ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ڪڏهن تون به امير ٿي ڏِس
ڪڏهن تون به امير ٿي ڏِس
ڪڏهن تون باضمير ٿي ڏس
تن آزاد تنهنجو من گرفتار آهي
من جي آزادي تان اسير ٿي ڏس
خودي جي لذت آشنائي جو لطف
تدبير سان مالڪِ تقدير ٿي ڏس
طالب مطلوب، مطلوب طالب
هن خواب جي تعبير ٿي ڏس
جي، جيءَ ۾ ٿئي جيءَ جو جنم
تپي توحيد جي تفسير ٿي ڏس
تون منجان مان ، مان منجهان تون
تون ۽ مان ۾ بغلغير ٿي ڏس
لوڪ لهي لنهنواري تون اڀر اوڀاري
بادشاه سان بغاوت ۾ بينظير ٿي ڏس
ڏڏل کي ڏنيون ڳجهارتون سالڪن
سمجهڻ لاء انهن جو سفير ٿي ڏس
ڪڏهن تون باضمير ٿي ڏس
تن آزاد تنهنجو من گرفتار آهي
من جي آزادي تان اسير ٿي ڏس
خودي جي لذت آشنائي جو لطف
تدبير سان مالڪِ تقدير ٿي ڏس
طالب مطلوب، مطلوب طالب
هن خواب جي تعبير ٿي ڏس
جي، جيءَ ۾ ٿئي جيءَ جو جنم
تپي توحيد جي تفسير ٿي ڏس
تون منجان مان ، مان منجهان تون
تون ۽ مان ۾ بغلغير ٿي ڏس
لوڪ لهي لنهنواري تون اڀر اوڀاري
بادشاه سان بغاوت ۾ بينظير ٿي ڏس
ڏڏل کي ڏنيون ڳجهارتون سالڪن
سمجهڻ لاء انهن جو سفير ٿي ڏس