سوين گاڏين جي حفاظت ۾ هلڻ وارا

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
سوين گاڏين جي حفاظت ۾ هلڻ وارا


ڀڀڪيون ڏئي چوي ٿو ناهيون اسان ڊڄڻ وارا
ڪوڙ ٿو ڳالهائين سوين گاڏين جي حفاظت ۾ هلڻ وارا

ڪڏهن بنان پروٽوڪو جي ٻاهر ته نڪري ڏيکار
ٻين جي موت تي بهادري جو نعرو هڻڻ وارا

نه حيا تنهنجي اک ۾ نه شرم جو سُرمو تو پاتو
ان جا سڀ جا ذُميدار آهيواي حڪومت ڪرڻ وارا

ڪڏهن تو سوچيو آهي تو کي ڇو ننڊ ناهي ايندي
بي ضميري جي سزا ۾ گوريون کائي سمهڻ وارا

تون قاتل آهين هر هڪ پٽ، ڀاءُ ۽ پي جو قاتل آهين
ڏاڏل هي سڀ حساب گهرندا بيگناه ڪُسڻ وارا
 
Back
Top