پرواني ڀٽي سان هڪ ڊگهي ڳالهه ٻولهه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پروانو ڀٽي سان ملهايل هڪ شام​


    ذوالفقار چانڊيو



    ٽنڊو محمد خان ضلعي سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻولي جي نالي واري شاعر اديب صحافي پروانو ڀٽي سان هڪ شام ضلعي گورنمينٽ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي تعاون سان پروقار شام جيم خانه ڪلب ٽنڊو محمد خان ۾ملهائي وئي. جنهن ۾ سنڌ جي نالي واري اديبن دانشورن شرڪت ڪئي ۽ خاص مهمان سنڌ جو دانشور اديب ڪهاڻيڪار غلام حسين رنگريز ۽ پروگرام جي صدارت ڊي سي او علي احمد لنڊ ڪري رهيو هو. پروقار تقريب جي سنڌي ٻولي جا نالي واري دانشور اديب ڪهاڻيڪار ۽ صحافي پروانو ڀٽي چيو ته گذريل اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو پنهنجوگهر ٻاري سنڌي علم ادب جي خدمت ڪئي اٿم پر ڪڏهن به پنهنجو ضمير نه وڪيو آهي. 61 سالن کان شاهه لطيف جي شاعري کي پنهنجو نصب العين سمجهان ٿو ۽ بنايو آهي. شاهه ئي اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ چڱن ڀلن ماڻهن کي بازار ۾ وڪامجندي ڏٺو اٿم ۽ اردو ادب ۾ رئيس امروهي پنج هزار قطعا لکي مڪمل ڪيا ته کيس سونو تاج پهرايو ويو ۽ وڏن اعزازن سان نوازيو ويو پر مونکي پنج هزار قطعا لکڻ تي نوڪري مان خارج ڪري ڪڍيو ويو. هن چيو ته اسان لطيف ۽ ان جي شاعري کي پنهنجو رهنما بنايو دنيا جي ڪا به طاقت اسان کي ختم نه ٿي ڪري سگهي ۽ اسان زنده قوم آهيون تقريب کي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل نالي واري اديب شاعر دانشور غلام حسين رنگريز چيو ته پروانو ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جي باني ڪارن مان آهي ۽ پروانو ڀٽي خوشقسمت آهي جو سندس حياتي ۾ ئي وڏن اعزان سان کيس نوازيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. پاڻ هڪ ڏاهو ۽ شفيق انسان آهي جنهن سنڌي ٻولي کي پنهنجي ٻولي سمجهي اڳتي آندو. تقريب کي ڊي سي او ، ضلعي ايڊمنسٽريٽر علي احمد لنڊ چيو ته ضلعي حڪومت ٽنڊو محمد خان ضلعي جي اديبن کي هميشه ياد ڪندي رهي ٿي. سندن عظيم خدمتن ڪري ساڻن رهاڻيون رچايو وڃن ٿيون ۽ ضلعي حڪومت پروانو ڀٽي جي شاعري جي ڪتاب ڇپرائڻ جو پڻ اعلان ڪري ٿي ۽ ٽنڊو محمد خان جي اديبن لاءِ اوهان هر وقت سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ سندن عظيم خدمتن ڪري ساڻن اهڙيون ادبي رهاڻيون رچايون وينديون ۽ آئون اعلان ڪريان ٿو ته ضلعي حڪومت جي تعاون سان ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر لائبريري قائم ڪنداسين جنهن لاءِ سنڌ حڪومت سان لک پڙهه جاري آهي. جيڪا جلد ضلعي ۾ ٺهندي ۽ اتي ادب جا ڪتاب ۽ سنڌ جي ثقافت اجاگر ڪرائينداسين. هن چيو ته هي منهنجو پنهنجو ضلعو آهي ۽ آئون به هتي هن ضلعي ۾ ڄائو