاب ۾ وڌيڪ صوبا نه ٿا چاهيون جيڪڏهن صوبا ٺاهڻا آهن ته پوءِ سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهيا وڃن. هن چيو ته اسان ٽوپي ڊرامي جي سياست نه ڪندا آهيون جيڪو دل ۾ هوندو آهي اهو چوندا آهيون اسان عوام کي اونداهي طرف نه ٿا وٺي وڃڻ چاهيون. وزير اعليٰ چيو ته مون پهرين به چيو هو ۽ اڄ به ان ڳالهه جو اعلان ڪريان ٿو ته چولستان جي زمين تي پهريون حق چولستانين جو آهي ان جي هڪ انچ زمين تي به غير چولستانين کي قبضو نه ڪرڻ ڏيندا سين. هن دانش اسڪول حاصل پور ۾ داخل ڪرڻ لاءِ 5 سيڪڙو چولستاني ٻارن کانسواءِ ڪوٽا جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته دانش اسڪول ۾ اميرن کي نه پر غريبن جي ٻارن کي داخلائون ملنديون. ان موقعي تي وزير اعليٰ خير پور ٽاميوالي جي مسلم ليگي اڳواڻ حاجي محمد شعيب جي نياڻي کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ سمورا خرچ خود برداشت ڪرڻ جو واعدو ڪيو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    اسان شهباز شريف جي ان عمل جي شديد مذمت ڪيون ٿا
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    شهباز شريف جي بيان تي عمل نه ٿي سگهندو۔۔۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    ادا سليمان اوهان منهنجي پوسٽ ۾ بيجا مداخلت ڪري ترميم ڪري سنسر ڪري ڳالهيون ڪاٽي سٺو ڪم ناهي ڪيو۔
    منهنجي خيال ۾ اها منهنجي اظهار رائي جي آزادي جي سراسر خلاف آهي۔ مونکي پنهنجي ما في الضمير جي رائي جي آزادي جو پورو حق آهي۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    اظهار جي آزاديء جو حق ان طرح ناهي ٿيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ طاهر سنڌيء جو اهڙو انداز مونکي نه وڻيو انڪري مون ترميم ڪئي۔۔۔ ڇو ته طاهر مونکي گهڻو سنجيدهه ۽، سوچ ۽ فهم وارو لڳندو آهي ، اهي لفظ اهڙي ماڻهوء جي لکڻيء ۾ بي جان پي لڳا ۽ سندس شخصيت جي ابتڙ پي لڳا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان کي منهنجي هيء سنسر شپ بري لڳي۔۔۔۔۔۔۔ ان لاء مان معذرت ٿو ڪيان
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    اهو نه سيکاريو ته اظهار جي آزادي ائين نه ته هيئن ٿيندي آهي، اها خبر اٿم، منهنجا خيالات اوهان کي وڻڻ نه وڻڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي، ضرور نه آهي ته جيڪو اوهان کي نه وڻي ان کي اوهان ڪٽي ٻاهر ڦٽي ڪريو، جيئن اهو پڻ ضروري نه آهي ته اوهان جا سڀئي خيالات اسان کي وڻندا هجن يا اوهان جي سڀني خيالات سان اسان جو متفق هئڻ ڪو ضروري نه آهي۔
    منهنجي شخصيت کي اوهان ايترو جلدي سمجهي ويا؟؟؟
    آءُ جوئي آهيان سوئي آهيان۔۔۔
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    ادا طاهر ٻيلي ڏاهو ٿي ، آزادي جي معنى اها ناهي جيڪو اوهان ڪيو پيا ۽ نه ئي دين ِاسلام اسان کي اهڙو رويو رکڻ جي تلقين ٿو ڪري ، اوهان پاڻ ماشاء الله عالم ۽ سمجهو دوست آهيو ۔ آزادي راءِ جي حدن کي سهڻي نموني سمجهندا هوندا ، مهرباني
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    فورم تي ڪنهن کي برو ڀلو چوڻ يا کلي عام گاريون ڏيڻ سان نه ته ڪو فائدو آهي ۽ نه وري ان جو ڪنهن تي اثر ٿيندو آهي۔ اوهان جيڪي ڪجهه آهيو اسان جي سر جا سائين آهيو۔ اوهان لاء اسان کي عزت ۽ احترام آهي۔ اوهان اسان لاء پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ محترم آهيو۔
     
  9. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    سائين وساڻ صاحب خدا پيو خير ڪري سائين جن ته ڏاڍا تيز پيا نظر اچن ۔ سائين طاهر صاحب کي ئي هٿ ٻڌي عرض پيا ڪريون شايد اوهان جذباتي ٿي ويا هجو ۽ وساڻ صاحب اوهان جي جذباتن کي ڪنهن وقت لاءِ روڪيو هجي ۔ سوچو جڏهن اوهان جا جذبات ٿڌا ٿين ٿي سگهي ٿو اهو فورم توڙي اواهن جي حق ۾ بهتر هجي ٻيو آءُ نه ٿو سمجهان ته وساڻ صاحب اوهان سان ڪا ذاتي ناانصافي ڪئي هوندي ۔
    وسلام
     
  10. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    سنڌ جي ٽڪرن تي پلڻ وارا تون سنڌ ۾ ڇا صوبا ٺهرائيندي
     
  11. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: هُو وري ڳالهائي ٿو!!

    هاهاهاهاهاهاهاها ادا ڪو چئيس ته پهريان وڃ منهن ڌو اگر شڪل چڱين نه هجي ته ڳالهه چڱين ڪجي۔ هل ري ڀاڙيا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو