ادا نثار احمد۔۔۔۔ اوهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار، اميد ته اوهان کي هي محبتي ميلو پسند آيو هوندو۔۔۔۔ دوست! هن ويب سائيٽ جو نعرو ئي آهي ”سنڌ سلامت ساٿ سلامت“، هتي سڀ سنڌي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، جيڪڏهن اوهان کي ڪا به مشڪل آهي ته ان جي لاءِ سنڌ سلامت جي لاءِ ”پڇڻا نه منجهڻا“ جي نالي سان هڪ سيڪشن آهي، ان ۾ پوسٽنگ ڪري اوهان پنهنجي مسئلي جي حل متعلق دوستن کان پڇا ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ اجهو اسان جي سنگت جا دل گهريا دوست، عاشق، درويش، مولائي فقير، ناز اوهان کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا
سنڌ جي تاريخي شهر ڀان سعيد آباد جي سهڻي نالي ڀائي نثار احمد خشڪ کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سنڌ جا سڄڻ وڌن ۔۔۔ ميلا لڳن ته سنڌ ۽ سنڌيت جي واڌ طرف قدم وڌن ۔۔۔
ادا۔نثار صاحب۔اسان توهان کي دل جي گهرائين سان هن محبتي آڳڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔اسان کي يقين آهي ته توهان پنهنجي ليکن سان اسان جي سٺي انداز ۾ رهنمائي ڪندا۔هن فورم جو هر ميمبر توهان جي مدد ڪري تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندو۔ڇاڪاڻ ته سڀ ميمبر پيار جي زنجير سان هڪ خاندان وانگر ٻڌل آهن۔جنهن جو اندازو توهان کي تمام جلدي لڳي ويندو۔