آهيان. هن چيو ته آئون ضلعي ٽنڊومحمد خان پاران جلد هن ضلعي جي هڪ شخصيت. جيڪو سنڌ جي عظيم دانشور اديب ۽ ڪهاڻيڪار ڏاهي انسان امداد حسيني سان هڪ شام ملهائينداسين جيڪا ضلعي حڪومت جي سهڪار سان هوندي ۽ سنڌي ادبي سنگت به اسان سان گڏ آهي. تقريب کي نالي واري شاعره ۽ اديب زيب نظاماڻي چيو ته پروانو ڀٽي هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن علم ادب لاءِ پنهنجي سڄي زندگي ارپي ڇڏي آهي. اڄ به هو پنهنجي ذميواريون محسوس ڪندي پنهنجو سڄو ٽائيم ادب ۽ علم کي ڏي ٿو. جيڪا هن دور ۾ هڪ وڏي ڳالهه آهي .سندس هن ٽنڊو محمدخان ضلعي سان تعلق به هن عوام لاءِ وڏي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ۽ اهڙا اعزاز ملڻ هنن ماڻهن جو حق آهي . جيڪي اسان کي ادا ڪرڻ گهرجن ۽ دعا ڪريون ٿا. پروانو ڀٽي هميشه خوش هوندو ۽ اسان سان گڏ هوندو. تقريب کي اديب مشڪور ڦلاڪرو چيو ته اسان کي پنهنجي انهن ماڻهن کي سڃاڻڻ گهرجي جن رت ست ڏئي ادب ۽ علم کي پنهنجو ورثو سمجهي بچايو ۽ اسان کي انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي. پروانو ڀٽي واقعي پروانو آهي . جيڪو ڏکن ۽ سکن ۾ رهي ڪري به پنهنجون ذميواريون محسوس ڪندو رهيو. تقريب کي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته اسان تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي سينئر اديبن ۽ دانشورن کي نه وساريون . پروانو ڀٽي اسان مان آهي اسان ي ان دلير بهادر اديب دانشور صحافي جي همت افزائي نه ڪنداسين ته اهو اسان پاڻ سان وڏي ناانصافي ٿيندي. هن چيو ته پروانو ڀٽي هن وقت 77 سالن جي ڄمار ۾ آهي اڄ به هو پنهنجي مدد پاڻ تحت زنده آهي. اسن کيس سلام ٿا پيش ڪريون ۽ دعا ٿا ڪريون ته اهڙيون هستيون اسان سان گڏ هجن . تقريب کي ڊاڪٽر جي ايم گل چيو ته سنڌي ، اديب ۽ شاعر سنڌي ٻولي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ۽ سنڌي ٻولي اسان جو سرمايو آهي. هن چيو ته ڊي سي او ٽنڊو محمد خان وڏو قدم کڻي ضلعي جي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لازمي قرار ڏنو آهي. اهو هڪ وڏو قدم آهي. هن چيو ته پروانو ڀٽي تي ڇا ڳهالهائجي هو ٽنڊو محمد خان جو آهي ۽ اسان لاءِ اعزاز آهي. تقريب کي اديب دانشور تاج نکڙائي چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي کي اهو اعزاز حاصل آهي جو اديب دانشور ، هتي جا آهن. جن فن ادب ۾ وڏي جدوجهد آهي. تقريب کي نوجوان ليکڪ مڪاني اعظم ڀٽي، سارنگ شاهه، پيربخش جمالي، انعام ٽکڙائي، حاجي حسين ڀٽي، عزيز رند، بشير شاهه، رفيق لغاري خطاب ڪيو ۽ محفل موسيقي ٿي گذري. سنڌ جي نالي وارن فنڪارن ٻيجل سنڌي، صوفي نعيم ، جانب بلاولي، حسين ڪنول، حميره ناز خطاب ڪيو ، ۽ شاهه لطيف سنگيت ڪلب پره ڦٽي تائين سرن جي ورکا ڪئي.









     

هن صفحي کي مشهور ڪريو