افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
لساني ٽولي کي سنڌ جي مالڪي ڏني پئي وڃي: خالد محمود
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري چيو آهي ته موجوده گهرشماري ۽ آدم شماري تاريخ جو سڀ کان وڏو دوکو ۽ فراڊ آهي، جنهن کي جي يو آءِ رد ڪري ٿي. هن چيو ته هڪ مخصوص لساني ٽولي کي سنڌ جي مالڪي ڏني پئي وڃي ۽ ان ڏوهه ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت برابر جي شريڪ آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومري وڌيڪ چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ خاص طرح سان ڪوڙا نمبر لڳائي اتان جي انگن اکرن کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن سنڌ جي اصل مالڪن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جا اتحادي مخصوص لساني گروهه جا سيڪٽر انچارج قبرن، سرڪاري عمارتن، بجلي جي ٿنڀن ۽ گند جي پيٽين تي به گهر نمبر هڻي رهيا آهن، اهڙي گهرشماري قبول ناهي. هن چيو ته فراڊ گهرشماري ۽ آدمشماري خلاف 30 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ ڦيٿاروڪ ۽ شٽربند هڙتال ٿيندي، جي يو آءِ جا بهادر ڪارڪن جائز حقن جي حاصلات لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
27 اپريل 2011
روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان