هڪ درخواست سچ جي عدالت ۾

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هڪ درخواست سچ جي عدالت ۾
    عاجز جمالي​

    هڪ سچ
    ڪراچي جي يونيورسٽي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي داخلا ملڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪٿي پابنديون آهن، ڪٿي ڏکيائيون آهن ۽ ڪٿي بلڪل تعصب جو جهان آهي.
    ٻيو سچ
    ڪراچي يونيورسٽي سميت جن به وڏن ادارن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ استاد آهن اُهي سياسي اختلافن، ذاتي رنجشن ۽ ڪجهه نفسياتي مامرن جو شڪار آهن. جنهن سبب استادن جا استادن سان اندريان ڦڏا ته ٿيندا رهندا آهن پر استاد شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هڪ ٻئي جي اختلافن جو شڪار بڻائيندا آهن، جنهن سبب استاد کي ته استاد ئي رهڻو آهي پر شاگرد يا شاگردياڻيءَ جو جيون داءُ تي لڳيو وڃي.
    ٽيون سچ
    ڪراچي يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو ڪراچي جي سنڌين لاءِ اُتساهه جي علامت سمجهيو ويندو آهي. ڀل ڪمزور يا گهٽ ذهن سبب ئي سهي پر سنڌي شاگردن يا شاگردياڻين جي سنڌي شعبي ۾ داخلا سٺي علامت آهي. پر ڪراچي يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو رڳو اڄڪلهه نه پر گذريل ڳچ سالن کان استادن ۽ شاگردن وچ ۾ تڪراري بڻجندو آيو آهي. ڪجهه استاد تڪراري بڻجندا رهيا، ڪجهه شعبي جا سربراهه ته ڪڏهن ڪجهه شاگرد ۽ شاگردياڻيون تڪراري بڻجندا رهيا. جيڪي به ٿيو خوب نه ٿيو- خراب ٿيو، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اُهو به خوب ناهي.
    هڪ درخواست جو سچ
    ڪو ماڻهو، ڪو ڄاڻو سُڃاڻو ماڻهو آفيس تي هڪ لفافو ڇڏي وڃي ٿو. لفافي اندر هڪ درخواست آهي. درخواست ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي ڪجهه استادن جي ناروا سلوڪ بابت لکيل آهي، جيڪو ظاهري طور يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي ڪجهه شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران وائيس چانسلر ڏانهن لکيل آهي، جنهن جون ڪاپيون چيف جسٽس ۽ قومي اسيمبليءَ جي تعليم واري اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ ڏانهن آهي. هيءَ درخواست مون وٽ اِهو نياپو کڻي آئي ته مان متاثر ٿيل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مدد ڪريان. پنهنجي قلم آڌار يا ميڊيا وسيلي هن معاملي تي آواز اٿاريان. هن درخواست جي سچ بابت مون کي ڪا به خبر ناهي پر درخواست جو متن سچ ٻولي رهيو آهي. هن درخواست ڇپجڻ کان پوءِ متاثر شاگردن ۽ لاڳاپيل استادن سان ملاقات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. سندن ڪو موقف ٿو اچي اُهو به هن بحث جو حصو بڻجڻ گهرجي يا هن درخواست بابت ڪنهن جو ڪو اعتراض هُجي ان لکڻيءَ کي به هنن صفحن ۾ ضرور جڳهه ملڻ گهرجي، پر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي اندر جي هي ڪهاڻي هڪ درخواست يا ڪاڳر تي لکيل تحرير جي صورت ۾ سامهون اچي ٿي. هن درخواست تي تبصرو ڪرڻ بدران درخواست جو متن پڙهندڙن سان شيئر ڪري رهيو آهيان.

    بخدمت جناب وائيس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي
    گذار ش آهي ته اسان (سنڌي شعبي جي ايم ايس جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون) سنڌي شعبي جي اندرئين گروهه بندي ۽ ڪجهه استادن خاص ڪري ڊاڪٽر غفور ميمڻ ۽ ميڊم ناهيد پروين جي ناروا سلوڪ ۽ منفي رويي سبب بيحد پريشان ۽ خوفزده آهيون. ڄاڻايل ٻئي استاد سنڌي شعبي جا سينئر استاد آهن ۽ شعبي جي ٽه رڪني ريسرچ ڪميٽي (ڊي آر سي) جا ميمبر به آهن. پر ذاتي رنجشن ۽ شعبي جي اندرين گروهه بندين ڪارڻ اُهي ايم ايس ڪلاسز جي شروعات کان ئي ڪجهه شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ناروا ۽ ناانصافين تي ٻڌل سلوڪ رکندا پيا اچن. انهن شعبن ۾ ٻٽا معيار قائم ڪيل آهن، جن به شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ساڻن سٺا ذاتي تعلقات آهن، انهن کي هر معاملي ۾ فوقيت ڏيندا آهن ۽ جن شاگردن ۽ شاگردياڻين سان سندن سٺا ذاتي تعلقات ناهن انهن کي هر معاملي ۾ نه صرف نظرانداز ڪندا آيا آهن پر انهن خلاف انتقامي ڪارروايون به ڪري چُڪا آهن. ان سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اڪثريت خوف، پريشاني ۽ ذهني اذيت ۾ مبتلا آهي. اهڙن روين سبب ئي پهرين سيمسٽر ۾ ئي ٽي شاگرد ايم ايس ڇڏي چُڪا آهن. تاريخ 3 جُون 2009 تي جڏهن ايم ايس جي ڪورس نمبر 721 جو امتحان ٿيو ته ڪورس انچارج ڊاڪٽر غفور ميمڻ ڪجهه شاگردن ۽ شاگردياڻين (جيڪي سندس قربت ۾ ناهن) کي گهٽ حاضري جي بهاني امتحان ۾ ويهڻ ڪونه ڏنو. ان کان پوءِ 6 جُون 2009ع تي جڏهن ڪورس نمبر 731 جو امتحان ٿيو ته ڪورس انچارج ميڊم ناهيد پروين صاحبه به ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي تقليد ڪندي اُهوئي سُلوڪ روا رکيو. صرف ايترو ئي نه پر ميڊم ناهيد پروين جي پيپر جو چاليهه سيڪڙو آئوٽ آف ڪورس ۽ سنڌي زبان ۽ گرامر جي لحاظ سان غلط سوالن تي ٻڌل هُئو. اصل ۾ پيپر ۾ غلطين جو سبب وري اِهو هُئو جو ڄاڻايل پيپر ڪورس انچارج ميڊم ناهيد پروين نه پر ڊاڪٽر غفور ميمڻ ئي تيار ڪيو هُئو. ان ڳالهه جو پهريون ثبوت اِهو هي ته ڪورس نمبر 721 ۽ ڪورس نمبر 731 جي پرچن جو فارميٽ ۽ فونٽ هڪ جهڙو هُئو، ٻيو ۽ سڀ کان اهم ثبوت اِهو ته ميڊم ناهيد پروين جي پيپر دوران ڊاڪٽر غفور ميمڻ لاڳيتو ڪلاس ۾ بيٺو رهيو ۽ امتحاني سوالن جا جواب شاگردن کي سمجهائيندو رهيو. ايتري تائين جو پيپر ۾ پروف جون غلطيون به ڊاڪٽر غفور ميمڻ ٺيڪ ڪيون. ان دوران ڪورس انچارج ميڊم ناهيد پروين ڪلاس ۾ پوئين بئنچ تي ويهي پنهنجو ڪو ضروري ڪم ڪندي رهي.
    آئوٽ آف ڪورس ۽ غلطين سان ڀرپور ان پيپر خلاف اسان 10 جُون 2009 تي آرٽس فيڪلٽي جي ڊين کي سنڌي شعبي جي چيئرپرسن وسيلي هڪ درخواست ڏني، ڇو ته اسان مان ڪافي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي ناپاس ٿيڻ جو انديشو هُئو (ڄاڻايل درخواست جي فوٽو ڪاپي لڳل آهي) اِها ڳالهه جڏهن ڪورس انچارج ميڊم ناهيد پروين ۽ ڊاڪٽر غفور ميمڻ تائين پهتي ته اُهي ڀڙڪي پيا. انهن ايم ايس جي شاگردياڻين کي خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون. پنهنجي ڪاوڙ جي اظهار ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين خلاف انتقامي ڪاررواين جي غرض سان ميڊم ناهيد 11 جُون تي امتحاني نتيجا شعبي جي چيئرپرسن حوالي ڪيا، جنهن ۾ انهن سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ناپاس ڪيو ويو جن آرٽس فيڪلٽي جي ڊين کي ڏنل درخواست تي صحيحون ڪيون هُيون. صرف هڪ شاگرد کي رڳو 50 مارڪون ڏيئي پاس ڪيو ويو. هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ميڊم ناهيد سيمسٽر دوران ڪجهه اسائنمينٽ ڏنيون ۽ امتحان ۾ ڄاڻايل اسائنمينٽ جون مارڪون ڏيڻ جو به واعدو ڪيو پر ان واعدي کي انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين تي لاڳو نه ڪيو ويو جن ڊين کي درخواست ڏني هئي. ميڊم ناهيد پاران ڪيل انتقامي ڪارروائي کان پوءِ ڊاڪٽر غفور ميمڻ به ان ڳالهه جا واضح اشارا ڏنا آهن ته هُو به پنهنجي ڪورس ۾ ڄاڻايل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ناپاس ڪندو.
    جناب اعليٰ
    هي آهن اُهي مسئلا جيڪي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ايم ايس ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پيش آهن، جنهن سبب اسان بيحد پريشان ۽ پنهنجي ڪيريئر بابت ڊنل آهيون. ڪراچي يونيورسٽي ۾ جڏهن ايم ايس پروگرام شروع ٿيو هُئو ته اسان سڀ ڏاڍا پُراميد هُئاسين. اسان مان ڪٿي شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪراچي يونيورسٽي ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) جي شرطن مطابق يا ته ٻن سالن جي پڙهائي جي موڪل وٺي آيا آهيون، يا نوڪري ڇڏي آيا آهيون، ان اُميد تي ته هي نئون پروگرام آهي پراڻي نظام جي ڀيٽ ۾ مفيد ثابت ٿيندو ۽ هڪ سال جو ڪورس ورڪ ڪرڻ کان پوءِ اسان کي معياري تحقيق ڪرڻ جو موقعو ملندو. پر افسوس جو هي شعبو سنڌي استادن جي داخلي گروهه بندين ۽ اختلافن جي ڪري اسان جي جذبن ۽ علمي شوق جو ڀوڳ بڻجي ويو. هي چوڻ غلط نه ٿيندو ته ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ايڏيون تعليمي سرگرميون نه ٿينديون آهن جيڏيون سياسي سرگرميون ٿينديون آهن. سڀ استاد صاحبان نه رڳو پاڻ گروهن ۾ ورهايل آهن پر انهن شعبي جي سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به ذاتي قربت يا رنجش جي بنياد تي گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. اسان اوهان کي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ انصاف جي اُميد ۽ گذارش ڪريون ٿا. اسان چاهيون ٿا ته اسان سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي- ۽ اهڙو ٺوس حل ڳوليو وڃي جو مستقبل ۾ اهڙا مسئلا نه ٿين. ان سلسلي ۾ اسان جي هي گذارش آهي ته ڄاڻايل ٻنهي استادن جي جڳهه تي ڪي ٻيا ڪورس انچارج مقرر ڪيا وڃن، ڇو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اڪثريت سندن روين ۽ ارادن سبب خوفزده آهي. ڄاڻايل ٻئي استاد سنڌي شعبي جي ٽه رڪني ريسرچ ڪميٽي جا پڻ ميمبر آهن. سندن ناروا سلوڪ ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي ڪيريئر کي تباهه ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. ان ڪري اوهان کان گذارش ٿا ڪريون ته اسان جي درخواست تي جلد سنجيدگي سان غور ڪيو وڃي ۽ اسان جي گذارشن کي مڃي اسان جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي.
    (1) احمد سومرو، (2) غلام سڪينه، (3) صنم خاتون، (4) علي جان ٻرڙو، (5) ڦلو، ڪراچي يونيورسٽي سنڌي شعبو

