• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻهون بيضمير آهن

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
  • ماڻهون بيضمير آهن


هي جمهوريت ڪاله دشمني اڄ بغلغير آهن
چوان ٿو وڏي واڪي هي ماڻهون بيضمير آهن

اسان پنهنجي انا وڃايون ناهي اسان کي منظور
اسان بادشاه آهيون هو پندڙ فقير آهن

اقتدار جي طول لاءِ ڪيا هنن لاشن جا سودا
ڪالهوڪا مجرم اڄ ڏسون ٿا وڏا وزير آهن

هو بادشاه چوائي ٿو سو حقيقت ۾ پيناگر آهي
اسان نفس جا حڪمران هو هن جا اسير آهن

بت پرستي کان وڏي ڪافري خواهش پرستي
مسلمان اهي آهن جي هوندا باضمير آهن

منهن ۾ دعا ته دل ۾ اٿن دغا ئي دغا
جهڪي جهڪي چوائن ٿا اصلي پير آهن

ڏاڏل تون ڪو مفتي آهين جو ڏي ٿو فتوى
خود شناس خودي جا ڪاتبِ تقدير آهن​
 
Back
Top