• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪيٽ-وليم جون اڄ ”لانئون“، ملڪ سينگارجي ويو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
28jfiw6.jpg


برطانوي شهزادي وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن جي شادي اڄ ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ برطانيا ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، امڪان آهي ته اها شادي دنيا ۾ رهندڙ ٽيون حصو ماڻهو ٽي وي تي ڏسندا، پر جيڪڏهن اڄ هڪ ڪهاڻي وليم ۽ ڪيٽ جي شادي جي آهي ته ٻي ڪهاڻي پردي پويان هوندي جيڪا ٻن بادشاهن جي هوندي، وليم جي مقبوليت بادشاهت تي نئين سر ويچارڻ لاءِ دٻاءُ وڌائي رهي آهي، سندس هڪ حسين 28 ورهين جي سگهڙ ناريءَ سان شادي کيس 21هين صديءَ جو بهترين بادشاهه بڻائي ٿي، جيتوڻيڪ وٽس هائوس آف ونڊسر پهچڻ جا ڪيترائي موقعا آهن پر ڪيترن ئي ماڻهن کي ڊپ آهي ته وليم پنهنجي گهٽ مقبول والد شهزادي چارلس جي شخصيت آڏو دٻجي ويندو.

شاهي خاندان تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته هن وقت برطانوي شهنشاهيت لاءِ عوام جي حمايت داءَ تي لڳل آهي، جيڪا راني ايلزبيٿ جي دور ۾ بادشاهت کي مڪمل طور مليل آهي، توڙي جو چارلس جي ساک بهتر بڻائڻ لاءِ ڪامياب مهم هلائي وئي آهي، پر پوءِ به عوام چارلس جي جاءِ تي وليم کي بادشاهه بڻائڻ جو حامي آهي ۽ اها حمايت 1991ع ۾ شهزادي ڊيانا جي موت کان پوءِ وڌندي رهي آهي، تازي سروي ۾ 46 سيڪڙو ماڻهن جي راءِ آهي ته شهزادي چارلس کي بادشاهه نه ٿيڻ کپي جڏهن ته 47 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته کيس بادشاهه ٿيڻ گهرجي.

شهزادو وليم ۽ برطانوي عوام چاهين يا نه چاهين پر کين چارلس کي بادشاهه طور قبول ڪرڻو پوندو، چارلس کي ٻين جي ڀيٽ ۾ تخت ملڻ جو سڀ کان وڌيڪ عرصو انتظار ڪرڻو پيو آهي، ماڻهن جو چوڻ آهي ته برطانيا جون وارثي واريون روايتون عوامي راءِ کان وڌيڪ مضبوط آهن، پر ٻنهي پيءُ پٽن ۾ مقبوليت واري وٿي ڀرجندي نظر نه ٿي اچي، چارلس ٽيون جيڪڏهن بادشاهه بڻيو ته هو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ تڪراري بادشاهه هوندو.

هي شادي ٻين حوالن سان گڏ ان ڪري به دلچسپ آهي جو ان سان ڪيترائي نوان رڪارڊ به قائم ٿيڻ وارا آهن، هڪ اندازي موجب شهزادي وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن جي شادي تي 20 ملين پائونڊ خرچ ٿيندا، جڏهن ته 1981ع ۾ شهزادي چارلس ۽ شهزادي ڊيانا جي شادي تي رڳو 4 ملين پائونڊ خرچ ٿيا هئا، جيڪي اڄ جي دور جي 12 ملين پائونڊن جي برابر آهن، هي شادي برطانيا جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مهانگي شادي هوندي.

شادي واري ڏينهن برطانيا ۾ بئنڪون بند رهنديون، جنهن ڪري خرچ لاءِ رقم حاصل ڪرڻ ۾ حڪومت به ڏکيائين ۾ پئجي سگهي ٿي، شادي جي موقعي تي آئرش پبلڪ آرمي، القاعده، عالمي دهشت گرد تنظيمن ۽ انارڪي پکيڙيندڙ ماڻهن کان سواءِ هزارين اهڙن ماڻهن کان به خطرو محسوس ڪيو پيو وڃي جن جون شاديون نه ٿيون آهن، يا ناڪام ٿي ويون آهن، انهن ۾ نفسياتي مريض به ٿي سگهن ٿا، شادي ۾ شرڪت لاءِ 19 سئو دعوت ناما اماڻيا ويا آهن، هڪ اندازو اهو آهي ته ليڊي ڊيانا ۽ شهزادي چارلس جي شادي جي موقعي تي قائم ٿيل سمورا رڪارڊ ٽٽي ويندا.

روازانه عوامي آواز تان ورتل

شاديء جون تقريبون هن وقت سڀني چئنلز تان سئون سڌو ڏيکاريون پيو وڃن ۽ مداحن جو وڏو انگ لنڊن م موجود آهي۔ ياد رهي ته شهزادي وليم جو تعلق ته شاهي خاندان سان آهي پر شهزادي ڪيٽ مڊلٽن جو تعلق وچولي گهراڻي سان آهي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا شهزادي ڪيٽ به ڊيانه وانگر عام ماڻهن جون دليون کٽي انهن جي دلين تي حڪمراني ڪري ٿي يا نه۔​


kate-middleton.jpg


prince-william2842.jpg


Prince_William_Kate_Middleton_Nov16newsnec.jpg


 
جواب: ڪيٽ-وليم جون اڄ ”لانئون“، ملڪ سينگارجي ويو

هڪ شادي هيءَ آهي ٻيون شاديون جيڪي غريبن جي گهرن ۾ ٿينديون آهن ۔۔۔ جيتوڻيڪ ٻنهي جي خوشين ۾ فطري طور تي هڪجهڙائي هوندي آهي ۔۔۔ پر ڪيتريون اهڙيون ونيون يا پٽڙا ، پنهنجي جوانيءَ جهڙِي باهه سيني ۾ سانڍي سهڻا ڏينهن ساڙي ڇڏيندا آهن ۽ سندن مٿن ۾ چاندي اچي ويندي آهي پر شادي ڪرڻ لاءِ کين پئسو نه هوندو آهي ۔۔۔

صاحب تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي مون،
پـــــن ٻـــوڙين پاتــــال ۾، پهـــڻ تـــارين تون،
جي راضي ٿئين تون، ته ميريائي مان لهان۔
 
جواب: ڪيٽ-وليم جون اڄ ”لانئون“، ملڪ سينگارجي ويو

تن تاڻي طبيب، هليون هاڻي هوت ڏي،
مومل ماڻي نصيب، ڪر ڪڄاڙو لاهوت ڏي۔​
 
Back
Top