    آخري سچ
    سڄي ڳالهه ۾ آخري سچ اِهو آهي ته هي هڪ درخواست آهي. هڪ بغاوت آهي ٻن استادن ۽ يونيورسٽين اندر استادن جي روين خلاف. مون کي خبر ناهي ته هي نالا سچا آهن يا فرضي آهن. پر هي درخواست سچ ڏانهن نشاندهي ضرور ڪرائي رهي آهي. يونيورسٽين ۽ وڏن تعليمي ادارن ۾ سلجهيل ۽ سُڄاڻ شاگرد ڪهڙي ريت ڀوڳي رهيا آهن. سچ کي سچ چوڻ سندن لاءِ ڪيڏو عذاب ناڪ هوندو. ڪراچي يونيورسٽيءَ جا مٿي ڄاڻايل ٻئي استاد ذاتي طور مون لاءِ قابل احترام آهن، پر جيڪڏهن هن قسم جا سچ ڪراچي جي مادر علمين ۾ ٻڌون ٿا ته پوءِ تعصب جي بنياد تي سنڌي شاگردن جي رستا روڪ ڪندڙ تعصب پرستيءَ جي روين سان گڏ سنڌي ڳالهائيندڙ استادن جا هن قسم جا رويا به سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين جا رستا روڪي رهيا آهن.

    (حوالو: روزاني عبرت)
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    هائو ادا۔۔۔ سچ وڏو ڏوهاري آهي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو