سونهن جي سنسار ۾ او يار مان رهندو آهيان، حسن رب آهي، مان حسن جو بندو آهيان۔ سُهڻي سرتي، تون ته منهنجي دل جي ڌرتي لڳين، صبح جو سڪ ۾ اُڀرندو، سانجهه جو لهندو آهيان۔ حسن يوسف کي ڏسي چا قونء سان چيري هٿ وڌم، اک ۾ تنهنجي مُرڪ، دل تي ڪرٽ پيو سهندو آهيان۔ جيترو جڳ سرڳ آهي، جيترو جڳ نرڳ آهي، ايترو عمدو لڳان ٿو، ايترو گندو آهيان۔ تاس کيتين جي اُجها يان، واس کيٽن جا ونڊيان، واء تي آهيان گذرندو، واههُ ٿي وهندو آهيان۔ جسم گروي ٿي چڪُو، باقي اساسو روحُ جو، آسري اُن جي تي مان کڻندو ويندو کنڌو آهيان۔ آء سرجڻهار خود، پينار خود، وڻجار خود، آء ڪندو اُستاد ڪامل قرب جو ڌنڌو آهيان۔ استاد بخاري
جواب: سونهن جي سنسار ۾ او يار مان رهندو آهيان تاس کيتين جي اُجها يان، واس کيٽن جا ونڊيان، واء تي آهيان گذرندو، واههُ ٿي وهندو آهيان۔ استاد بخاري جي هن فلسفيانه غزل جو جو جواب ئي ناهي ۔۔۔ تمام سهڻو پيغام ۔۔۔ عوامي ٻولي ۽ ساده لفظ ۔۔ وا تي هلڻ واري فلسفي جو ته جو جواب ئي ناهي ۔۔۔ انسان پنهنجي محبوب تائين پهچڻ لا جيڪي خيال پلاوَ پچائيندو آهي انهن مان هڪ اهو به آهي ته عاشق چاهيندو آهي ته هوائن تي چڙهي پنهنجي محبوب تائين رسائي حاصل ڪري ۔۔۔ سائين پريا مڙس واه جو غزل آهي سنڌ سلامت ساٿ سلامت