افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
30 اپريل 2011ع تي شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال
سنڌ جي آدم شماري مانيٽرنگ ڪميٽيءَ ۾ شامل سنڌ جي سمورن قومپرستن ، مذهبي جماعتن ۽ سنڌ جي گهڻگهرن وطن پرست ۽ باشعور عوام پاران حڪومت طرفان ٿيندڙ ڇهين آدم شماريءَ کي مسترد ڪندي سنڌ جي عوام ڱي اپيل ڪئي آهي ته حڪمرانن پنهنجي اقتدار کي پچائڻ لاءِ مفاهمتي بدبودار سياست کي قائم رکندي سنڌي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪندي ، بوگس گهر شماريءَ دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ طرف قبرستان . غسلخانن ، ڳاڏين ، دڪانن تي گهرن جا ڪوڙا نمبر لڳائڻ ۽ هڪ گهر تي 10 کان 200 تمبر ذريعي وڌيڪ گهر ظاهر ڪرڻ ۾ مصروف آهي ته ٻئي طرف ساڳين شهرن ۾ سنڌ جي قديم ڳوٺن ۽ وستين کي وساري کين نه ڳڻڻ ۽ ننڍن شهرن ،ٻهراڙين ، جابلو علائقن توڙي ڪچي جي علائقن کي گهر شماريءَ جي مرحلي ۾ نظر اداز ڪرڻ جون شڪايتون . سرڪاري عملدارن ۽ سيمسز ڪميشنر کي ڪرڻ جي باوجود ، حڪمرانن جي هٺ ڌرمي ، غير سنجيدگي ۽ مفاهمتي سياست ذريعي ، برمي ، بنگا.ي ، افغاني ،بهاري ۽ ٻين لکين غير ملڪين جي گهر شماري ڪري سنڌي قوم لي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿا ڪئي وئي آهي . ان ڪري سنڌ جي عوام کا اپيل ٿي ڪجي ته 30 اپريل تي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پنهنجا ڪاروباري مرڪز ۽ سمورا روڊ رستا بند ڪري گڏيل سنڌ جو آواز ذريعي سڄي پاڪستان ۽ سڄي دنيا کي ٻڌايو وڃي ته سنڌي قوم هزارن سالن کان پنهنجي وجود کا بچائڻ لاءِ امن جنگ وڙهي رهي آهي .
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ، عوامي تحريڪ ، جئي سنڌ قومي محاذ ،سيو سنڌ موومينٽ ، جئي سنڌ تحريڪ ،جئي سنڌ محاذ ،عوامي جمهوري پارٽي ، جميعت علماءِ اسلام (ف) ، سنڌ ڊيموڪرٽڪ فورم ،سنڌي ادبي سنگت .
پاران ؛ آدم شماري مانيٽرنگ ڪميٽي .